|
سنڌ جي ريگستاني ضلعي ٿرپارڪر جي 15 لک آبادي 10 ڏينهن کان مٺي پاڻي کان محروم، آر او پلانٽ بدستور بند ڇاڇرو/مٺي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ايرڊ زون ۾ شامل ضلعي ٿرپارڪر جي 15 لک کان وڌيڪ آبادي گذريل 10 ڏينهن کان کاري پاڻي کي مٺو ڪندڙ 5 آر او پلانٽن جي بجلي ڪٽيل هجڻ توڙي آبپاشي کاتي پاران سالياني بندي جي نالي ۾ رڻ شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌو جو پاڻي پائيپ لائينن ذريعي پهچي نه سگهڻ سبب پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مٺي، ڇاڇرو، ڪانٽيو ۽ اسلام ڪوٽ سميت ننڍن ڳوٺن جي رهواسين کي درپيش هن ڏکيائي کي حل ڪرڻ لاءِ ٿرپارڪر ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن نوٽيس ناهي ورتو، ان ڏس ۾ مٺي مان کاٽائو جاني موجب سکر بئراج جي بندي 6 جنوري تي ختم ٿيڻ باوجود سيڊا اختيارين جي نااهلي سبب نارا ڪئنال ۾ هڪ مهينو ليٽ سان پهرين فيبروري کان سکر بئراج وٽ پاڻي کنيو ويو آهي، جيڪو رڻ شاخ ۾ 10 فيبروري کان اڳ پهچڻ ممڪن ناهي، سيڊا وارن جي ”مهربانين“ سبب نئون ڪوٽ مان ڇڪيل پائيپ لائين مان پاڻي حاصل ڪندڙ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ڀرپاسي جي ڳوٺن جا 2 لک کان وڌيڪ شهري 2 مهينن کان ڏچي هيٺ آهن، هوڏانهن ڇاڇري مان رمضان نهڙي موجب ٿر ڪول پراجيڪٽ جي اختيارين پاران 5 مهينن کان حيسڪو جون بجلي جون پوڻا 2 ڪروڙن جون رهتون نه ڏيڻ سبب ڇاڇرو، ڪانٽيو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ لڳل 5 آر او پلانٽ 10 ڏينهن کان بند پيل آهن، شهري ۽ واپاري اڳواڻن ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته اها 15 لک ٿر واسين جي رحم جوڳي حالت تي رحم کائي رڳو پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي. |
|
The Kawish Group of
Publication |