ڪاوش اسپورٽس |
|
ٽنڊو الهيار: ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٽاسڪو ڪرڪيٽ ڪلب لکي کي ٽنڊو الهيار ٽيم هٿان شڪست ٽنڊو الهيار (ن ڪ) ڳوٺ علي غلام دل ۾ اميد علي دل پاران شهيد لکي محمد دل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٽنڊو الهيار جي ٽيم ٽاسڪو ڪرڪيٽ ڪلب لکي کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتي، فاتح ٽيم کي اميد علي دل ۽ محمد امين جوڻيجو ٽاسڪو جي ڪئپٽن شوڪت قائمخاني کي ٽرافي ڏني، جڏهن ته مين آف دي ميچ شاهه جهان ميرجت ۽ مين آف دي سيريز شهزاد احمد دل کي ڏنا ويا، گذريل هڪ مهيني کان هلندڙ ٽورنامينٽ ۾ ٽنڊو الهيار ۽ ميرپور خاص جي 16 ٽيمن حصو ورتو. |