فاسٽ بالر محمد عامر جا عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جا امڪان

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) فاسٽ بالر محمد عامر برطانوي عدالت مان ته آزاد ٿي ويو آهي پر عالمي ڪرڪيٽ ۾ جلد واپسي بابت پي سي بي جي قانوني صلاحڪار تفضل رضوي جو چوڻ آهي ته هاڻي صرف راندين جي ثالثي جي عالمي عدالت ئي عامر جي پابندي ختم ڪري سگهي ٿي، آءِ سي سي پاران لڳايل پابندي تحت محمد عامر سيپٽمبر 2015ع تائين ڪرڪيٽ نٿو کيڏي سگهي، 17 اپريل 2012ع تي عامر 20 سال ۽ سيپٽمبر 2015ع ۾ 23 سالن جو ٿي ويندو، ان اعتبار سان عامر وٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ ڪافي وقت آهي، تفضل رضوي چيو ته ڪرڪيٽرن تي پابندي آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي ٽريبونل مڙهي هئي ۽ هاڻي هن سزا ۾ گهٽتائي راندين جي ثالثي جي عالمي عدالت ئي ڪري سگهي ٿي. تفضل رضوي چيو ته محمد عامر جي معاملي ۾ پي سي بي ۽ آءِ سي سي وچ ۾ هم آهنگي آهي، محمد عامر جو اينٽي ڪرپشن ڪورٽ تحت تعليمي سيشن ٿيندو ۽ محمد عامر جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي طريقيڪار تحت نگراني ڪئي ويندي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com