ٺل واسي منوج بازياب نه ٿيو، احتجاجي مظاهرا، هڪ ڄڻي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

ٺل (ن ڪ) ٺل مان اغوا ٿيل نينگر 4 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو، ڌرڻا،  ٽائرن کي باهيون، روڊ بلاڪ، هڪ نوجوان پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، خبر موجب ٺل جي هندو محلي مان اغوا ٿيل 8 سالن جو معصوم ٻارڙو منوج ڪمار پٽ سنيل ڪمار کي پوليس چار ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن سبب وارثن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي، نينگر جي اغوا جو ڪيس به ٺل ٿاڻي تي داخل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن نينگر جي عدم بازيابي تي ٽائون ڪاميٽي کان ذوالفقار سرڪي، رميش لال، مولانا علي حسن ٻرڙو، مکي بخشو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين مختلف رستن تان مارچ ڪرڻ بعد ٺل جي رهبر چوڪ ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻا هڻي  ٽائرن کي باهيون ڏنيون جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو، هلندڙ احتجاج  دوران نوجوان نور احمد سرڪي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن تي اتي موجود شهرين کيس  بچائي ورتو ۽ انهي باوجود نوجوان جو 15 سيڪڙو جسم باهه سبب متاثر ٿيو، اڳواڻن چيو ته  نينگر اغوا ٿي ويو آهي پر انتظاميا ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، انتظاميا نينگر جي اغوا کي ڊرامو سمجهي رهي آهي، هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد کانپوءِ ٺل ۾ ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي پر پوليس وارثن سان نه ملي ٿي نه وري هنن جي ڪا مدد ڪري رهي آهي، هنن  چيو ته ٺل جي تاريخ ۾ ٻارڙي جو اغوا هڪ نئون ڏوهه آهي، جيڪڏهن انتظاميا اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، هنن چيو ته اسان جو احتجاج جاري رهندو، جيڪڏهن نينگر کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته ٺل شهر سميت علائقي جي ٻين شهرن ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو، هوڏانهن شهرين جي احتجاج بعد ايس پي جيڪب آباد ظفر الله ڌاريجو مغوي نينگر جي گهر پهچي وارثن کان معلومات ورتي. 

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com