ڪراچي تي قبضو ڪرڻ لاءِ بيگناهه ماڻهن

کي گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي:اياز لطيف

حيدرآباد/جهڏو/ڊگهڙي (پ ر/نمائندن وٽان) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ۽ ناليواري قانوندان اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان قتل ڪيل اڪبر بگٽي جي پوٽي ۽ بلوچستان جي ايم پي اي مير بختيار خان ڊومڪي جي گهر واري سندس ڌيءَ ۽ ڊرائيور جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ سنڌين، بلوچن ۽ پختونن کي ٽارگيٽ بڻائي سرِعام قتل ڪيو پيو وڃي. حڪمرانن کي سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جي خون جو حساب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته سنڌ هميشه امن ۽ محبت جي ڌرتي رهي آهي، پر عالمي سامراج ۽ ان جي دلالن دهشتگردن کي سنڌ مٿان مڙهي ڌرتي ڌڻين جي خون جون نديون وهايون آهن. ڪراچي تي قبضو ڪرڻ لاءِ بي گناهه ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي. 12 مئي، 18 آڪٽوبر، 9 اپريل ۽  10 محرم جي واقعن ۾ ملوث دهشتگردن کي ڇوٽ ڏيڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي جو امن امان تباهه آهي. اياز لطيف پليجي ميرپور خاص جي سماجي شخصيت زاهده ڏيٿو جي گهر ۾ ڌاڙي جي مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي فورن گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي طرف عوامي تحريڪ طرفان 21 فيبروري تي قاسم آباد ۾ اعلانيل عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي جي 82 هين سالگرهه ۽ جلسي عام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سردار انور سومرو، عبدالقادر رانٽو، روشن برهماڻي، ذوالفقار مري، دوست علي ڪٽوهر، علي نواز ڏاهري ۽ لطيف ڏاهري ضلعي سانگهڙ جو دورو ڪري ضلعي جي مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون. جلسي عام جي تيارين جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس شهدادپور ۾ ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻن خصوصي شرڪت ڪئي. هوڏانهن جهڏي ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول جهڏو جي شاگردن ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران ليکراج ڀيل، ساڌو رام ڪولهي ۽ آصف آرائين جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ پاران امتحاني فيون وڌائڻ، سرڪاري تعليمي ادارن جي شاگردن کي گهٽ مارڪون ڏيڻ ۽ شاگردن جي رزلٽ روڪڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊگهڙي ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جي ڪارڪنن پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان محمد بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مزدورن جي اهم مسئلن جي حل لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com