چونڊڪو ڀرسان باهه لڳڻ سبب 5 گهر مڪمل طور سڙي ويا،نينگر زخمي

چونڊڪو(ن ڪ) چونڊڪو لڳ باهه 6 گهرن کي وڪوڙي ورتو، الهه تلهه سڙي ويو، نينگر زخمي، چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ بادل فقير ڀنڀرو ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ ڪري 5 پورهيت عيسيٰ خان، پانڌي خان، غمٺار، صدام حسين ۽ غلام حيدر بگٽي جا گهر مڪمل طورسڙي ويا، جڏهن ته 6 ورهين جو حاجي بگٽي سڙي زخمي ٿي پيو، باهه سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com