سکر واسي 2 بئنڪ مئنيجر اغوا ڪندڙ ٽولو ظاهر، ڇاپا، 5 سوگها

سکر/روهڙي (نمائندن وٽان) سکر کان 9 جنوري تي ڊيوٽي لاءِ گهوٽڪي ويندي اغوا ٿيل 2  بئنڪ مئنيجر رئيس احمد خان ۽ اقبال احمد شيخ کي پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي. جڏهن ته بئنڪ مئنيجر جي اغوا بعد، اغوا جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل خيرپور پوليس جي هڪ اهلڪار عرفان ڪورائي، کان جاچ کانپوءِ گهوٽڪي ۽ سکر پوليس کي گڏيل واردات ۾ ملوث اصل ڏوهارين جي گينگ (ٽولي) جو پتو پئجي ويو آهي، جنهن بعد گذريل ڏينهن، گهوٽڪي، روهڙي جي ڊي ايس پيز جي اڳواڻي ۾وڏن پوليس اٽالن بڪتر بند گاڏين سان گڏ صالح پٽ لڳ چڙهائي ڪري هڪ بااثر شخصيت جي زمين تان سندس ڪجهه هارين کي حراست ۾ ورتو، صبح کان رات دير تائين پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ويٺل رهي ۽ رات دير سان اهم شخصيت جي مداخلت تي گرفتار ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪري، ڪڙو ختم ڪيو ويو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن بئنڪ مئنيجر جي اغوا ۾ ملوث ڌاڙيلن رات جو صالح پٽ لڳ ترسڻ بعد اتان اٿي واردات ڪئي ۽ ٻيهر اچي ساڳئي هنڌ ويهي رهيا، اهي يرغمالين ٻئي علائقي ۾رکي ڊيل ڪندا رهيا، پوليس جيتوڻيڪ ڇاپن جو سلسلو تيز ڪندي ڪيترائي ماڻهو ۽ ڌاڙيلن جون عورتون گرفتار ڪري گم ڪيون آهن پوءِ به پوليس کي ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير شيخ، ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه، بئنڪ مئنيجرن جي بازيابي جي سلسلي ۾ صالح پٽ لڳ ڪيل چڙهائي، گرفتارين توڙي ٻي اهم اڳڀرائي بابت تبصري کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل ميمڻ ڪاوش کي رڳو ايترو ٻڌايو ته ٻنهي بئنڪ مئنيجرن جي اغوا ۾ ملوث ٽولي، انهن جي پلاننگ ۽ واردات واري علائقي جو پتو پئجي ويو آهي، ڪجهه گرفتاريون به ڪيون ويون آهن، هن چيو ته صالح پٽ لڳ به بئنڪ مئنيجر جي اغوا ۾ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي وئي هئي، ثاقب اسماعيل ميمڻ چيو ته ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي اسان يرغمالين جي بازيابي کان اڳ ميڊيا کي ٻڌائي نه ٿا سگهون. هوڏانهن روهڙي واري عيوضي موجب سکر ۽ گهوٽڪي پوليس جي اٽالن صالح پٽ لڳ ڳوٺ جنوجي، لولي ٽڪري تي ڇاپا هڻي 5 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، هوڏانهن ايس ايڇ او جنوجي وحيد ڀٽو جو چوڻ هو ته بئنڪ مئنيجرن کي اغوا ڪندڙن موبائيل فون تي ڳالهائڻ دوران جنوجي وارو موبائيل ٽاور استعمال ڪيو هو، جنهن تي اها ڪارروائي ڪئي وئي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com