|
انگلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽوئنٽي-20 ميچن لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، وهاب رياض، اعزاز ۽ عمران فرحت ڊراپ دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر محمد الياس قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي انتظاميا سان صلاح مشوري بعد انگلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽوئنٽي-20 ميچن لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جي چونڊ ڪري ورتي، ميڊيا رپورٽس موجب موجوده ٽيم مان وهاب رياض، اعزاز چيما ۽ عمران فرحت ڊراپ ٿي ويندا، محدود اوورن جي ميچن لاءِ پاڪستان کان شاهد آفريدي، شعيب ملڪ، محمد خليل، سهيل تنوير ۽ راولپنڊي سان تعلق رکندڙ اويس ضياءُ ٽيم کي جوائن ڪندا، اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن ۾ محمد حفيظ، يونس خان، اسد شفيق، مصباح الحق، عمر اڪمل، اويس ضياءُ، شاهد آفريدي، عمر گل، سعيد اجمل، شعيب ملڪ، سهيل تنوير، محمد خليل، عبدالرحمان، عدنان اڪمل ۽ جنيد هوندا. |
|
The Kawish Group of
Publication |