|
آبپاشي کاتي ۾ وڏين پوسٽن تي واپڊا جا آفيسر قابض آهن
”سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ وڏين پوسٽن تي واپڊا جا آفيسر قابض آهن“، ڪاوش جي پروگرام
عوام آڏو ۾ صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو کان پڇيو ويو ته آبپاشي کاتي ۾ چيف
انجنيئر جون 7 ريگيولر جايون آهن جڏهن ته توهان وٽ 12 چيف انجنيئر ڪم ڪري رهيا آهن،
جن مان 5 چيف انجنيئر جيڪي واپڊا مان آيل آهن کي ريگيولر پوسٽن تي ۽ ٻه جونيئر
آفيسرن کي چيف انجنيئرن جي پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کاتي جي سينيئر ترين
آفيسرن کي عارضي پروجيڪٽن تي چيف انجنيئر طور مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سينيئر
آفيسرن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي، ڇا توهان جي کاتي جا سينيئر آفيسر نااهل آهن جو
توهان واپڊا جي آفيسرن کي مک ريگيولر پوسٽن تي مقرر ڪيو آهي. جنهن جي جواب ۾ آبپاشي
وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته کاتي جي آفيسرن جي نااهل هئڻ واري ڪابه ڳالهه
ناهي، رهي ڳالهه ڊيپوٽيشن جي ته آبپاشي کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪوبه چيف انجنيئر مقرر
ٿيل نه آهي، اسان وٽ جيڪي به آفيسر آهن انهن کي کاتي ۾ آئي 20 -20 سال ٿي ويا آهن ۽
اهي ڊيپوٽيشن تي نه پر کاتي ۾ ضم ٿي چڪا آهن جن کي مختلف پوسٽن تي رکيو ويو آهي.
|