سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪوٽڏيجي لڳ فوتي ٻوڏ ستايل نيڪ مرد جو لاش رکي ڌرڻو، باهيون

ڪوٽڏيجي(ن ڪ) ڪوٽڏيجي ويجهو جسڪاڻي واري ڪئمپ هاءِ اسڪول ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن فوت ٿي ويل جيڪب آباد واسي ميرالي برادري جي نيڪ مرد ميوو خان ميرالي جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي فوتي جي ڀاءُ مير محمد جو چوڻ هو ته ميوو خان جو موت بک وگهي ٿيو آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کان کاڌو نٿو ملي، ڪابه سهولت نه آهي، سرڪار ته گهڻو ڪجهه اسان لاءِ موڪلي ٿي پر  اسان کان وڌيڪ متاثر ڪامورا آهن، ٻئي طرف جسڪاڻي ڪئمپ جي متاثرن علي محمد رند، علي حسن رند ۽ هيبت ٻڌايو ته جسڪاڻي ڪئمپ تي ويلا ڪاٽڻ سبب شعبان لاکو ۽ جهنگل جي گهر واري فوت ٿي چڪا آهن، محمد ابراهيم بليدي جو چوڻ هو ته اسان  سان گڏ ويٺل متاثر غلام شبير ميرالي جي 4 سالن جي ريشمان ۽ محمد ميرالي معصوم نياڻي خورشيدان کير ۽ ٻي خوراڪ نه ملڻ ڪري فوت ٿي چڪيون آهن، کاڌي جي گهر ڪريون ٿا ته تڙيون ٿيون ملن، احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ نذير احمد، حاجي مراد علي گولو، محبت خان، سڌير، نور محمد، حاجي سوڀو، علي محمد ۽ ٻيا شامل هئا، ٻئي طرف فوتي ميوو خان جو لاش سندس وارث ايڌي ايمبولنس ذريعي کڻائي مصري شاهه ۾ دفنايو ڇاڪاڻ ته سندن علائقو پاڻي هيٺ آهي. 

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com