اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

گولاڙچي جي ڪئمپن ۾  ٻوڏ متاثر ”رليف“ کان محروم

 رضا آڪاش خاناڻي

 

ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين هزارين ڳوٺ ۽ وڏا وڏا شهر سنڌوءَ ۾ آيل ٻوڏ جي نذر ٿي ميسارجي ويا آهن ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ڪٿي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن ته ڪٿي وري سرڪار جي قائم ڪيل ڪئمپن ۾ محتاج ٿي ويٺل آهن، جن جي ڪوبه واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري اڪثر ٻوڏ سٽيل مختلف هنڌن تي عذاب هيٺ آهن، هونئن ته ٻوڏ سبب سڄي سنڌ ۾ تباهي ٿي آهي پر سنڌوءَ درياءَ جي پاڻي جيڪا لاڙ جي ضلعي ٺٽي ۾ ڀينگ ڪئي آهي اها به گهٽ ناهي، اصل ۾ 26 جولاءِ تي رات ٽين وڳي سجاول ڀرسان سورجاڻي وٽان ايم ايس بند کي لڳل گهارو جيڪو هن وقت هزار فوٽن کان به وڌي ويو آهي، ان هفتي وڏي تباهي جي هڪ نئين تاريخ جوڙي، ڄاڻايل گهاري سبب ٺٽي ضلعي جا پنج تعلقا ٺٽو، سجاول، جاتي، چوهڙ جمالي ۽ بٺورو متاثر ٿيا، بهرحال بدين ضلعي انتظاميا پاران ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺٽي ضلعي جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن جاتي، دڙو، چوهڙ جمالي، سجاول، ٻيلو شهر، ٻنون، لائق پور، ٻڍو ٽالپر، ديوان سٽي، صالح جت، راڄ ملڪ، لاڏيون، تڙ خواجه ۽ ٻين سوين ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيل علائقن جا لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهو بدين ضلعي ۾ خاص طور تي تعلقي گولاڙچي ۾ منتقل ڪيا ويا، انتظاميا کين ٻڪرين مينهن وانگر ٽريڪٽر ٽرالين ۾ آڻي محفوظ هنڌن تي پڄائي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو ۽ بدين ضلعي انتظاميا پاران ضلعي جي مختلف علائقن ۾ هڪ ٽينٽ سٽي سميت ڪل 40 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون، جن مان اڪثر رليف ڪئمپون گولاڙچي، کورواهه، بدين، ماتلي، ٽنڊوباگو ۽ ٻين علائقن ۾ آهن ۽ انهن رليف ڪئمپن ۾ رڳو 30 هزار ماڻهو منتقل ڪيا ويا، نه رڳو ڪئمپن ۾ گهٽ ماڻهو منتقل ڪيا ويا پر انهيءَ سان گڏوگڏ ڪئمپن ۾ماڻهن کي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جون بهتر سهولتون پڻ مهيا نه ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري ڪئمپن ۾ رهندڙ ماڻهو به عذاب هيٺ آيل آهن، اڪثر ڪئمپن ۾ ماڻهن کي هڪ ويلي جو کاڌو به مشڪل سان ڏنو وڃي ٿو، کير نه ملڻ ڪري ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻارڙا بک سبب بي حال آهن پر انتظاميا کي ان جي ڪا پرواهه ئي ناهي، رڳو ايترو ئي نه پر ڪئمپن ۾ متاثرن جي علاج معالجي لاءِ به ڪي جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ويا، جنهن ڪري اڪثر ڪئمپن ۾ گيسٽرو، ڊائريا، مليريا ۽ ٻيون بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هيستائين 8 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هوڏانهن وري باقي 70 هزارن کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن مان ڪجهه ماڻهو مختلف علائقن ۾ پنهنجن مٽن مائٽن جي گهرن ۾ ترسيل آهن، باقي هزارن جي انگ ۾ متاثرن جو هڪڙو وڏو تعداد ڪافي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين روڊن، رستن، گهٽين ۽ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهي، جن جي اڃا تائين چونڊيل  عيوضين، ڪامورن، سياسي سماجي تنظيمن، اين جي اوز سميت ڪنهن به سار ناهي لڌي، هزارين ماڻهو کليل آسمان هيٺ واهر جي آسري ويٺل آهن، ٻوڏ متاثرن کي بدين ضلعي جي انتظاميا اڃا تائين رڳو ڪئمپن ۾ به منتقل ناهي ڪري سگهي، اڪثر متاثرن وٽ پاڻ سان گڏ آندل راشن ۽ کاڌي پيتي جو سامان ختم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هاڻي اهي بکن ۾ پاهه ٿي فوت ٿي رهيا آهن پر افسوس جو هنن دربدر ٿيندڙ ديس واسين جو ڪوبه سار سنڀال لهڻ لاءِ تيار ناهي، سخت گرمي ۽ برسات ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل هي ٻوڏ متاثر انتظاميا جي بي حسي سبب عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن پر افسوس جو ڪئمپن کي جهنڊن سان سينگاريندڙ سياسي ڪارڪن، ڪامورا، چونڊيل عيوضي ۽ انتظاميا هنن جي واهر لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم نه کڻي سگهيا آهن، جنهن ڪري هي متاثر هاڻ تيزيءَ سان ننڌڻڪائپ واري احساس جو شڪار ٿي رهيا آهن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com