|
آسوند اکين مان وهندڙ ڳوڙها ۽ بک
۾ ورتل انسانن جا احتجاج
شبير بيدار ڀٽو
غلام حسين جاگيراڻي اها آس کڻي سنڌو ۾ آيل ٻوڏ واري پاڻي جي سطح گهٽجي وڃڻ کانپوءِ
واپس پنهنجي ڪچي ۾ واقع ڳوٺ پهتو هو ته شايد سندس گهر بچي ويو هوندو ۽ ڇت تي ڇڏي
آيل سامان ۽ اناج به پيل هوندو، پر هو جڏهن فتو پتڻ کان 3 ڪلو ميٽر هيٺ پنهنجي ڳوٺ
وٽ پهتو ته سندس هانءُ ڇڄي پيو ۽ ان جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. سندس گهر سميت سڄو ڳوٺ
ڊهي پيو هو ۽ هاڻ رڳو آثار وڃي بچيا هئا ته هتي به ڪو ڳوٺ آباد هو. سنڌو درياهه ۾
ٻوڏ واري پاڻي جي لاٿ اچڻ کانپوءِ ڪچي جا ماڻهو واپس پنهنجن ڳوٺن ڏانهن وڃڻ شروع
ڪيو آهي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته ماڇڪي کان علي واهڻ بچاءُ بند ۽ گهيل پور کان الف ڪچي
تائين پکڙيل ڪيئي سئو ڪلو ميٽر واري ڪچي جي علائقي ۾ جيڪي به ڳوٺ هئا سي تباهه ٿي
ويا آهن. جن جو تعداد هزارن ۾ آهي ۽ جيڪي پڪيون عمارتون بچي ويون آهن سي پڻ پاڻي
هيٺ رهڻ جي ڪري هاڻ ان لائق نه رهيون آهن ته اتي ماڻهو رهي سگهن. ان ڪري ڪچي ۾ اهڙي
صورتحال ڏسي واپس ايندڙ سمورا ماڻهو اهو چئي رهيا آهن ته ڪچي ۾ ڳوٺ تباهه ٿي ويا،
فصل ٻڏي ويا ۽ سندن الهه تلهه لڙهي ويو آهي ۽ انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو
آهي پر پوءِ به پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي علائقي سان محبت ڪندڙ ڪچي جا ماڻهو واپس پنهنجن
وسندين ڏانهن وري رهيا آهن ۽ انهن جهوپڙيون اڏي رهڻ شروع ڪيون آهن. اهو تعداد في
الحال ته گهٽ آهي پر هاڻ شروعات ضرور ٿي آهي. ان ڏينهن پنوعاقل تعلقي جي سرائي دم
دمي واري بچاءُ بند تي ترسيل هڪ خاندان واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جون تياريون ڪري
رهيو هو ته ميڊيا وارن ان خاندان جي هڪ عورت نصيبان کان پڇا ڪئي ته هو واپس ڇو ٿا
وڃن سندن ڳوٺ تباهه ٿي ويو آهي ۽ رهڻ لاءِ توڙي کائڻ لاءِ انهن وٽ ڪجهه به ناهي ته
ان اها ورندي ڏني هئي ته بچاءُ بند تي به اسان بکيا ۽ اڃيا رهيا آهيون هاڻ پنهنجي
ڳوٺ وڃي رهنداسين ۽ اهو آسرو ته نه رهندو ته ڪيڏي مهل سرڪاري ماني اچي ٿي ۽ منهنجا
ٻارڙا ٻه گرهه کائين ٿا ۽ پوءِ هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ هن پنهنجي ڳالهه ختم
ڪندي چيو ته ڀلي بک مري وڃون ٻيو ته ٺهيو پر مان پنهنجي ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي ان پٽ کي
ياد ضرور ڪنديس جيڪو ڳوٺ ٻڏڻ وقت لڙهي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين نه واپس مليو آهي نه
وري سندس لاش ئي ملي سگهيو آهي. سو سائين منهنجا هن هفتي دوران ٻوڏ ستايل انسانن جي
گهٽ ۾ گهٽ سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعي جي ڪيترن ئي ڪچي وارن علائقن ۾ واپسي شروع ٿي
آهي پر لڳي ٿو ته اهي ماڻهو اڃا مهينن تائين بک ۽ اڃ جو شڪار رهندا ۽ پوءِ جڏهن
انهن جو فصل تيار ٿيندو تڏهن وڃي کين روزي ملندي پر روزي ملڻ جي باوجود اهي ان ڏک
کي ڪڏهن به نه ڀلائي سگهندا ته درياهه بادشاهه جي دهشت سندن گهرن ٻوڙي ڇڏيا، سندن
ٻچا لوڙهي ڇڏيا، ونين کان ور کسي ورتا، نياڻين کي يتيم ڪري ڇڏيو ۽ پيءُ پٽن کان جدا
ٿي ويو. اهو غم ۽ ڏک سالن تائين سانڍي ڪچي واسي پنهنجن کي ساري روئيندا رهندا ۽
واقعي ئي سڄي سنڌ هن وقت روئي رهي آهي ۽ آئون جڏهن گذريل هفتي جون ساروڻيون کڻي
اوهان سان سنڌ واسين ٻوڏ ستايل انسانن جا سور اوري رهيو آهيان ته مونکي مير ڪوش کان
ڪيٽي جوڻيجا تائين سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ واري ڪچي ۽ گڊو بچاءُ بند کان رڪ اسپر
