|
نذير مغل جي واپسي واري اطلاع بعد مادر علمي ۾ پڙهائي ٻيهر متاثر
ڪنهن به هٽايو ناهي، موڪل پوري ٿيڻ تي واپس اچي انتظام سنڀاليندس: نذير مغل ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نظير اي مغل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي دل ۽ منهنجي به دل آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ ڪوشان آهيان، مون کي ڪنهن به هٽايو ناهي پر هڪ هفتي جي موڪل تي آهيان موڪل پوري ٿيڻ کانپوءِ بدستور يونيورسٽي جا انتظام سنڀاليندس، سنڌ يونيورسٽي جا نوجوان استاد جذباتي آهن، جنهن جي لاءِ ڪجھھ به نه ڳالهائيندس، باقي يونيورسٽي ۾ امن ۽ تدريس جي بحالي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪري رهيو آهيان، جنهن بابت حڪومت کي سڀ ڄاڻ آهي، ٻي طرف سنڌ يونيورسٽي جي پڌرائي موجب سنڌيونيورسٽي جي ملازمن جي رهائشي سوسائٽي ۾ ٽئين فيز ۾ رهائشي پلاٽ ڏيڻ ۽ استادن کي هارڊشپ تحت پروموشن ڏيڻ جا معاملا وائيس چانسلرس ڪاميٽي ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌيونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير اي مغل جمع ڏينهن ٻئي معاملا سنڌ جي گورنر ۽ سنڌيونيورسٽي جي چانسلر کي پيش ڪيا ۽ کيس رهائشي پلاٽ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ملازمن ۽ هارڊ شپ تحت پروموشن جو انتظار ڪندڙ استادن جي مسئلن کان آگاهي ڏني، سنڌ جي گورنر هائوس ان موقعي تي ٻنهي معاملن کي وائيس چانسلرس ڪاميٽي ۾ آڻي حل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. سوٽا ۽ سيوا پاران احتجاج جاري رکڻ ۽ اربع تي تالابندي جو اعلان ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد يونين سوٽا ۽ ملازم يونين سيوا پاران وائيس چانسلر نذير مغل کي هٽائڻ ۽ سندس خلاف جاچ ڪرائڻ سميت سمورن مطالبن جي مڃتا لاءِ گڏيل طور تي اثرائتي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرز ڪلب ۾ سوٽا جي صدر ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاهه ۽ سيوا جي صدر غلام نبي ڀلائي جي صدارت هيٺ ٻنهي تنظيمن جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ استاد اڳواڻن ڊاڪٽر عرفانا ملاح، پروفيسر بدر سومرو، ڊاڪٽر رابيعه ميمڻ، امر سنڌو، اسحاق سميجو، اصغر برفت، ملازم اڳواڻن الهوڌايو سهتو، عبداللطيف لغاري، محمد علي گهانگهرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اربع ڏينهن وي سي نذير مغل واپس چارج وٺڻ وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪئمپس ۾ استادن پاران تدريسي عمل بند رکيو ويندو، انتظامي ۽ تدريسي شعبن ۾ ملازم ڪم ڇڏهڙتال ڪندا، يونيورسٽي ۾ سوين استادن ۽ هزارين ملازمن پاران اثرائتي طور تي احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا ۽ علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، سومر ۽ اڱاري ڏينهن تي احتجاجي ريليون ڪڍي سنڌالاجي جي سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته يونيورسٽي ۾ وي سي نذير مغل جي واپسي واري ڏينهن اربع تي يونيورسٽي ۾ مڪمل طور تي تالابندي ڪري سوين استادن ۽ هزارين ملازمن سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڄامشوري ڪئمپس کان حيدرآباد اولڊ ڪئمپس تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو، جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ سوٽا ۽ سيوا جي اڳواڻن چيو ته تعليم واري وزير پير مظهر الحق يونيورسٽي هڪ مهيني تائين بند هجڻ، ڪئمپس اندر هٿياربندن هٿان پروفيسر بشير چنڙ جي قتل ٿيڻ واري واقعي يا استادن ۽ ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ هلايل احتجاجي تحريڪ تي ڪوبه نوٽيس نه ورتو پر ڪرپٽ وي سي کي هٽائڻ جو فيصلو ٿيو ته استادن خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ سان گڏ ڪرپٽ وي سي کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي، جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته گورنر هائوس ۽ وزير تعليم يونيورسٽي کي غير محفوظ بڻائي ٻيهر ڪئمپس جا در بند ڪرائڻ چاهين ٿا، وي سي نذير مغل سميت انتطامي عهدن تي ويٺل سمورن رٽائرڊ ڪامورن کي هٽائڻ وارو فيصلو اداري جي عظيم مفادن تي ٻڌل آهي، ان معاملي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي اديبن ، ڏاهن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن سان رابطا ڪري حيدرآباد اولڊ ڪئمپس تائين پيادل لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي، جڏهن ته هلايل تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ ۽ وڌيڪ لائحه عمل جوڙڻ لاءِ سوٽا ۽ سيوا اڳواڻ اڄ ٽيچرز ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندا . |
|
The Kawish Group of
Publication |