سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ متاثرن جي نالي تي ٿيندڙ ٺيڪيداري ڪاروبار

 زاهد نون

 

ملڪ ۾ جيڪڏهن انصاف هجي ها ته اڄ ملڪ فلاحي رياست جو روپ ۽ هر ماڻهو خوشحال ۽ ترقي طرف وڌندڙ هجي ها، ڏندين آڱريون ان وقت اچي ويون جڏهن ٻاهرين ملڪن کان امداد جو ٻڌي وڏي ڀاءُ (پنجاب) رات جي پيٽ ۾ 62 لک ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيڻ جا انگ ظاهر ڪري ڇڏيا، اسان کي اڳ ئي پڪ هئي ته ائين ئي ٿيندو جنهن تحت ڪوڙا انگ اکر ڏيکاري شروعات ڪئي وئي آهي. توڙي جو رائيٽ بيلٽ جنهن کي سنڌ سڏيو وڃي ٿو ٻڏي ڀڙ ڀينگ ٿي وئي آهي، هتي متاثرن جي نالي تي ٺيڪيداري وارو ڪاروبار ٿي رهيو آهي. رڪارڊ شاهد آهي ته جڏهن شڪارپور جي حدن مان 8 کان 30 تاريخ تائين ٻوڏ جو پاڻي گذري رهيو هو ته عوامي ٽائيٽل رکندڙ سياستدان لڳل گهارا بند ڪرڻ، شهري علائقن ۽ ٻوڏ کان رهجي ويل علائقن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ بند ”ٻڌرائيندي“ چئي رهيا هئا ته اسان گهران خرچ ڪري رهيا آهيون پر دنيا دنگ رهجي وئي جڏهن پ پ جي ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي جي چيئرمين شپ جي انتظام هيٺ رليف ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ (ق) ليگ سنڌ جو صدر ايم اين اي غوث بخش خان مهر، صوبائي وزير آغا سراج خان دراني، صوبائي وزير ميرعابد حسين جتوئي، صوبائي وزير آغا تيمور خان پٺاڻ، وزيراعليٰ جو خصوصي معاون ارسلان خان پٺاڻ، پ پ پ جو ضلعي صدر بابل خان ڀيو، پ پ پ جو اڳوڻو صدر قاضي نعيم اڪبر ۽ سڄي آفيسر شاهي جنهن ۾ ڊي سي او ۽ آبپاشي عملدار اچي وڃن ٿا، سي شريڪ ٿيا. اجلاس ته ون پوائنٽ ايجنڊا پاڻي ڪيئن نيڪال ٿئي بابت سڏايل هو، ڪنهن ڪنهن کي ٻوڙايو، ڪنهن ڪهڙيون شڪايتون ڪيون پر آخر ۾ ٺيڪيدارن جيان عوامي ٽائيٽل رکندڙن بل جمع ڪرايا. رليف ڪميٽي جي اجلاس دوران (ق) ليگ سنڌ جي صدر ايم اين اي غوث بخش مهر جي نڪرڻ دوران جڏهن هن کي متاثر وڪوڙي ويا ته هو سڀني متاثرن کي وٺي اچي اجلاس واري حال ۾ ڪميٽي آڏو بيهاري پاڻ هليو ويو ۽ ماڻهن جي دانهن ڪوڪن تي ڊي سي او مداخلت ڪندي آٿت ڏئي ٻاهر وٺي ويو، سنڌ ڪئنال کي لڳل گهاري تي 14 هزار ٻوريون يعني 9 لکن کان وڌيڪ رقم، سلطان ڪوٽ بچائڻ لاءِ 10 لک روپيا، خانپور جي علائقي پنجين ميل واري گهاري تي، ڳڙهي ياسين کي بچائڻ لاءِ آغا فارم واري بند تي، جاڳڻ کي بچائڻ لاءِ بند ٻڌڻ تي سياستدانن طرفان 40 لکن کان وڌيڪ، سئي گئس جي انجنيئر ۽ ضلعي ايڊمنسٽريشن طرفان 10 لکن کان وڌيڪ مجموعي طور تي خرچ جو ڪاٿو 50 لک کان وڌيڪ ٻڌائيندي انگ اکر ظاهر ڪيا ويا. ٻوڏ ۽ ٻوڏ کان پوءِ ماڻهن جي مدد خاطر ڪير ڪٿي بيٺو هو هڪ مهيني دوران 3 ڪروڙ روپيا روڪ رقم، ڪچو کاڌو ۽ پڪو کاڌو متاثرن کي ڏيارڻ لاءِ ناليوار تفصيل ظاهر ٿيڻ کپن ته جيئن عام ماڻهن کي پتو پوي. ڪروڙين روپيا کاڌي پيتي تي خرچ ٿيڻ جي باوجود متاثرن جي دانهن ۽ اين جي اوز تي کڄيل آڱرين سڀني ڌرين کي مجبور ڪيو جنهن تحت ”جيم خانه ڪلب“ ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اين جي اوز، صوبائي وزير، ضلعي ايڊمنسٽريشن جا آفيسر شريڪ ٿيا، شفافيت ڪرائڻ لاءِ طئه ڪيو ويو ته آئنده متاثرن کي ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا سامان ۽ کاڌ خوراڪ ملڻ کي روڪڻ ۽ رهجي ويلن جي سار سنڀال لاءِ آفيسرن ۽ سماجي ڪارڪنن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي سامان جي ورڇ بهتر انداز ۾ ڪرائڻ لاءِ طئه ٿيو، ان تي عمل ڪيترو ٿيو آهي؟ ٿيندو به يا نه؟ اها هڪ ڌار ڳالهه آهي، بعد ۾ ڪميٽي نالي ۾ رهجي وئي آهي. شڪارپور جي سياست خاص ڪري پ پ پ اندر ڳڙهي ياسين ۽ سلطان ڪوٽ ۾ ڏار پئجي ويا آهن، انتظامي ڍانچي توڙي سياسي طور تي ڪير ڪنهن سان گڏ آهي ان بابت ڏسنداسين ته پ پ پ جو آفتاب شعبان ميراڻي هڪ هنڌ باقي پ پ پ ڳڙهي ياسين جي دراني جي سڀ کان وڌيڪ نپيئرآباد جي جتوئين سان، سلطان ڪوٽ جي بابر پٺاڻن جي وزيرآباد جي مهرن سان اٿ ويهه، ڪوجهي ڪاٽيج سان تعلق رکندڙ شيخ ڀائر ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ سڀني کان ڌار بيهي وٺ وٺان ۾ لڳل آهن، پ پ پ جو ضلعي صدر ميربابل خان ڀيو ميراڻي ۽ دراني جو ويجهو سمجهيو وڃي ٿو. شڪارپور ضلعي اندر سياست خاص ڪري پ پ پ اندر رنجشون ته اڳ ۾ ئي هيون پر پاڻي جو وهڪرو وڇوٽيون وڌائيندو رهي ٿو، اهو ڪٿي دنگ ڪندو، ان بابت حتمي فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي، هاڻي جڏهن صورتحال اهڙي هجي جو ملڪي ڍانچي اندر ٻه اکيائي طور امداد ايندو ڏسي وڏو ۽ ڏاڍو صوبو اچانڪ نقصان جا ڪوڙا انگ اکر ظاهر ڪري، پر شڪارپور ضلعي اندر ماڻهن جي مدد ڪرڻ کان پوءِ ٺيڪيدارن جيان فنڊن وٺڻ خاطر بل جمع ڪرائڻ. ضلعي ايڊمنسٽريشن جي بيوس ٿي وڃڻ کي ڇا چئجي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com