اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل بعد ڪرڪيٽ ۾

بهتري آئي آهي: بلوچستان جو راندين وارو وزير

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) بلوچستان جي راندين واري وزير مير شاهنواز خان مري جو چوڻ آهي ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل بعد ڪرڪيٽ بهتر ٿي آهي، جيڪڏهن ڪرپٽ سياستدانن کي به جيل موڪليو وڃي ته سياست به بهتر ٿي ويندي، نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته قومي ٽيم مسلسل ڪاميابيون ماڻي رهي آهي، هن چيو ته راندين ۾ به بلوچستان کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي.