|
نيوزيلينڊ پهرين ون ڊي ۾ زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي ڊنيڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ زبابوي کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي زمبابوي کي ميچ کٽڻ لاءِ 249 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، مارٽن گپٽل شاندار 70 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 41.1 اوورن ۾ 158 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي ريت کيس 90 رنسن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، زمبابوي طرفان ٽيلر 58 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ طرفان روب نڪول 5، ڪيل ملز 3 جڏهن ته بريس ويل ۽ ايليس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. |