|
ٿرڙي محبت لڳ پ پ اڳواڻ جي ڀاڄائي پراسرار نموني قتل، گهر مان گوليون لڳل لاش مليو راڌڻ (ن ڪ) راڌڻ ڀرسان پ پ اڳواڻ جي ڀاڄائي پراسرار نموني قتل، سندس گهر مان گوليون لڳل لاش مليو، ڪيس داخل نه ٿيو، تفصيل موجب ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ بوٿرو ۾ اڳوڻي يوسي ناظم ۽ پ پ اڳواڻ گلزار ڏهر جي ڀاڄائي 40 سالن جي بيگم ڏهر پراسرار نموني سان قتل ٿي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش راڌڻ جي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ذريعن موجب ٿرڙي محبت پوليس اڳوڻي يوسي ناظم گلزار ڏهر جي مخالف ڌر جي صفدر ڏهر کي گرفتار ڪري پڇا ڳڇا ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو، جڏهن ته رات تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، هوڏانهن ايم پي اي فياض ٻٽ پڻ مقتول ناري جي تڏي تي پهچي وارثن سان همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي، رابطو ڪرڻ تي يوسي بوٿرو جي اڳوڻي ناظم پ پ اڳواڻ گلزار ڏهر ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان جي پنهنجي برادري جي ماڻهن سان خوني تڪرار آهي ۽ اسان مردن جي گهر ۾ موجود نه هجڻ دوران 5 هٿياربندن حملو ڪري گوليون هڻي منهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪيو، هن چيو ته حملو ڪندڙ هٿياربندن مان هڪ کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي، ٻئي طرف ابتدائي طور الزام هيٺ آيل صفدر ڏهر جي چاچي منٺار ڏهرشام جي وقت ڪاوش کي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل منهنجي ڀائٽيي صفدر ڏهر کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن رابطي تي ايس ايڇ او ٿرڙي محبت ڪاوش کي ٻڌايو ته صورتحال منجهيل آهي ۽ اسان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. |
|
The Kawish Group of
Publication |