|
ٽنڊي محمد خان ڀرسان ڀت ڊهڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا دٻجي فوت
ٽنڊو محمد خان (ن ڪ)ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ ناگو شاهه جا رهواسي 2 معصوم ٻارڙا گهر جي
ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا، خبر موجب ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ
ناگو شاهه ۾ پنهنجي گهر جي اڳيان راند ڪرڻ دوران ٻه معصوم ٻارڙا 5 سالن جو نويد
ولد هادي بخش کوسو ۽ 7 سالن جو ساجد ولد علي محمد کوسو گهر جي ڀت ڪرڻ جي ڪري ڀت جي
هيٺان اچي دٻجي ويا، کين نازڪ حالت ۾ ڳوٺ مان ٽنڊو محمد خان جي اسپتال ۾ موڪلڻ کان
اڳ ئي ٻئي معصوم ٻارڙا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، فوتي ٻارڙا پاڻ ۾ سڳا
سئوٽ هئا، 6 مهينا اڳ برساتن جي ڪري سندن گهر جي ڀت زبون هئڻ ڪري اوچتو ڌماڪي سان
ڪرڻ سبب واقعو پيش آيو آهي، معصوم ٻارڙن جي درد ناڪ واقعي سبب ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو
آهي، ٻنهي معصوم ٻارڙن کي سندس ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ اڄ مٽي ماءٌ حوالي ڪيو
ويندو.
|