بچاءُ بند تائين بچاءُ بندن روڊن، رستن، شهرن ۾ امدادي ڪئمپن توڙي کليل آسمان هيٺ
ترسيل ٻوڏ ستايل انسانن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها نظر اچي رهيا آهن. هر ٻوڏ ستايل
خاندان جي پنهنجي درد ڀري ڪهاڻي آهي؟ هن هفتي دوران هڪ طرف ڪچي ۾ پاڻي لهڻ کانپوءِ
ٻوڏ سٽيل واپس وڃڻ شروع ٿيا آهن پر ٻئي طرف جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ضلعن جي پڪي
وارن علائقن سان تعلق رکندڙ ٻوڏ ستايل لکين انسان اڃا تائين سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽
شڪارپور جي سرڪاري امدادي ڪئمپن ۾ ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. هاڻ سرڪار پاران
امدادي ڪئمپن ۾ به پڪل ماني پهچائڻ جو سلسلو گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ سرندي وارن
ماڻهن اين جي اوز ۽ ٻين تنظيمن طرفان اڳ ۾ جنهن جذبي هيٺ چندو ڪري ٻوڏ ستايل ماڻهن
کي ماني کارائي پئي وئي ۽ خشڪ راشن پهچايو پئي ويو سو جذبو گهٽجي ويو آهي ۽ ماني ۽
خشڪ راشن پهچائڻ جو سلسلو به آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو آهي. ان جي ڪري امدادي ڪئمپن ۾
ترسيل ٻوڏ ستايل مردن، عورتن ۽ ٻارڙن روزانو سکر، روهڙي، پنوعاقل ۽ ٻين شهرن ۾
احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا روز جو معمول بڻجي ويا آهن
احتجاج ڪندڙ دانهون ڪري رهيا آهن ته کين ماني نٿي ملي، ٻچا لنگهڻ آهن ۽ امدادي
ڪئمپن جا نگران هاڻي پنهنجي رويا مٽائي ويا آهن اسڪولن جا هيڊماستر ۽ ڪاليجن جا
پرنسپال اسان کي اسڪول ۽ ڪاليج خالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن آخر اسان وڃون ته
هاڻ ڪيڏهن وڃون؟ اسان وٽ نه اجهو، نه پسئو، نه ڳوٺ پهچڻ لاءِ سواري آهي! سکر بندر
وال جي ڀرسان رهندڙ ٻه هزار کان وڌيڪ خاندانن کي اسڪولن جي انتظاميه ٻن ڏينهن اندر
اسڪول خالي ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي سي ته
انتهائي پريشان آهن انهن جو چوڻ آهي ته درياهه بادشاهه جو پاڻي سندن گهر اندر داخل
ٿي ديوارون ۽ ڇتيون لوڙهي ويو آهي هاڻ هو ڪٿي وڃي رهن؟ هي اهو سوال آهي جيڪو هاڻ
ٻوڏ ستايل هر انسان جي ذهن ۾ اڀرڻ شروع ٿي ويو آهي، حڪمران چئي رهيا آهن ته پاڻي
لهڻ کانپوءِ ٻوڏ ستايل ماڻهن کي واپس پنهنجن ڳوٺن ڏانهن موٽائي گهر اڏي ڏنا ويندا،
اهڙو سهڻو خواب پورو ٿئي الا نه پر هن سال ته ٻوڏ ستايل لکين ماڻهن لاءِ عيد جون
خوشيون غم جي گهڙين ۾ تبديل ٿيل هونديون، سرڪار اعلان ڪيو هو ته عيد کان اڳ ۾ ئي
ٻوڏ ستايل هر خاندان کي 20 هزار روپيا ڏنا ويندا ۽ هڪ مهيني جو راشن به ڏنو ويندو
پر هن اعلان تي اڄ ڏينهن تائين ڪو عمل نه ٿيو آهي سنڌ ڪٿي به عيد ملهائڻ لاءِ
ماڻهن کي نه پئسا مليا آهن نه وري خشڪ راشن مليو آهي ان ڏينهن سکر جي بس ٽرمينل
ڀرسان قائم ڪيل خيما بستي ۾ ترسيل هڪ خاندان جي نوجوان عورت نور بانو گرگيج کان
جڏهن ڪنهن صحافي پڇيو ته توهان جي عيد ڪئين ٿيندي ته هن کيس جواب ڏنو هو ته ڀاءُ
اسان جون ڪهڙيون عيدون منهنجو ڀاءُ پاڻي لوڙهي ويو آهي، امڙ پوڙهي جهور تپ ۾ سڙي
رهي آهي ۽ بابا اسان خاندان جي ڀاتين لاءِ ماني آڻڻ لاءِ پريشان آهن هاڻ ته رڳو
اسان اها دعا ٿا گهرون ته خدا اسان جون زندگيون بچن ۽ واقعي ئي هن عيد تي اسان
سمورن سنڌ واسين کي اها گڏيل دعا گهرڻ گهرجي ته اي منهنجا مولا هن ٻوڏ ستايل انسانن
۽ تباهه ٿيل سنڌ جي واهر ڪر نه ته هي ماڻهو سڏڪي سڏڪي مرندا يا بک ۽ اڃ کان تنگ اچي
خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.
|