متاثرن جي مالي سهائتا،سندن واپسي ۽ اسڪولن ۾ تدريسي عمل شروع ڪرڻ چئلينج

 الطاف ميمڻ

 

اڳ ۾ ئي بک، بدحالي، بي روزگاري، مهانگائي سميت بي پناهه مصيبتن جي ور چڙهيل سنڌ ڌرتيءَ جي حالت ويتر ٻوڏ جي صورت ۾ آيل قدرتي آفت رحم جوڳي بڻائي ڇڏي آهي ۽ هر طرف درد ۽ دربدري جا لڱ ڪانڊاريندڙ منظر نظر اچي رهيا آهن، رمضان المبارڪ جي بابرڪت ۽ ڀلاري مهيني ۾ سنڌ مٿان ٻوڏ جي ڀيانڪ شڪل ۾ آيل قدرتي آفت سنڌ ۽ سنڌ واسين جي خوشين ۽ مرڪن تي ڌاڙا هڻي درد ۽ پيڙا جي هڪ طويل ڪهاڻي لکي ڇڏي آهي، سنڌوءَ جا هي طوفاني وهڪرا بي لغام گهوڙي جيان پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر وستي ۽ واهڻ کي ڳڙڪائي رهيا آهن، اتر سنڌ جي خوشحالي ۽ خوبصورت شهرن ۾ تباهيون آڻڻ بعد ٻوڏ جا وهڪرا هاڻي لاڙ جي قديم ۽ تاريخي شهرن ۾ تباهي ڦهلائي رهيا آهن، جيڪي خبر نه آهي ڪٿي دنگ ڪندا. ٻوڏ جي تباهين جي ور چڙهيل سنڌ جا لکين ماڻهو جتي پنهنجا اجها ڇڏي دربدريءَ جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، اتي وري هزارين ڪٽنب جيڪي ٻوڏ جي خوف سبب پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن تي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، هميشه ڀلائي کي پنهنجو ڪرڻ ۽ ٻين جو سهارو بڻجڻ سميت شاندار تهذيب ۽ تمدن جي سرواڻ سنڌ اڄ خود دربدر ۽ ڏکن ۾ ورتل آهي. جيتوڻيڪ هتان جي سمورين سياسي، سماجي، ادبي، واپاري، سڄاڻ ۽ باشعور عوام جي ڏينهن رات محنتن ۽ دعائن جي نتيجي ۾ نه صرف مٽياري ضلعو پر ان سان واڳيل سامهون وارا علائقا ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ وغيره هن قدرتي آفت کان محفوظ رهيا ۽ عوام سک جو ساهه کنيو، هاڻي جيتوڻيڪ مٽياري ضلعي مان ڪنهن حد تائين خطرو گهٽجي ويو آهي ۽ سنڌو ۾ لاٿ کانپوءِ بچاءَ بندن تان پاڻي جو دٻاءُ به آهستي آهستي گهٽجندو پيو وڃي، لڏپلاڻ ڪري ويل ڪيترائي ڪٽنب واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي رهيا آهن ۽ عام توڙي ڪاروباري زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي وئي آهي، مخدوم هائوس پاران نيو سعيد آباد کان مٽياري تائين بچاءَ بندن تي قائم سروري مريدن جي رضاڪارن جون ڪئمپون به ختم ڪري کين گهرن ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، مخدوم هائوس ۾ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان جي صدارت هيٺ سروري جماعت جي مريدن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ مخدوم جميل الزمان عيد ويجهو هئڻ سبب سروري جماعت جي مريدن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته توهان ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي مرشد مخدوم امين فهيم جي شهر ۽ تڪ جي حفاظت ڪئي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم ۽ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ ۽ بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن سڄي صورتحال ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم جو مک ڪردار رهيو پر ان سان گڏ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، مخدوم خليق الزمان، ايم پي اي امير علي شاهه هاشمي، سنڌ بچايو تحريڪ جي سربراهه سيد شاهه محمد شاهه، اڳوڻي صوبائي وزير جلال شاهه ڄاموٽ، سردار ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ، سيد محمد علي شاهه، سيد پناهه شاهه سميت هن علائقي جي سمورين ڌرين ۽ عوام پنهنجي پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي علائقي جو دفاع ڪيو پر مٿي ذڪر ڪيل انهن سمورين ڌرين جو ڌيان