|
سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ کين کاڌو فراهم
ڪرڻ به ڪاروبار بڻجي ويو
معشوق اوڍاڻو
لاڙڪاڻو هن وقت ٻوڏ متاثرن جي آمد ۽ رهائش جو وڏو مرڪز بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته ٽوڙي بند
جي ٽٽڻ کانپوءِ سنڌو درياهه جي ٻوڏ جو پاڻي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مختلف شهرن ۽
جيڪب آباد ضلعي جي مختلف شهرن توڙي شڪارپور ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن سان گڏ
قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جي اهم شهرن سميت ٻوڏ جي پاڻي هاڻي دادو ضلعي اندر تباهي
مچائيندو منڇر ڏانهن رخ ڪيو آهي پر پاڻي جي نيڪال ٿيڻ توڙي سنڌو درياهه کي لڳل ٽوڙي
بند جي لڳل گهاري جي ٻڌجڻ تائين علائقي ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري رهنديون ته ان
سان گڏ ٻوڏ متاثرن جي لڏ پلاڻ به جاري رهندي. هن وقت ڪراچي، حيدرآباد کانپوءِ
لاڙڪاڻو سڀ کان وڏو ٻوڏ متاثرن جو مرڪز ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومتي سطح تي جيڪا
سروي ٿي آهي ان جو بنياد ٻوڏ متاثرن جا مرڪز بڻيل لاڙڪاڻي جا اهي اسڪول، ڪاليج ۽
ٻيون رليف ڪئمپون آهن جتي تعليم کاتي جي اسٽاف، روينيو توڙي استادن پاران فهرستون
ٺاهي انتظاميه حوالي ڪيون آهن جنهن مطابق ٻوڏ متاثرن جو انگ هڪ لک 20 هزارن کان وڌي
ويو آهي. حڪومتي سطح تي ٻوڏ متاثرن جي کاڌ، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون پهچائڻ لاءِ
ڪروڙين رپيا فنڊ مخصوص ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي اندر جيتوڻيڪ سڌي طرح ٻوڏ جي پاڻي
ضلعي جي ڪنهن به حصي کي سوا ڪچي جي علائقي ۾ متاثر نه ڪيو آهي. جيتوڻيڪ عاقل-آگاڻي
بند جي حالت هن وقت بهتر آهي پر ان تي به نظرداري رکڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌو
درياهه ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيندي پئي وڃي پر آبپاشي کاتي جي ماهرن موجب عاقل-آگاڻي
بند تي درياهه هڪ لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ دوران ڪنهن به وقت کاڌ ڪري سگهي ٿو، انڪري
مسلسل سنڀال جي ضرورت هجي ٿي پر ان جي باوجود لاڙڪاڻي ضلعي اندر جيڪي ڪچي جي علائقي
جا ٻوڏ متاثر هئا انهن مان پاڻي گهٽ ٿيڻ بعد اڪثريت پنهنجي ماڳن ڏانهن واپس رواني
ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي پاڻي ۾ وڌيڪ لاٿ اچي وئي آهي
جڏهن ته ساڄي ڪناري جا اهي ڳوٺ جيڪي مٿانهين حصن تي ٻڌل آهن انهن مان پڻ پاڻي لهڻ
شروع ٿي ويو آهي. جنهن ڪري اڪثر ڪچي جا رهواسي پنهنجن ماڳن ڏانهن روانگي ڪري چڪا
آهن پر هن وقت به اتر سنڌ جي 5 ضلعن ۽ بلوچستان جي ڊيرا الهيار، اوستا محمد توڙي
ڪوٽ مگسي واري علائقن جا هزارين خاندان لاڙڪاڻي جي مختلف رليف ڪئمپن توڙي اسڪولن،
ريلوي اسٽيشنن، روڊن، رستن تي ويٺل آهن جن جي کاڌ، خوراڪ ۽ سار سنڀال جو ڪم هڪ وڏو
منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آهي. ذريعن موجب روزانو 18 لک رپيا ٻوڏ متاثرن جي کاڌ
خوراڪ ۽ ٻين مختلف ڪمن ۾ ڪتب آندا پيا وڃن. قدرتي آفتون جڏهن به اينديون آهن ته قوم
۽ رياست جي انتظامي مشينري گڏجي ان مصيبت سان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏئي مجبور ۽ متاثر
ٿيندڙ ماڻهن جي سنڀال ڪئي ويندي آهي پر اسان وٽ ڪرپشن ان حد تائين وڌي وئي آهي جو
هر ڪم ڀلائي جو هجي يا برائي جو، ان ۾ پهريان پنهنجي فائدي کي نظر ۾ رکندي پوءِ
سرڪاري مشينري توڙي عملدار ان ۾ هٿ وجهن ٿا. اهڙي سوچ ۽ روش جي نتيجي ۾ سرڪاري
مشينري جي ڪم تي ساک وارا ادارا ۽ ماڻهو اعتماد نه ٿا ڪن. لاڙڪاڻي ۾ جڏهن سوا لک
کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر پهتل آهن ته انهن جي کاڌ خوراڪ جو ڪم هڪ وڏو منافعي بخش ڪاروبار
بڻجي ويو آهي ته ٻئي پاسي ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ عذاب بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اڪثر ٻوڏ
متاثرن کي جيڪو کاڌو جنهن طريقي سان کارايو وڃي ٿو اهو ڪنهن به صورت ۾ صحتمند انسان
لاءِ به فائديمند نه ٿو رهي، ڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻي ۾ نه ايڏا وڏا ادارا آهن نه وڏيون
ڪمپنيون جيڪي خوراڪ جي سلسلي ۾ڪوالٽي ۾ سگهارا هجن. انتظاميا پاران مبينا سياسي
سفارش توڙي انتظامي عملدارن جي منافعي بخشي لاءِ روزاني جي لکين روپين جي خرچن کي
مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هوٽل هلائيندڙ، ڊيڪوريشن جو سامان رکندڙ توڙي ڪا به
کاڌ، خوراڪ ۽ صحت بابت ڪا به ڄاڻ نه رکندڙ ۽ عام ننڍڙا هوٽل هلائيندڙن کي به لکين
رپين جا ٺيڪا ڏنا ويا ته هو ٻوڏ متاثرن کي ٻن وقت جي ماني پهچائين. پوءِ ٿيو ايئن
ته لاڙڪاڻي جي سمورن وڏن، ننڍن هوٽلن اڳيان چانورن جون ديڳيون پچڻ لڳيون، ٻڌايو وڃي
ٿو ته في ديڳ جي رقم 3 هزار 8 سئو روپيه مقرر ڪئي وئي آهي، 10 ڪلو چانورن جي ديڳ ۾
نه رڳو چانور گهٽ معيار وارا پر ڪڪڙ جو گوشت، پٽاٽو ۽ ٻيون شيون به اهڙيون استعمال
ڪيون پيون وڃن ته في ديڳ تي 2000 کان 2200 روپيه خرچ اچي. ته جيئن في ديڳ تي گهٽ ۾
گهٽ 1600 کان 1800 روپيه بچت ٿئي. روزانو لاڙڪاڻو شهر ۾ 600 ديڳيون پچايون وڃن ٿيون
ڪنهن به اداري جي ايتري حيثيت ناهي ته هو ايتري جلدي ۾ 600 ديڳيون تيار ڪرائي
چانورن جي خراب ٿيڻ کان اڳ انهن جي پيڪنگ ٿي ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائجي، پوءِ ٿئي ائين
ٿو ته ٻوڏ متاثرن کي جيڪا منجهند جو 2 وڳي تائين ماني پهچائڻي آهي پر چانور صبح جو
8 وڳي تيار ٿين ٿا. انهن جي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پيڪنگ ڪئي وڃي ٿي اهڙي طرح 6 ڪلاڪن
تائين تيار ٿيل چانور پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند آهن، پوءِ وري ٻوڏ متاثرن جي رش ۾
جڏهن چانور ورهايا وڃن ٿا ته آخر تائين چانور ورهائڻ جو سلسلو 4 وڳي تائين رهي ٿو.
