|
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ باڊهه واسي نوجوان سميت 3 ڄڻا قتل ڪراچي (بيورو رپورٽ)ڪراچي جي مختلف علائقن مبينا ٽائون، سهراب ڳوٺ ۽ شيرشاهه ۾ ڪالهه باڊهه واسي نوجوان سميت 3 ڄڻن کي هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب گلشن اقبال جي مبينا ٽائون واري علائقي سفاري پارڪ ويجهو هٿياربندن باڊهه واسي نوجوان 18 سالن جي عرفان ولد محبت خان جلباڻي کي ان وقت گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد مڇر ڪالوني ۾ ملزم فائرنگ ڪري 38 سالن جي غلام سخي ولد محمد سخي کي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن شيرشاهه ٿاڻي جي حد لياري ايڪسپريس وي ويجهو 42 سالن جي فريد خان ولد سعيد احمد خان کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن شاهراهه فيصل جي علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن عالم خان ۽ محمد حسين کي زخمي ڪري ڇڏيو. |
|
The Kawish Group of
Publication |