ان طرف به ڇڪائيندس ته سندن ذميواريون صرف اتي ختم نٿيون ٿين پر ڪجهه ذميواريون جيڪي هاڻي شروع ٿيڻيون آهن، انهن ۾ مٽياري ضلعي اندر معطل ٿيل تدريسي عمل جي بحالي ۽ هزارين متاثرن جي سهائتا، جيڪي اسان جي انساني ۽ اخلاقي ذميواري آهي، ٻوڏ جي تباهين سميت جتي مٽياري ضلعي جي ڪچي وارن علائقن جا هزارين متاثر ڪئمپن ۾ موجود آهن، اتي ڪيترائي پرديسي اتر ۽ لاڙ جي علائقن مان ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاهه ۽ ٻين هنڌن تي اچي رهائش پذير ٿيا آهن، جيئن جيئن عيد جا ڏهاڙا ويجها اچن پيا تيئن تيئن ڪئمپن ۽ فوٽ پاٿن تي زندگيون گذاريندڙ متاثرن ۽ بي گهر ٿيڻ جو احساس به وڌي رهيو آهي، ان عالم ۾ اسان کي انسانيت جي ناتي انهن ٻوڏ سٽيلن جو ڀرجهلو ٿيڻو پوندو، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هونئن به مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، هتي ته پنهنجا ئي ڌرتي ڄاوا مدد جا طلبگار آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته مٽياري ضلعي جي ٻوڏ متاثرن سان گڏ اتر ۽ لاڙ جي مختلف علائقن مان آيل ٻوڏ متاثرن جي به سار لهڻ گهرجي ته جيئن انهن ۾ پيدا ٿيل اڪيلائپ ۽ دربدري جو درد ڪنهن حد تائين گهٽجي سگهي، ڇاڪاڻ جو انهن بي سهارا فردن جي سهائتا جي ذميواري صرف حڪومت جي ذميواري نه پر حڪومت سان گڏ سمورن باشعور، سجاڳ ۽ سرندي وارن جو به اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، ان کان علاوه مٽياري ضلعي ۾ رجسٽرڊ ٿيل متاثرن جو انگ 5 هزار کان به گهٽ آهي پر انهن متاثرن سبب هڪ لک شاگردن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ فوري طور منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن ضلعي ۾ تدريسي عمل بحال ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ مٽياري مان چونڊيل ايم پي اي ۽ پ پ ضلعي مٽياري جي صدر امير علي شاهه هاشمي چيو ته تدريسي عمل جو بند هئڻ توڙي متاثرن جي مڪمل سهائتا نه ٿيڻ ضلعي انتظاميا جي غير ذميواري آهي، جيڪي سمورا فيصلا پسند ناپسند جي بنياد تي ڪن ٿا. هن  چيو ته هتي جن اسڪولن ۾ متاثر ناهن انهن کي به بند رکيو ويو آهي ته ٻئي طرف ڀٽ شاهه ۾ ڪيترائي متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي ڪئمپن ۾ منتقلي اڃا تائين عمل ۾ نه آهي آهي ۽ انهن تائين امدادي سامان به صحيح طور نٿو پهچي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ان سلسلي ۾ سخت هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن ته ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن سهائتا ڪئي وڃي، هن چيو ته ايم پي اي ۽ ضلعي صدر جي حيثيت ۾ هن سموري صورتحال کان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته عيد جي خوشين ۾ ٻوڏ سٽيلن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ۽ انهن ۾ عيد گفٽ ورهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ڊي سي او مٽياري ثاقب احمد سومرو نيو سعيد آباد ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ عيد جا ڪپڙا، خرچي ۽ ٻيو سامان ورهائڻ بعد ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته 5 هزار متاثرن سبب هڪ لک ٻارن جي تعليم تباهه نٿي ڪري سگهجي ۽ عيد بعد متاثرن لاءِ متبادل بندوبست ڪري تدريسي عمل بحال ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪئمپن ۾ 5 هزار جي لڳ ڀڳ متاثر موجود آهن ۽ ڀٽ شاهه ۾ هزارن جي تعداد ۾ متاثرن جي اچ وڃ جاري آهي ۽ انهن جي وس آهر سهائتا ڪئي پئي وڃي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com