محمد عامر همدردي جي قابل آهي، مٿس پابندي ختم ڪئي وڃي: وقار يونس

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ وقار يونس نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر سان همدردي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن تي لاڳو 5 سالن جي پابندي ۾ گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي ته ان ۾ ڪو هرج ناهي، وقار يونس چيو ته کيس سلمان بٽ ۽ محمد آصف کان وڌيڪ محمد عامر سان همدردي آهي، دبئي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقار يونس چيو ته محمد عامر جيڪو ڪيو يقينن اهو ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو پر هو پنهنجي ڏوهه جي سزا ڪاٽي چڪو آهي ۽ کيس ٻيهر پنهنجي زندگي مثبت انداز ۾ شروع ڪرڻ جو حق آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس ذهني تربيت ڪئي وڃي، هن چيو ته آئون اهو نٿو چوان ته محمد عامر فرشتو آهي پر ان واقعي سان ٻين کي سٺو سبق ملي چڪو آهي، هن چيو ته آءِ سي سي همدرداڻو عذر ڪري 5 سالن جي پابندي کي گهٽ ڪري ته اهو سٺو هوندو، هن چيو ته محمد عامر جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي تي ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته مونکي خبر ناهي ته هو ٻيهر کيڏڻ جي قابل هوندو، پاڪستاني عوام کيس قبول ڪندي يا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس کيڏائڻ چاهيندو يا نه؟

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com