خانپور جي ٽيڪسي ڊرائيورجي بازيابي لاءِ پيادل مارچ، ڌرڻو

خانپور (ن ڪ) خانپور جو ٽيڪسي ڊرائيور بازياب نه ٿيو، مغوي ڊرائيور جي بازيابي لاءِ بروهي برادري جي ماڻهن جو 5 ڪلوميٽر پيرين پنڌ مارچ، نعريبازي، ڌرڻو،  رپورٽ موجب خانپور جي ڳوٺ حاجي خواستي جو رهواسي اغوا ٿي ويل ٽيڪسي ڊرائيور مظهر بروهي کي 22 ڏينهن گذرڻ باوجود شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، آل پاڪستان بروهي ايسوسيئيشن جي بروهي برادري جي ماڻهن حاجي خواستي کان احتجاجي ريلي ڪڍي 5 ڪلوميٽر پيرين پنڌ مارچ ڪري شڪارپور شهر جي لکي در وٽ پهچي ڌرڻو هنيو، جتي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ايڊووڪيٽ محمد اعظم بروهي، محمد نواز، ايڊووڪيٽ عبدالنبي بروهي، ڊاڪٽرعلي احمد شاد، ايڊووڪيٽ  غلام مصطفيٰ ۽ ٻين چيو ته شڪارپور ضلعي اندر بدامني عروج تي آهي،  پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، هنن گهر ڪئي ته ٽيڪسي ڊرائيور کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور بروهي برادري پاران حاجي خواستي اسٽاپ تي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، بروهي برادري جي اڳواڻن ايس ايس پي کي 3  ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته 7 فيبروري تائين مغوي بازياب نه ٿيو ته اسين ٻيهر احتجاجن روڊن تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com