اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ملاڪاتيار بند تي برقرار خطرو ۽ متاثرن جي رجسٽريشن نه ٿيڻ جو مسئلو غلام نبي ڪيريو

 

ٽنڊو محمد خان لڳ سنڌو درياءَ جي ڪمزور بندن تان پاڻي سطح ۾ تيزي سان لاٿ ٿيڻ ۽ بندن تي ورتل حفاظتي اپائن باوجود پچنگ وارو ڪم مڪمل ٿي نه سگھيو آهي. ملاڪاتيار ، وسي ملوڪ شاهه ۽ ٻڌڪا بندن تي سيمو ٿيڻ جي ڪري پاڻي بندن تان نڪرڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. جنهن ۾ علائقي جي رهواسي ڳوٺاڻن آبپاشي کاتي جي مقرر عملي، او جي ڊي سي ۽ ٻين تيل ڪمپنين جي مقرر عملي جي ڪوشش سان سيمي ۽ روڻين کي اڃا تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي پر بندن تي پچنگ نه ٿيڻ جي ڪري پاڻي جي وڌيڪ دٻاءُ سان اڃا تائين بندن کي خطرو برقرار آهي، ملاڪاتيار ، وسي ملوڪ شاهه ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ، شهرن مان لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن ويندڙ 30 هزار کان وڌيڪ رهواسين جي تيزي سان ٿيندڙ واپسي وارو سلسلو جاري آهي. 80 سيڪڙو رهواسين جي پنهنجن علائقن ڏانهن ٿيل واپسي کانپوءِ وري انهن علائقن ۾ ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن مان ٻوڏ سٽيل متاثر پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ملاڪاتيار جي ڳوٺ سليمان درس ، ڳوٺ غلام حسين سومرو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سجاول ، دڙي موري ۽ ٻين علائقن جا رهواسي پنهجي عزيزن وٽ سون جي تعداد ۾ پهتا آهن. جن جي سندن ئي عزيز مهمان نوازي جي روايت کي قائم رکي سندن مڪمل پرگھور لهي رهيا آهن. پر ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ سرڪاري عمارتن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ٻوڏ سٽيل ترسيل آهن. ضلعي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي رهڻ جي ڪري تعليمي ادارا اڃا تائين مڪمل طور کلي نه سگھيا آهن. ضلعي ٺٽي جي سجاول ، ڪوٽ عالم ، دڙي موري ۽ جاتي جي علائقن مان وري وڌيڪ ٻوڏ متاثر ٽنڊو محمد خان پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ٽنڊو محمد خان شهر اندر ٿيل آمد کان علاوه ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۽ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۾ به سون جي تعداد ۾ ٻوڏ متاثرن پهچي ويا آهن. جيڪي سرڪاري طور ڪنهن به سهولت ملڻ کان وانجهيل آهن. علائقن جا رهواسي ۽ سياسي ، سماجي تنظيمن جا ڪارڪن سندن ڀرپور خدمت ڪرڻ وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. ٽنڊو محمد خان شهر ۾ قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ پليو گھمراڻي کان آيل ٻوڏ متاثرن سرڪاري عمارت مان هاڻي واپس پنهجي ڳوٺ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. متاثرن جو چوڻ آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي پر سندن ڳوٺ مان پاڻي نڪري چڪو آهي، جنهن جي ڪري سرڪار سندن پرگھور لهي کين ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪري ته هو واپس وڃڻ لاءِ تيار آهن، جنهن تي کين اطلاعات کاتي طرفان سومر واري ڏينهن ٽرانسپورٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ٻوڏ سٽيل متاثرن کي عيدالفطر جي ويجهو اچڻ جي باوجود عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ سرڪار طرفان اڃا تائين ڪا به امداد نه ڏئي وئي آهي. جنهن ۾ ضلعي حڪومت طرفان صرف ٽنڊو محمد خان جي درياءَ واري ڪچي جي علائقي جي رهواسين جي رجسٽريشن ڪئي وڃي پئي پر ضلعي ٺٽي ۽ ٻين علائقن کان آيل ٻوڏ متاثرن جي رجسٽريشن نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ ضلعي حڪومت جو موقف آهي ته ضلعي ٺٽي جي ۽ ٻين علائقن جي ٻوڏ متاثرن کي سرڪار جي طرفان مقرر ڪيل امدادي ڪئمپن ۾ رجسٽريشن ڪرائي ويندي جن کي انهن ڪئمپن ۾ واپس وڃي پنهجو حق وٺڻ گھرجي. ضلعي حڪومت طرفان صرف علائقي جي رهواسي ڪچي جي متاثرن کي امدادي رقم ڏئي کين عيد جي خوشي ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. جنهن عمل جي ڪري ضلعي ٺٽي ۽ ٻين علائقن کان آيل ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ مايوسي ڇانيل آهي. جيڪي ٽنڊو محمد خان اندر سرڪاري عمارتن ۾ قائم ٿيل امدادي ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. سنڌ سرڪار کي گھرجي ته فوري طور انهن متاثرن جي پرگھور لهڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي ته جيئن سمورن ٻوڏ متاثرن جي مالي سهائتا مڪمل ٿي سگھي ۽ کين هن ڏکئي وقت ۾ وڌيڪ ڏک رسائڻ بجاءِ سندن مالي سهائتا ڪري کين عيد جي خوشين ۾ شامل ڪيو وڃي.

 

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com