|
20 هين ترميم ذريعي سنڌ کي ٽوڙڻ جو منصوبو جوڙيو ويو
آهي:جلال شاهه
دادو/جوهي (نمائندن وٽان) سنڌ يونائيٽيد پارٽيءَ جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه
چيو آهي ته مسرور احمد جتوئي سميت 50 ميمبرن جي صحيح سان پيش
ڪيل رٿ سنڌ اسيمبليءَ جو حصو ئي ناهي بڻائي وئي، ڪاميٽي ٺڳي ۽ ڌوکي کانسواءِ ڪجهه
ناهي ۽ اسپيڪر اسيمبليءَ کي وڏيري جي اوطاق ڪري هلائي ٿو، حڪمران ڪريل حرڪتن کان
باز نه آيا ته تحريڪ جو دائرو ملڪي سطح تي وڌايو ويندو، اهڙو اظهار هن دادو بار کي
خطاب بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، جلال شاهه چيو ته جيالا اقتدار جو ننڍڙو
وقت وڌائڻ جي لالچ ۾ جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ جيان سنڌ جو سودو ڪرڻ چاهين ٿا پر هو
خبردار ٿين سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ڪندو، هزار اختلاف هوندي به سمورا قومپرست گڏ
آهيون قومي سجاڳي ذريعي تبديلي آڻڻي پوندي ان موقعي تي روشن ٻرڙو،شفيع ڪرناڻي،امير
ٿيٻو،مولا بخش لغاري،احمد خان ملڪاڻي،نياز پنهور، ۽ ٻين خطاب ڪيو،
هوڏانهن جلال محمود شاهه جوهي ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي
ماڻهن جي ڏنل مينڊيٽ جي توهين ڪري عوام سان ويساهه گهاتي ڪري پئي، هاڻ 20 هين ترميم
ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ جو عوام حقيقي
وارث هجڻ جي ناتي انچ انچ جي حفاظت ڪندو، عوامي مينڊيٽ جو حق پيپلز پارٽي وڃائي چڪي
آهي، سنڌ جي تبديلي لاءِ هڙتالن ۽ ڌرڻن سان گڏ ووٽ بهترين آپشن آهي، اهڙن ماڻهن کي
چونڊيو وڃي جيڪي ڌرتي جو حق ادا ڪن، هن وقت چونڊيل نمائنده ڦرلٽ ڪري ڏوهارين
سرگرمين ۾ شامل ٿي ويا آهن، جوهي جو عوام جيئن ٻوڏ جهڙي مصيبت کي شڪست ڏني ايندڙ
اليڪشن ۾ به ووٽ جو صحيح استعمال ڪري ڪرپٽ حڪمرانن کي شڪست ڏينداسين، ان موقعي تي
ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته پيپلز پارٽي ووٽ وٺڻ بعد ووٽرن سان دوکو ڪيو آهي،
ايم پي اي ۽ ايم اين اي چون ٿا ته ووٽ بينظير ڀٽو کي مليا ته اهي ٻڌائين ته ڪرپشن
جون عياشيون ڪنهن جي نالي تي ڪري رهيا آهن، شفيع ڪرناڻي چيو ته موجوده حڪومت مخصوص
ٽولي وٽ يرغمال ٿي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ تي ڪم ڪري پئي، اهڙو دوکو ڪوبه غيرت مند
پٽ برداشت نه ڪندو ۽ جڏهن هاڻوڪا حڪمران ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ ويندا ته کين آئينو
نطر ايندو، ان موقعي تي نياز پنهور ۽ غلام قادر لغاري سميت مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو،
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي آرگنائيزر بالاچ خان بنگلاڻي، جمال راڄپر،
بابر ڪماريو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گورنر سنڌ يونيورسٽي ۾ روز بائيڪاٽ ۽ تدريسي
عمل بند ڪرائي سنڌي شاگردن کي ٻين ڪئمپس ڏانهن موڪلڻ چاهي ٿو، يونيورسٽي هڪ ڏينهن
به بند ٿي ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين، استادن کي اپيل آهي ته شاگردن جي تعليم کي
تباهه نه ڪيو وڃي.
|