|
... ۽ نيٺ دادو ضلعي جو خيرپورناٿن
شاهه شهر به ٻڏي ويو!!
مختيار چانڊيو
اهو صبح جو وقت هو جڏهن ماڻهن کي اها خبر پئي ته ڇنڊڻ کي خيرپور ناٿن شاهه شهر ڏي 3
گهارا پئجي ويا آهن ۽ پاڻي تيزي سان خدا واهه ڏي اچي ٿو، تڏهن ماڻهن ۾ سخت خوف
پکڙجي ويو، اهڙي خبر ماڻهن تي وڄ جيان ڪڙڪي پئي، هر طرف ڀاڄ پئجي وئي، ماڻهن جو
دماغ نه پيو ڪم ڪري ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته پاڻي اچي شهر کي ٻوڙي، هتان جي
واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي سوين ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا ته ڇنڊڻ جا
گهارا بند ڪري خدا واهه کي مضبوط ڪيو وڃي پر ٿيو اهو جيڪو ٿيڻو هو، حڪمرانن جي
سياسي ويڙهه ۽ چونڊيل نمائندن جي سستي ۽ لاپرواهي سبب ڇنڊڻ جا گهارا بند نه ٿيا ۽
ڏسندي ئي ڏسندي خدا واهه ۽ ڇنڊڻ جي وچ ۾ 15 کان وڌيڪ ننڍا ۽ 10 تمام وڏا ڳوٺ ٻڏي
ويا ۽ هزارين ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، شهر جي لڏپلاڻ جي حالت اها هئي ته هزارين
مرد توڙي عورتون پنهنجن ٻارڙن سان گڏ رڳو استعمال جون شيون کڻي ٻاهر نڪري آيا، هر
طرف افراتفري هئي، شهر جون سڀ رونقون ۽ ماڻهن جون سڀ خوشيون ختم ٿي ويون ۽ سندن
ٻهڪندڙ چهرن تي اداسي، بيوسي ۽ ڪاوڙ نظر اچي رهي هئي، هو هر ڪنهن سان ڪاوڙ ۾
ڳالهائي ۽ پنهنجي ۽ ٻين جون دليون پڻ آزاري رهيا هئا، ڪيترن ئي مردن توڙي عورتن جي
اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو سالن کان پائي پائي گڏ ڪري پنهنجي ٺاهيل ننڍڙن گهرن کي حسرت
سان ڏسي اندر ۾ پچي رهيا هئا ۽ ماڻهو اکين مان لڙڪ ڳاڙي رهيا هئا پر ان باوجود هنن
جي دلين ۾ اها اميد ضرور هئي ته چونڊيل نمائندا سندن واهر ڪندا ۽ ڇنڊڻ جا گهارا بند
ٿي ويندا، ان اميد سان ڪيترا خاندان لڏي ويا پر هر هڪ گهر مان هڪ يا ٻه فرد گهرن ۾
موجود هئا، نه ئي ڇنڊڻ جا گهارا ٻڌا نه ئي خدا واهه جي مرمت ٿي، اوچتو جمعي رات شام
جو خدا واهه کي ٽن هنڌن تان گهارا پئجي ويا ۽ پاڻي شهر جي باءِ پاس ۽ انڊس هاءِ وي
سان اچي لڳو ۽ پاڻي ۾ ايتري ته تيزي هئي جو ٽن چئن ڪلاڪن ۾ پاڻي جي تيز رفتاري اوور
ٽاپ ڪري انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو ۽ باءِ پاس لڳ پاڻي شهباز ڪالوني ۽ جوکيا پاڙي ۾
ڪاهي پيو، تڏهن شهر ۾ تمام وڏي وٺ وٺان شروع ٿي وئي ۽ گهرن ۾ رهيل سوين خاندان روڊن
تي نڪري آيا، جنهن ڪري ٽرانسپورٽ هلڻ مشڪل ٿي پئي ۽ اها گاڏي جيڪا حيدرآباد جا 4
هزار وٺندي هئي ان جو اگهه 15 کان 20 هزار ٿي ويو. ڊي سي او ۽ چونڊيل نمائندن پاران
اعلانيل ٽرانسپورٽ ڪنهن کي به نه ملي ۽ ماڻهو ٻارين ٻچين ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊن تي
ويٺا رهيا، اڃ ۽ بک وگهي ماڻهو ڪنهن کي دانهن ڏين، حڪمرانن جا ڪيل اهي واعدا به من
گهڙت نڪتا، ماڻهو پنهنجي گهرن جا قيمتي سامان ۽ سون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڪرائي جا
پئسا هٿ ڪري شهر ڇڏڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا، رات جو 11 وڳي پاڻي شهباز ڪالوني،
جوکيا پاڙي، ڪريمداد لنڊ، ڊگري ڪاليج، تعلقي اسپتال، ٿاڻي، عدالتن سميت 11 کان وڌيڪ
ڪالونين کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ پاڻي اڳتي وڌڻ لڳو، ان ايڏي ڏکئي وقت ۾ به ڪنهن چونڊيل
نمائندي توڙي ضلعي انتظاميا ماڻهن جي سار نه لڌي، وري به هتان جي پوليس ڪجهه مڙسي
ڪري مسجدن ۽ امام بارگاهن ته اهي گهرن مان نڪري اچن شهر ٻڏي رهيو آهي، اهڙي اعلان
کانپوءِ شهر ماڻهن سان ڀرجي ويو ۽ سڄي رات ماڻهو دربدري واري صورتحال ۾ رلندا ۽
ڀٽڪندا رهيا پر ڪجهه چڱي ڳالهه اها هئي ته هڪ طرف سيتا روڊ ڏي ويندڙ رستو ڪونه ٻڏو
هو ۽ اهو خالي هو، جنهن ڪري ماڻهو پيرين پنڌ پڻ نڪري پيا، ڪيترن ئي ماڻهن چونڊيل
نمائندن تي سنگين الزام هنيا ته هو ڏکئي وقت ۾ عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي هليا ويا
۽ هتي ڪير به انهن جي سار لهڻ وارو ڪونهي، هو ننڌڻڪا ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو روئندا
پٽيندا پنهنجا گهر ڇڏي هليا ويا ۽ اڃا ڪيترا ماڻهو شهر ۾ ڦاٿل آهن، هوڏانهن پاڻي
شهر کان اڳتي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن ڏي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ 20 ڳوٺ هن مهل تائين ٻڏي چڪا
آهن ۽ اهو پاڻي جوهي بئراج سان ٽڪرائجي ويندو، جنهن ڪري سيتا روڊ ٻڏڻ جا خطرا پڻ
وڌي ويا آهن.
|