ٻوڏ ۾ جنهن کي آبپاشي جي الف ب جي به خبر نه هئي اهو به تجزيا ڪرڻ ۾ پورو هو

 

ڪاوش جي پروگرام عوام آڏو ۾ سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو سوال ڪندي چيو ته موجوده حڪومت، جمهوري حڪومت آهي پر ان تي الزام لڳي ته اهو بهتر نه هوندو، ٻوڏ جو بحران آيو ته توهان وٽ سيڊا ۽ آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ۾ ڪروڙين رپين جي فنڊنگ آئي، انهن کي ڇو نٿا هن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪتب آڻيو ۽ سرڪار آخر ڇو آئسو ليشن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، توهان ڇو نٿا ڪم ڪندڙ اين جي اوز ۽ سرڪار جي عملدارن تي ڪو فورم جوڙيو جيڪو هن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جن متاثرين جي مدد ڪري رهي آهي ته اين جي اوز به انهن متاثرن تائين پهچن ٿيون جنهن ڪري ٿئي ائين ٿو ته هڪڙا متاثرين ٻنهي پاسن کان فائدا حاصل ڪن ٿا ته ٻيا وري رهجي وڃن ٿا ۽ هتي حڪومت توڙي اين جي اوز ۾ ڪوآرڊينيشن جو فقدان ذميوار هجي ٿو، ان ڪري گڏيل فورم ضرور ٺهڻ گهرجي؟ جنهن جي جواب ۾ آبپاشي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته پنهنجا ماڻهو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ حڪومت تي الزام هڻن ٿا، پر جيڪا ٻوڏ آئي آهي اهڙي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه آئي، هن چيو ته موجوده ٻوڏ دوران هر ماڻهو ماهر ٿي ويو ۽ جنهن کي آبپاشي جي الف ب جي به خبر نه هئي پر اهو به پنهنجا تجزيا ڪرڻ ۾ پورو هو، هن چيو ته سيڊا ۾ اڳي به ڇڪتاڻ هوندي هئي ڇاڪاڻ ته هر کاتي جا پنهنجا مفاد هوندا آهن پر هينئر مون سيڊا جي ايم ڊي کي اهو چيو آهي ته آئون سندن ڪم ۾ مداخلت نه ڪندس، ڀلي ڪيڏيون به وڏيون نوڪريون هجن، هو ان تي پنهنجي مرضي جا اهل آفيسر رکي سگهي ٿو پر جيڪڏهن ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي ٿي ته ان جي ذميواري مٿس هوندي، ان ڪري هاڻي سيڊا ۾ بهتري آئي آهي ۽ آبياني جي وصولي به بهتر ٿي آهي، رهي ڳالهه حڪومتي عملدارن ۽ اين جي اوز جي ماڻهن تي ٻڌل فورم جي ته آئون توهان سان اتفاق ڪريان ٿو جيڪي اين جي اوز سٺا ڪم ڪن ٿيون انهن جي ماڻهن ۽ حڪومت جي عملدارن تي ٻڌل فورم ضرور ٺهڻ گهرجي.