|
ڏکڻ آفريقا پاڪ-آسٽريليا سيريز لاءِ ميزباني جي آڇ ڪري ڇڏي دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا آگسٽ ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽوئنٽي-20 سيريز لاءِ ميزباني جي آڇ ڪري ڇڏي، پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف موجب وطن واپسي تي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۽ بورڊ جي عهديدارن سان ملاقات بعد آڇ جو جواب ڏينداسين، دبئي ۾ ذڪاءَ اشرف جي آسٽريلوي اختيارين سان ملاقات ۾ هن سال ورلڊ ٽوئنٽي-20 کي نظر ۾ رکندي 20 اوورن جي ميچن جو اضافو ڪيو ويو آهي، سيريز هاڻي 5 ون ڊي ۽ 3 ٽوئنٽي-20 ميچن تي ٻڌل هوندي، آگسٽ ۾ سخت گرمي ۾ رمضان جي ڪري سيريز گڏيل عرب اماراتن ۾ منعقد نه ٿي سگهندي، ڏکڻ آفريقا ۾ سيريز جا خرچ به گهٽ ٿيندا. |