|
ڪوشش ڪندس ته ماضيءَ وانگر حر شاگردن جي اسڪالرشپ بحال ٿئي
”ڪاوش عوام آڏو“ ۾ فقير جادم مڱريو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ تعليم کاتي اندر ليڪچرارن کي
ميرٽ تي مقررين جا آرڊر مليا آهن، تنهن ڪري ماڻهو پڙهي لکي محنت ڪن ته آرام سان
نوڪرين ۾ کڄي ويندا.هڪ سوال جي جواب ۾ فقير جادم مڱريو چيو ته ماضي ۾ حر شاگردن کي
اسڪالر شپ ملندي هئي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ اها بند ٿي وئي، آئون پاڻ
حر آهيان، ان ڪري ڪوشش ڪندس ته موجوده صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ حر شاگردن جي
اسڪالر شپ بحال ٿئي. ان سلسلي ۾ مٿي ڳالهايو ويندو.
|