منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن برداشت نه ڪندس:آبپاشي وزير

 

ڪاوش جي پروگرام عوام آڏو ۾ شڪارپور مان نويد عالم ابڙو سوال ڪندي چيو ته بي ايس فيڊر ۽ بيگاري ڪئنال تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ مون کي اهو خدشو آهي ته ڪم غير معياري ٿي رهيو آهي، ان ڪري توهان بندن ۽ ڪئنالن جي ٻيهر بحالي واري ڪمن جي سڌي ريت جاچ ڪيو ته جيئن معياري ڪم کي يقيني بڻائي سگهجي. جنهن جي جواب ۾ آبپاشي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته نويد ابڙو تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي ۽ آئون ساڻس اتفاق ڪريان ٿو ۽ ان سلسلي ۾ مون سکر ۽ ٻين شهرن ۾ آبپاشي جي سينيئر عملدارن سان گڏجاڻيون به ڪيون آهن ۽ کين سختي سان اهي هدايتون جاري ڪيون آهن ته بندن ۽ ڪئنالن جي بحالي جي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته آئون مڃان ٿو ته ٻين کاتن وانگر آبپاشي کاتي ۾ به ترقياتي منصوبن جي ٺيڪن ۾ ڪميشنون ورتيون وينديون هيون، پر هن ڀيري ان عمل کي نندڻ سان گڏو گڏ مون سمورن عملدارن تي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته آئون ترقياتي منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن برداشت نه ڪندس ۽ ڪم شفافيت سان ڪرايا وڃن ۽ منصوبن جا ڪم پروفيشنل ۽ سٺي ساک رکندڙ ڪانٽريڪٽرز کي ڏنا وڃن، هن چيو ته مون سنڌ جي سمورن چيف انجنيئرز کي اها هدايت ڪئي آهي ته هو بندن ۽ ڪئنالن جي بحالي وارن ڪمن جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪن ۽ ڪٿي به ڪو غير معياري ڪم ٿيو ته هن ٺيڪيدار کي بليڪ لسٽ ڪري آفيسر کي معطل ڪيو ويندو ۽ انهن جي ڪوتاهي ثابت ٿي ته آفيسرن کي سخت سزائون به ڏنيون وينديون، ان ڪري مونکي اميد آهي ته آبپاشي کاتي ۾ ٿيندڙ ڪمن ۾ بهتري ايندي.