نواز ليگ عوام کي روڊن تي آڻي غير جمهوري قوتن کي موقعو فراهم ڪرڻ نٿي چاهي:ممنون حسين

رپورٽ: فقير سليم

 مسلم ليگ (ن) اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر سيد ممنون حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت بنيادي طور ڪرپٽ آهي، ساليانو هڪ هزار ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي،  اسان جي حڪومت ۾ ڪرپشن نه هئي، اها بهترين حڪومت هئي، مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ اچڻ بعد عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل منصوبي تي عمل ڪندي ۽ عوام خودڪشيون ڪرڻ بدران خوشحال ٿيندو. ”ڪاوش عوام آڏو“پروگرام ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ايجنسين جون رپورٽون آهن ته  ميان نواز شريف دهشتگردن جي نشاني تي آهي، ان ڪري نواز شريف کي سنڌ اچڻ ۾ ڪجهه ڪجهه تڪليفون درپيش آيون آهن پر ايندڙ سال جي پهرين مهيني ۾ ئي ميان نواز شريف سنڌ جي دوري جو پروگرام جوڙيندو. جڏهن ته مسلم ليگ سنڌ جو اڳواڻ سيد غوث علي شاهه وڏي عمر سبب هاڻي اها جدوجهد نٿو ڪري سگهي پر مون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي 50 کن دورا ڪيا آهن ۽ اسين گهر ۾ نه ويٺا آهيون، اسان جي پارٽي 1997ع واري اليڪشن ۾ سنڌ مان 20 صوبائي ۽ 12 قومي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون هيون پر 1999ع ۾ جنرل مشرف اسان جي حڪومت کي ختم ڪيو ۽ پوءِ نواز شريف جي پارٽي کي هن ٽارگيٽ ٺاهي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميان نواز شريف سنڌ مان پنهنجي وزيراعليٰ کي هٽايو. هن چيو ته جڏهن حڪيم سعيد قتل ٿيو ته پوءِ لياقت جتوئي کي وزيراعليٰ جي عهدي تان هٽائي سيد غوث علي شاهه کي عارضي طور وزيراعظم جو سنڌ ۾ نمائندو مقرر ڪيو ويو هو ۽ کيس وزيراعليٰ جا اختيار ڏنا ويا هئا پر پوءِ جلد ئي مشرف اسان جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي صرف پنجاب جي پارٽي نه سمجهيو وڃي، اها پوري ملڪ جي پارٽي آهي. هن چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن تي مسلم ليگ (ن) جو موقف چٽو ۽ صاف آهي ۽ ميان نواز شريف پاڻ چئي چڪو آهي ته جيستائين اتفاق راءِ نٿو ٿئي، تيستائين ڪالاباغ ڊئم نه ٺهندو ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ پڻ سنڌ سميت سمورن صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پ پ پنجاب ڪالاباغ ڊئم جي مفاد ۾ قرارداد منظور ڪرائي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو ڪالاباغ ڊئم خلاف آهن، انهي ڪري اسين انهي جي مخالفت ڪنداسين ۽ جنهن به ڳالهه ۾ سنڌ جو مفاد هوندو، انهي لاءِ آواز اٿاريو ويندو، اسان کي سنڌ ۽ پاڪستان جا مفاد عزيز آهن، سنڌ ۽ پاڪستان جا مفاد ساڳيا آهن. پروگرام ۾ سکر مان عبدالستار خاصخيلي فون ذريعي ممنون حسين کان سوال پڇيو ته توهان گذريل چونڊن ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي پر ائين ڇو نه ٿيو ۽ مسلم ليگ (ن) جي سنڌ ۾ هڪ ۽ پنجاب ۾ ٻي پاليسي ڇو آهي؟ جنهن جي جواب ۾ سيد ممنون حسين چيو ته آئون اڄ به دعويٰ ڪريان ٿو ته ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي ۽ سياست ۾ اهڙيون دعوائون ڪيون وينديون آهن، سنڌ ۾ مسلم ليگي ڪٿي به نظر نٿا اچن واري دعويٰ کي رد ڪريان ٿو. هن چيو ته اليڪشن بعد چونڊجي ايندڙ سموريون سياسي پارٽيون حڪومت ٺاهڻ لاءِ ميمبرن کي هٿ ڪنديون آهن ۽ اسين پنهنجن پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز نه ڪنداسين، نئون ميمبر ڪيترو به طاقتور هجي پر کيس پراڻن ڪارڪنن کي ڇڏي ڪوبه عهدو يا ٽڪيٽ نه ملندي. ٿرپارڪر مان نامياري ليکڪ ارباب نيڪ محمد ٽيليفون ذريعي پڇيو ته بنگلاديش جي عليحدگي بعد هاڻي وري ملڪ ۾ صوبائي خودمختياري جو معاملو هلي پيو، نواز شريف مان ان حوالي سان جيڪي اميدون هيون، انهي تي اهو پورو نه لٿو ۽ هن وقت هو صرف مانسهره ۽ ايبٽ آباد تائين ڇو محدود آهي؟ جنهن جي جواب ۾ سيد ممنون حسين چيو ته بنگال جو مسئلو سنڌ ۽ بلوچستان جهڙو نه هو، هن چيو ته ننڍن صوبن جي لاءِ جيترو اسان جي پارٽي آواز اٿاريو آهي، ايترو گهٽ ماڻهن آواز اٿاريو هوندو، بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ميان نواز شريف ڪاميٽي جوڙڻ جو چيو هو ته اها وڃي بلوچستان وارن سان ڳالهيون ڪري. هن چيو ته بدقسمتي سان بلوچستان ۾ سويلين حڪومت جو اثر گهٽ رهيو آهي ۽ فورس وڌيڪ اثر انداز رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ميان نواز شريف جي پهرين حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته اڄ اقتصادي حوالي سان ملڪ الائي ڪٿي هجي ها، هن چيو ته اين ايف سي جي ورڇ واري فارمولي جي منظوري ۾ اسان جو اهم ڪردار آهي. پنجاب پنهنجي حصي مان ٻين کي ڏيڻ لاءِ چيو آهي، پنجاب ٻين جا حق تسليم ڪري انهن کي ڏنا آهن ۽ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪجي؟ حيدرآباد مان ذوالفقار قادري ٽيليفون ذريعي پڇيو ته ماضي ۾ پ پ پاران جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي روزگار ڏنو ويو ته ميان نواز شريف حڪومت انهن کي برطرف ڪيو ۽ هاڻي وري جڏهن سندن بحالي وارو بل آيو ته ن ليگ بحالي جي مخالفت ڪئي، ڇا ن ليگ حڪومت ۾ اچڻ بعد وري اهڙيون ڪارروايون ڪندي يا نه؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته انساني بنيادن تحت ماڻهن جي روزگار جو خيال رکڻ گهرجي، انهن کي بيروزگار نه ڪرڻ گهرجي پر اقتصاديات ۾ آمدني ۽ خرچ کي برابر رکڻ گهرجي، پ پ حڪومت ۾ ايندي ئي روزگار ۽ نوڪريون وڪڻندي آهي ۽ ڏيندي آهي، غير ضروري طور ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان جي دور ۾ ملازمن کي برطرف ڪرڻ وقت کين گولڊن هينڊ شيڪ ڏيڻ جو فيصلو پڻ ٿيو هو، کين ائين نه ڇڏيو هو. هن چيو ته ريلوي، پي آءِ اي ۽ ٻين کاتن جي خساري ۾ هجڻ جو سبب پڻ مقرر ٿيل اوور اسٽاف آهي. هن چيو ته 2008ع ۾ اسٽيل ملز وٽ 12- ارب رپين جا اثاثا هئا، اڄ اسٽيل ملز 40- ارب رپين جي خساري ۾ آهي ۽ 25 کان 30- ارب رپين جي قرضي آهي. گل محمد عمراڻي پاران خدمت ڪاميٽي بابت ٽيليفون ذريعي پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خدمت ڪاميٽيون جوڙڻ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ هو پر انهن خدمت ڪاميٽين ڪٿي ڪم بهتر ڪيو ته ڪٿي تمام خراب ڪم ڪيو. اصل مسئلو اسان وٽ تعليم جي کوٽ آهي، گهٽ پڙهيل ماڻهو وڌيڪ پڙهيل ماڻهن تي ڪيئن حاڪميت ڪندو، جيئن بلدياتي نظام هو. هن چيو ته خدمت ڪاميٽين ڪٿي ڪٿي بدعنوانين کي روڪيو ته ڪٿي وري بدعنواني ۾ ملوث هيون. آئون تسليم ڪريان ٿو ته اهي ڪاميٽيون ڪامياب نه ويون ۽ خرابيون پڻ پيدا ٿيون. محمد علي پٺاڻ ٽيليفون ذريعي سوال پڇيو ته نواز ليگ ملڪ ۾ بدامني ۽ قبائلي نظام جي خاتمي لاءِ ڪوئي ڪردار ادا ڪندي؟ جنهن جي جواب ۾ ممنون حسين چيو ته مسلم ليگ (ن) انتهائي فلاح و بهبود وارن ماڻهن جي پارٽي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ايتري خراب آهي جو اڳ ۾ ته وڏا ماڻهو اغوا ٿيندا هئا، هاڻي ٻارن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، اسين انهي بدامني ۽ قبائلي نظام جي مذمت ڪريون ٿا ۽ انهي خلاف آواز اٿاريون پيا. نثار جوکيو سوال پڇيو ته موجوده حڪومت ۽ نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ ڪهڙو فرق آهي، نواز ليگ حڪومت ۾ اچڻ بعد سنڌ بابت ڪهڙي سوچ رکي ٿي؟ ان جي جواب ۾ ممنون حسين چيو ته جيڪڏهن نواز ليگ جي پهرين حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ملڪ اقتصادي حوالي سان هينئر الائي ڪٿي هجي ها، نواز ليگ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت ۾ اهو فرق آهي ته هن وقت جيتري ڪرپشن آهي، ايتري ڪڏهن به نه ٿي آهي، علي اصغر ڏيٿو ممنون حسين کان سوال ڪندي چيو ته ڇا توهان جي پارٽي وري اقتدار ۾ ايندي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڇو نه ايندي،  ايندڙ دور اسان جي حڪومت جو دور هوندو، جنهن جي لاءِ اسين پاليسي ۽ پلان جوڙيون پيا، اسان جو خاص گروپ انهي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، اسين عوام کي خوشيون ڏينداسين ۽ پريشاني ختم ڪرائينداسين، ماڻهو خوشحال ٿيندا، ڪوبه خودڪشي نه ڪندو. لياقت پنهور سوال پڇيو ته جيڪڏهن پ پ حڪومت جو ڪردار خراب آهي ته نواز ليگ مخالف ڌر جو ڪردار ڇو نه ٿي ادا ڪري؟ جنهن جي جواب ۾ ممنون حسين چيو ته اسين هر خراب حڪومتي عمل جي مخالفت ڪريون پيا پر ماڻهو گهڻا اهو چاهين ٿا ته عوام کي روڊن تي آڻيون ۽ حڪومت کي ختم ڪرايون ۽ غير جمهوري قوتن کي موقعو ڏيون، پر اسان غير جمهوري قوتن کي موقعو نٿا ڏيڻ چاهيون، اسان جي ڳالهائڻ تي ئي چوڌري نثار جهڙن کي ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو. قربان شيخ سوال ڪيو ته نواز ليگ وٽ نوجوانن لاءِ مستقبل ۾ ڪهڙو منصوبو آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته نوجوان قوم جو سرمايو ٿين ٿا، انساني وسيلن جي ترقي لاءِ تعليم سڀ کان وڏو ذريعو آهي پر موجوده حڪومت ان معاملي ۾ مايوس ڪيو آهي، جيڪي نوجوان ملڪ کان ٻاهر علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويل آهن ۽ جن کي حڪومت خرچ ڏيندي هئي، انهن جو موجوده حڪومت خرچ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اهي پريشان آهن ۽ اهڙي عمل سبب هيڪ پڻ پريشان آهي ته هن حڪومت هي ڇا ڪيو آهي؟ اسين نوجوانن کي روزگار ۽ تعليم جا موقعا فراهم ڪنداسين. گل حسن لغاري سوال پڇيو ته سانگهڙ مان لاهور ويل ليگي ڪارڪن سان پنجاب جي وڏي وزير ملاقات نه ڪئي، احتجاجن هن بيروزگار نوجوان پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي پر پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ سندس عيادت جي به زحمت نه ڪئي آخر ڇو؟ جنهن جي جواب ۾ ممنون حسين چيو ته اسان کان وڌيڪ ٻي ڪابه پارٽي ڪارڪنن کي نٿي سنڀالي، دعويٰ سان چوان ٿو ته اسان ڪارڪنن جي هر وقت مدد ڪئي آهي، هن شڪارپور ضلعي جي نواز ليگ صدر جو مثال ڏنو، جنهن کي لاهور ۾ دل جو دورو پيو ۽ سندس علاج مفت ٿيو هو، ممنون حسين چيو ته اسين ڪارڪنن کي ڪڏهن به اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون. ملاح اڳواڻ عارب ملاح پڇيو ته اين ايف سي ۾ گهٽ حصو وٺڻ جي دعويٰ ڪندڙ پنجاب 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڇو نٿو ڪري؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته پهريون ڀيرو اين ايف سي ايوارڊ جي آبادي کانسواءِ ٻين بنيادن تي به ورڇ ٿي آهي ۽ پنجاب انهي کي قبول ڪيو آهي، جنهن کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو موجود آهي، انهي جو ڪم آهي ته اهو ٺاهه تي عمل ڪرائي ۽ اسان کي پنهنجو نمائندو اهڙو مقرر ڪرڻ گهرجي، جيڪو ارسا ۾ موڪلڻ بعد انهي معاملي تي مضبوطي سان ڪم ڪري ۽ عوام سان رابطو رکي ۽ انهي ٺاهه موجب پاڻي عوام کي ڏياري. سعيد اڄڻ کانئس پڇيو ته مسلم ليگ نواز جي هاڻي ٿيندڙ ميمبر سازي ۾ باقاعده ميمبر چونڊيا ويندا يا وري رڳو فارم تي صحيح وٺي ۽ هٿرادو ميمبر ٺاهيا ويندا؟ هن ٻيو سال پڇيو ته نوري آباد جي تباهه ٿيل صنعتي زون جي ٻيهر بحالي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويندا، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ميمبر سازي هٿرادو ميمبرن ذريعي ناهي ٿيندي، اسان جي ميمبر شپ فارم سان گڏ ميمبر جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي پڻ لڳائي ويندي، اهڙو شرط آهي ۽ اوهين ڏسندا ته سنڌ ۾ ليگين جو تعداد وڌي رهيو آهي. هن چيو ته نوري آباد جي صنعتي ايريا جي تباهي جا ذميوار اسين ناهيون پر اسين اوهان سان گڏ آهيون، انهن کان پڇڻ گهرجي جن هن صنعتي ايريا کي تباهه ڪرايو ۽ انهي جو ذميوار ڪير آهي؟ جن ڀتا خوري ڪندڙن کي ڇوٽ ڏني ۽ سندن خلاف ڪارروائي نه ڪئي، اسان جي حڪومت آئي ته نوري آباد جو علائقو ٻيهر گل ۽ گلزار ٿي ويندو. پروفيسر پرويز اقبال جي پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 18هين ترميم ۾ واقعي اها ڳالهه آهي ته پارٽي جو ڪوبه ميمبر پارٽي جي فيصلي خلاف ڪم ڪندو ته پارٽي قيادت انهي خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، اهو نقطو انهي ڪري شامل ڪيو ويو آهي، جو اسان وٽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. الهه بخش ڪنڀر پڇيو ته قرض اتارو ملڪ سنوارو اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿي ڇو؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته قرض اتارو ملڪ سنوارو اسڪيم اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان لاڳاپيل هئي، جنهن بابت رڪارڊ اڄ به اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وٽ موجود آهي ۽ کيس خط لکي اهو رڪارڊ وٺي سگهجي ٿو، انهي اسڪيم جو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه هو پر ڪجهه ماڻهن جا اڪائونٽس سيز ڪرڻ ۾ جلدي ڪئي وئي، جنهن سبب ڪجهه ماڻهن کي پريشاني ٿي هئي، جيڪو غلط ٿيو پر اسان کي خدشو هو ته ماڻهو اڪائونٽس مان پئسا ڪڍرائي ويندا ۽ ملڪ ڪنگال ٿي ويندو، انهي ڪري اسان کي اڪائونٽس سيز ڪرڻا پيا. هن چيو ته 1991ع ۾ ميان نواز شريف چنگي نظام ختم ڪيو، جنهن مان صرف 19- ارب رپيا حڪومت کي ملندا هئا، باقي 125- ارب رپيا ڪرپشن ٿيندي هئي،  ان کانسواءِ ٻيا به ڪافي کاتا ختم ڪيا، جن سان عوام کي فائدو ٿيو ۽ اسين ماڻهن جي خوشحالي لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جو ارادو ماڻهن کي ڪنگال ڪرڻ جو ناهي، اسان جي پارٽي جي ماڻهن کي به بدنامي جا اهڙا سنگين الزام ناهن جهڙا ٻين پارٽين جي ماڻهن تي آهن، علي اڪبر خاصخيلي پڇيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب اڌ کان وڌيڪ سنڌ ٻڏي وئي پر مسلم ليگ جي سربراهه سميت ڪوبه ماڻهو مدد لاءِ يا دلاسو ڏيڻ به نه آيو ڇو؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف ٻوڏ دوران پهرئين مرحلي ۾ هڪ سئو ٽرڪون امدادي سامان جون ورهايون ۽ سکر ۾ هن پاڻ اچي ڪجهه سامان ورهايو، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ وري سامان ورهايو آهي، اسان جي 10، 12 ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سنڌ اچي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ عيد نماز پڙهي ۽ عيد ملهائي هئي، هن چيو ته سنڌ جي 10 ضلعن ۾ اسين هڪ ماڊل ڳوٺ ٺهرائينداسين، جنهن ۾ سئو گهر تعمير ڪيا ويندا، جنهن جي نگراني ميان نواز شريف پاڻ ڪندو، اهي مثالي ڳوٺ پنجاب حڪومت طرفان ٺهندا. صحافي آتم ميگهواڙ پڇيو ته نواز ليگ هميشه مشرف خلاف ڳالهائي ٿي پر ضياءَ الحق ته مشرف کان به وڌيڪ سنڌ کي نقصان ڏنو، انهي خلاف ڇو نه ٿا ڳالهايو؟ ڇا توهان ضياءَ جي ڪمن جي مذمت ڪريو ٿا؟ جنهن جي جواب ۾ ممنون حسين مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته مارشل لا هڻندڙ جنرلن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ عبرتناڪ سزا جو تعين ڪيو وڃي ته جيئن ڪوبه ڊڪٽيٽر جمهوري حڪومتن تي راتاهو نه هڻي. ”ڪاوش عوام آڏو“ ۾ عارب ملاح، پروفيسر پرويز اقبال، الهه بخش ڪنڀر، سعيد اڄڻ، سيد محسن رضا شاهه، آتم ميگهواڙ، لياقت پنهور، قربان شيخ، فوزيه جوکيو، نثار جوکيو، علي اڪبر خاصخيلي، بدر سومرو، حق نواز لاهوري، گل حسن لغاري، چوڌري محمد طارق، شفيق صديقي، اصلاح الدين، گڊو قمبراڻي، فيصل حيدر، رشيد قريشي، لياقت راجپوت، محمد حنيف صديقي، علي اصغر ڏيٿو، مسافر ڏيٿو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٽيليفون ذريعي سکر مان عبدالستار خاصخيلي، ٿرپارڪر مان ارباب نيڪ محمد، حيدرآباد مان ذوالفقار قادري ۽ محمد علي پٺاڻ سوال پڇيا، جڏهن ته آڊيننس مان نثار جوکيو، علي اصغر ڏيٿو، لياقت پنهور، قربان شيخ، گل حسن لغاري، عارب ملاح، سعيد اڄڻ، پرويز اقبال، الهبخش ڪنڀر، علي اڪبر خاصخيلي ۽ آتم ميگهواڙ سوال پڇيا. جنهن جا ممنون حسين تفصيلي جواب ڏنا.