|
18 مارچ تي لکين سنڌي ملين مارچ ڪري
دنيا کي آجپي وارو پيغام
ڏيندا:صفدر سرڪي
ڪراچي/سکر/نوابشاهه (بيورو رپورٽ/ن ڪ)جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر ڊاڪٽر صفدر سرڪي چيو
آهي ته 18 مارچ تي لکين سنڌي ڪراچي ۾ ملين مارچ ڪري ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ اعلان ڪندا
۽ دنيا کي ٻڌائيندا ته سنڌ هڪ قديم ۽ عظيم ورثي جي مالڪ ڌرتي آهي، جنهن کي گذريل 63
سالن کان معاشي، سياسي ۽ سماجي توڙي جاگرافيائي طور غلام بڻايو ويو آهي. 18 مارچ
تي سنڌ جي مستقبل بابت اهم اعلان پڻ ڪيو ويندو. ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس
ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن چيو ته 2 هزار ارب رپين کان مٿي
ساليانو ڪمائيندڙ سنڌ جا ٻچا اڄ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب پريشان آهن، هاڻي ته
ٻين ملڪن ۽ ٻين صوبن مان آيل ماڻهو اڄ سنڌ کي ورهائڻ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ قانوني
۽ آئيني سهارا وٺڻ وارين سازشن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ رڌل آهن.هن وڌيڪ چيو ته ڌارين
جي آبادڪاري، معدني ذخيرن ۽ بندرگاهن تي قبضن کانپوءِ 1940ع واري قرارداد بي معنيٰ
ٿي چڪي آهي ۽ 73ع جو آئين قومي تشخص جو انڪاري آهي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته
1940ع واري قرارداد 1973ع وارو آئين ۽ پارليامينٽ سنڌين ۽ بلوچن کي انهن جا تاريخي،
قومي، سياسي ۽ اقتصادي حق نٿا ڏئي سگهن. جيئي سنڌ تحريڪ سنڌ جي آجپي لاءِ 18 مارچ
آچر جي ڏينهن ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ڪري مهذب ۽ گڏيل قومن عالمي ضمير کي پنهنجي آجپي
وارو پيغام پهچائيندا. هن عوام کي اپيل ڪئي ته وڌ کان وڌ شرڪت ڪري سنڌ جي آجپي واري
تحريڪ کي ڪامياب بڻائين، هوڏانهن سکر ۾ جست پاران عيدن جاگيراڻي، نعيم ميمڻ، شعيب
ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا خلاف احتجاجي
مظاهرو ڪيو ويو، هنن چيو ته ڪاليج انتظاميا جون شاگردن سان زيادتيون وڌي ويون آهن،
هوڏانهن جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي شهيد بينظير آباد پاران ڪارڪنن کي گم ڪرڻ ۽ تعليمي
ڍانچي کي تباهه ڪرڻ واري عمل خلاف سڪرنڊ روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي
مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال
ڪئي وئي، بک هڙتال تي ضلعي صدر رفيق ملاح، شهباز کوکر، داد شاهه بروهي، وقار ملاح،
اظهر سومرو، اختر مغيري ۽ ٻيا ڪارڪن ويٺا، جتي ذڪر ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خطاب ڪندي
چيو ته رياست ڏاڍ ۽ جبر ذريعي اسان کي هٽائي نه ٿي سگهي، ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو
ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
|