آر بي او ڊي پراجيڪٽ هر حال ۾ مڪمل ٿيندو:ڌاريجو

 

”ڪاوش عوام آڏو“ پروگرام ۾ سينيئر صحافي سترام مهيشوري آر بي او ڊي بابت  سوال ڪيو ته آر بي او ڊي پروجيڪٽ تي 15 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي چيو وڃي  ٿو ته هن پروجيڪٽ کي اڌ ۾ ڇڏي ان جو پاڻي فلٽر ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ هنيو ويندو، جڏهن ته مشرف دور ۾ آبپاشي سڌارن لاءِ ورلڊ بئنڪ 14 ارب رپيا ڏنا هئا اهي ڪٿي خرچ ٿيا، ان بابت ڪجهه ٻڌائي سگهندا. جنهن تي آبپاشي جو صوبائي وزير ورلڊ بئنڪ پاران ڏنل رقم جي خرچ بابت تفصيل نه ٻڌائي سگهيو جڏهن ته آر بي او ڊي پروجيڪٽ بابت هن چيو ته اهو پروجيڪٽ هر حال ۾ مڪمل ٿيندو، هن چيو ته واپڊا اختياريون اهو چئي رهيون آهن ته هن پروجيڪٽ کي اڌ ۾ ڇڏي ٽريٽمينٽ پلانٽ هنيو وڃي ۽ اهو پاڻي فلٽر ڪيو وڃي پر اها حقيقت آهي ته پاڻي جو ايڏو وڏو مقدار ٽريٽ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي ۽ ان تي ايندڙ خرچ به سنڌ حڪومت ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، ان ڪري منهنجو ان حوالي سان واضح ۽ چٽو موقف آهي ته آر بي او ڊي منصوبو مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته ٽريٽمينٽ پلانٽ واري معاملي تي آئون سخت اعتراض ڪريان ٿو ۽ ان جو مخالف آهيان، هن چيو ته ٻوڏ دوران چوٽياريون ڊيم مڪمل نه سهي پر وري به ڪافي ڀريو ويو آهي.