|
”ڪاوش عوام آڏو“ پروگرام ۾ ڪنهن ڪنهن شرڪت ڪئي
”ڪاوش عوام آڏو“ پروگرام ۾ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج محمد مٺل عباسي، باگڙجي مان
محمود گهمرو، حيدرآباد مان پروفيسر مشتاق ميراڻي، حيدرآباد مان عارب ملاح، ٺري
ميرواهه مان آر رابيل بلوچ، شڪارپور مان نويد عالم ابڙو، آغا شهاب الدين، سنڌ
آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر حاجي نديم شاهه، سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو، نماڻو
نوناري، پروفيسر انيس ميمڻ، عبدالرزاق انصاري، حافظ دائود لغاري، قادر بخش مٺو،
سينيئر صحافي سترام مهيشوري، منير راڄڙ ۽ ٻين سوال ڪيا. جڏهن ته پروگرام ۾ شرڪت
ڪندڙن ۾ سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو، سيد محسن رضا شاهه، گلوڪاره فوزيه جوکيو، نثار
جوکيو، سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر حاجي نديم شاهه، گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ۽
ڪامرس ڪاليج جي علي اصغر ڏيٿو، پروفيسر انيس احمد ميمڻ، نواز چانڊيو، سنڌ هاري
ڪميٽي جي محب لغاري، عبدالمجيد مغيري، رزاق انصاري، عباس جکراڻي، ظفر خان ڌاريجو،
سليم چنا، نماڻو نوناري، فقير درس معشوق، فرحان شيخ، صحافي آر بي ميمڻ، سيڊا جي
ڪميونيڪيشن آفيسر حزب الله مڱريو، سينيئر صحافي سترام مهيشوري، حافظ دائود لغاري،
قادر بخش مٺو، محمد عمر سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
|