|
شاهد آفريدي سلمان بٽ، آصف ۽ عامر پاران معافي گهري ورتي ڪارڊف (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ون ڊي ۽ ٽوئنٽي-20 ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل تي ڪرڪيٽ جي مداحن ۽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن کان معافي گهري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته ٽيم کي ان معاملي تي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو آهي، ڪارڊف ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته آئون سلمان بٽ، محمد آصف ۽ محمد عامر پاران سمورن ڪرڪيٽ جي مداحن ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ وارن ملڪن کان معافي گهران ٿو، شاهد آفريدي چيو ته انگلينڊ خلاف ٽوئنٽي-20 ۽ ون ڊي ميچن ۾ قيادت منهنجي لاءِ وڏو چئلينج آهي، هن چيو ته ڪوچ وقار يونس ۽ مون رانديگرن کي چيو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ بابت نه ڳالهايو ڇو ته اهو اسان جو ڪم نه آهي، اسين هتي صرف ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ آيا آهيون، مظهر مجيد بابت شاهد آفريدي چيو ته هو آسٽريليا جي دوري ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٽوئنٽي-20 ورلڊ ڪپ دوران ڪجهه رانديگرن سان گڏ هو، مون کيس ٽوئرز تي ڏٺو آهي پر هن بابت مون کي ڪا به خبر ناهي، شاهد آفريدي چيو ته پاڪستاني عوام ان واقعي تي مايوس آهي پر اسين سڀ ڪرڪيٽ سان محبت ڪيون ٿا. |
|
The Kawish Group of
Publication |