ٽنڊومستي ڀرسان گهر تي حملو، نوجوان ۽ سندس

 مامي ڪارنهن الزام ۾ قتل، ڏاڏي ۽ پوٽو زخمي

خيرپور (ن ڪ) ٽنڊو مستي ڀرسان هٿياربندن جو گهر تي حملو، نوجوان ۽ سندس مامي ڪارنهن الزام هيٺ قتل، ڏاڏي ۽ پوٽو زخمي، ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لانگاهه ۾ ڇنڇر واري رات دير سان 5 هٿياربندن بدنام ڏوهاري بيگو مري جي گهر تي چڙهائي ڪري 22 ورهين جي نوجوان محمد بخش مري ولد ممتاز علي مري ۽ سندس مامي 35 سالن جي مسمات حرمت خاتون کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ ڏوهاري بيگو مري جي پيرسن ماءُ مسمات رحيمان مري ۽ 5 ورهين جو پٽ گلشير مري زخمي ٿي پيا، ڪارروائي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، ٽنڊو مستي پوليس ٻئي لاش سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، زخمي ڏاڏي ۽ پوٽي کي به علاج لاءِ اسپتال آندو ويو، معلوم ٿيو آهي ته ڏوهاري بيگو مري جي گهر تي سندس ڀائٽيي محمد عالم مري 4 ساٿين سان گڏجي ڪاهه ڪري حرمت خاتون ۽ محمد بخش مري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com