|
ڀارت ٻي ٽوئنٽي-20 ميچ ۾ آسٽريليا
کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي
ڇڏي
ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ)
آسٽريليا دوري تي ڀارت کي نيٺ ڪاميابي ملي وئي، ٻي ٽوئنٽي-20 ميچ ۾ ڀارت آسٽريليا
کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز
1-1
تان برابر ڪري ڇڏي، ميلبورن ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي بالرن جي شاندار بالنگ جي ڪري ميزبان ٽيم 19.4 اوورن ۾ 131 رنسون
ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، فنچ 36 ۽ ويڊ 32 رنسن سان نمايان رهيا، هسي 24 رنسون ٺاهيون،
ڀارت طرفان پراوين ڪمار ۽ روهت شرما 2، 2 ۽ وني ڪمار ۽ ويندر جديجا هڪ، هڪ وڪيٽ
ورتي، آسٽريليا جي 132 رنسن جو ٽارگيٽ ڀارت 19.4 اوورن ۾ 2 وڪيٽن تي پورو ڪيو، گوتم
گمڀير 56 ۽ ڪپتان ڌوني 21 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا، اوپننگ بيٽسمين سهواگ 16 بالن
عيوض 2 چوڪن ۽ ڀارتي اننگ جي واحد ڇڪي جي مدد سان 23 رنسون ٺاهيون، کيس شان مارٽس
آئوٽ ڪيو، ويرات ڪوهلي 31 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا طرفان بريڊ هوگ ۽ مچل مارنس هڪ،
هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
|