اهڙي ريت 6 کان 8 ڪلاڪ چانور پاروٿا ٿي وڃن ٿا پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند هجڻ سبب سخت
گرميءَ جي نتيجي ۾ چانور صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار بڻجي وڃن ٿا ٻيو جيڪي ٻوڏ متاثر
اس، سخت گرمي، بغير بجلي ۽ پکي جي وڻن جي ڇانو، ڀتين جي پاسن ۾ توڙي خمين جي هيٺان
ويٺل آهن انهن کي اهڙا چانور کارايا وڃن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ گيسٽرو ۽
ٻيون بيماريون ڦهلجن ٿيون. تازو ضلعي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي ماني پهچائيندڙن کي ساڍا
3 ڪروڙ روپين جا بل ادا ڪيا وڃن. پر روزانو 18 لک روپيا خرچ ڏيکاريل آهي جنهن جي
بلن جي ادائگي به ٿيڻي آهي. هن منافعي بخش ڪاروبار ۾ هر قسم جا ماڻهو شامل ٿي ويا
آهن ۽ انتظاميا کي وري اهڙو ماحول گهربل آهي جنهن سان سياسي ماڻهو ۽ انتظامي عملدار
به خاموش رهن ۽ منافعي جو ڪاروبار جاري رهي. ٻوڏ متاثر مري ٿو يا جيئي ٿو ان جي
ڪنهن کي پرواهه ڪونهي. هڪ پاسي متاثرن جي کاڌ، خوراڪ ڪاروبار بڻيل آهي ته ٻئي پاسي
هزارين خاندانن کي هڪ هنڌ رهايو وڃي ٿو جن کي نه باٿ روم جي سهولت آهي، نه انهن
ڪئمپن ۾ توڙي اسڪولن ۾ لاڙڪاڻو ميونسپل انتظاميا صفائي ٿي ڪرائي، وڏي تعداد ۾ ٻوڏ
متاثرن جي ڪئمپن ۾ صفائي ته پري جي ڳالهه آهي پر شهر جي صفائي جو نظام به برباد ٿي
ويو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته 3 ٽينٽ سٽي قائم ڪيا پيا وڃن ۽ انهن ۾ 20-20
هزار ماڻهن جي رهائش جي گنجائش ڪڍي پئي وڃي. جيڪڏهن هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن جي
سهائتا ۽ سار سنڀال جي سلسلي ۾ اختيار ڪيل رويا ساڳيائي رهيا ته هي ٽينٽ سٽي وري
نئين بحران کي جنم ڏيندا. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ متاثرن ۾ اطلاع آهن ته اهڙا ماڻهو به اچي
چڪا آهن جن پنهنجي انهن ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ذاتي جهيڙن توڙي تحفظ جي نالي ۾ جديد
هٿيار رکيا، اڄ اهي ٻئي سامان سان گڏ پنهنجا هٿيار به کڻي آيا آهن. بک، بدحالي،
بيروزگاري، بي گهر هجڻ ۽ پوءِ مٿان حڪومتي ۽ انتظامي سطح تي سنڀال نه هجڻ واري
صورتحال ڪنهن سماجي ڏوهن سان گڏ ڏوهن کي به جنم ڏئي سگهي ٿي ۽ پوءِ اهڙي صورتحال کي
ڪنٽرول ڪرڻ انتظامي سطح تي وس جي ڳالهه نه هوندي انڪري هاڻي کان ئي گهڻ طرفا
بندوبست ڪري هن بحراني صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي؟!
|