|
ٻوڏ متاثرن ۾ پکڙيل گيسٽرو ۽ صحت جي وزير جو عجيب بيان
جان محمد مهر
سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين کانپوءِ اڃا تائين ماڻهن جي گهرن ۾ روز روز نوان الميا جنم
وٺي رهيا آهن، ٻوڏ سبب، هڪ طرف ماڻهو گهر کان بي گهر ٿيا ته ٻئي طرف سندن مال
ملڪيت، ڍور ڍڳا ۽ ٻني به تباهه ٿي ۽ مجبوريءَ وچان ماڻهن کي ڪئمپن ۾ اچي ترسڻو پيو،
سکر جي ڀر واري ضلعن ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، قمبر- شهدادڪوٽ، جيڪب آباد جا هزارين
ڳوٺ ۽ وڏي انگ ۾ شهر متاثر ٿيڻ توڙي اتر سنڌ جي ڪچي جي ٻڏي وڃڻ کانپوءِ لکين ماڻهن
کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ پهرئين ڌڪ ۾ لڏپلاڻ ڪري ايندڙ متاثرن جو گهڻو ڪري رخ سکر طرف
هو، ڇاڪاڻ ته ساڄي پاسي ٽوڙي بند ٽٽڻ جي ڪري رڳو تباهيون هيون ۽ ماڻهن سکر واري
پاسي کي محفوظ سمجهندي هيڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، هن وقت سرڪاري انگن اکرن موجب ته 300
ڪئمپون لڳل آهن، جن ۾ گهڻو ڪري اسڪول، ڪاليج ۽ ٻين سرڪاري عمارتن کان علاوه مختلف
هنڌن تي ٽينٽ لڳائي ماڻهن کي رهايو ويو آهي، گذريل 7 آگسٽ کانپوءِ سکر ضلعي جي
مختلف علائقن پنوعاقل، صالح پٽ ۽ روهڙي تعلقن توڙي سکر شهر ٻاهران ڪئمپن ۾ ترسيل
ماڻهن ۾ هن وقت کاڌ خوراڪ کان وڌيڪ صحت جي سهولتن جي کوٽ سبب گهڻي پريشاني آهي،
سرڪاري سطح تي قائم 300 ڪئمپن توڙي روڊن ۽ بندن توڙي مٽن مائٽن وٽ ترسيل هزارين
خاندانن جي معصوم ٻارڙن ۾ گيسٽرو ڦهلجي وئي آهي، جنهن ڪري روزانو سکر جي ڪئمپن توڙي
اسپتالن ۾ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن، گيسٽرو
تمام گهڻي ڦهلجڻ سبب هن وقت به سکر جي سول اسپتال انور پراچا اسپتال، ڀٽي اسپتال،
ريلوي اسپتال، روهڙي، پنوعاقل، ڪنڌرا، صالح پٽ ۽ باگڙجي جي سرڪاري اسپتالن توڙي
خانگي اسپتالن مان مليل انگن اکرن موجب ته 2 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا داخل ٿيل آهن،
جڏهن ته اسپتالن کان علاوه ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن ۾ پڻ گيسٽرو ۾ ورتل ٻارڙن جو هڪ وڏو
انگ موجود آهي، ڪئمپن ۾ موجود خاندانن جي ٻارڙن ۾ گيسٽرو ۾ اضافو ٿيڻ جي خبرن بعد
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن تي صوبائي صلاحڪار پهلاج راءِ مختلف
اسپتالن جو دورو ڪري گيسٽرو لاءِ مخصوص ڪيل وارڊن ۾ وڃي ٻارڙن جي عيادت ڪري ڊاڪٽرن
کي بهتر علاج جون سخت هدايتون ڪيون ۽ ٻارڙن ۾ ڪپڙا، کير، جوس ۽ ٻيو سامان ورهايو ۽
”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته هن وقت اسپتالن ۾ 2 هزار جي لڳ ڀڳ گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙا موجود
آهن ۽ ڪئمپن ۾ انهن جو انگ الڳ آهي، هڪ طرف سنڌ سرڪار جا نمائندا اهڙا انگ اکر جاري
ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف وري صحت جي وفاقي وزير مخدوم شهاب الدين جو چوڻ آهي ته سنڌ
۾ گيسٽرو ايتري ناهي ۽ ميڊيا ۾ غلط انگ اکر اچي رهيا آهن ۽ گيسٽرو جو علاج ڪرڻ لاءِ
اسپتالن ۾ سڀ بندوبست ٿيل آهي، هاڻي خبر ناهي ته اسلام آباد مان هڪ دفعو به تڪليف
ڪري سکر جي اسپتالن، ڪئمپن يا ٻين ضلعن ۾ دوري ڪرڻ ۽ حالتن جو جائزو نه وٺندڙ صحت
جي وفاقي وزير مخدوم شهاب کي اهو ڪيئن معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن جي
ٻارڙن ۾ گيسٽرو ناهي، شايد هن ٿي سگهي ٿو ته ڪو خواب ڏٺو هجي ته ٻارڙن ۾ گيسٽرو
ناهي ۽ فوت نه پيا ٿين، باقي حقيقت ۾ ته اسپتالون گيسٽرو متاثرن سان ڀريون پيون
آهن. سکر ۾ قائم ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن جي ٻارڙن ۾ گيسٽرو جي هاڃن بابت ڊاڪٽرن
جو چوڻ آهي ته ڪئمپن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي گهٽ ٿيڻ ۽ ٻوڏ متاثر جن علائقن مان ڪئمپن
۾ پهتا آهن، اتي نلڪا ٻڏي وڃڻ بعد ٻوڏ وارو پاڻي واپرائڻ توڙي ڪئمپن ۾ سخت گرمي سبب
گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو ٿيو آهي، ڊاڪٽرن سرڪاري سطح توڙي غير سرڪاري تنظيمن ۽ سرندي
وارن کي مشورو ڏنو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪا مدد ڪئي پئي وڃي ان ۾ ٻارڙن جو وڌ
کان وڌ خيال رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ متاثرن لاءِ پهچندڙ کاڌ خوراڪ ۾ ٻارڙن جو خيال
گهٽ رکيو پيو وڃي، خاص ڪري گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙن جي کاڌ خوراڪ ۾ خيال نه پيو رکيو
وڃي، ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي ته گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙن لاءِ صاف پاڻي، ڏهي، بسڪيٽ ۽ ٻي
هلڪي غذا اسپتالن ۾ ڏني وڃي، جڏهن ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ڪئمپن ۾ وڌ کان وڌ صاف
پاڻي ۽ صفائي جو گهڻو خيال رکيو وڃي ته جيئن گيسٽرو وڌيڪ نه ڦهلجي، سکر جي مختلف
سرڪاري اسپتالن ۾ توڙي خانگي اسپتالن ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙن جي انگ ۾ ايترو ته
اضافو ٿي ويو آهي جو اسپتالن ۾ هڪ ئي بيڊ تي 2 کان 4 ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن، سنڌ
جي صحت کاتي توڙي وفاقي صحت کاتي ۽ جوڙيل نمائندن کي گيسٽرو جي روڪٿام لاءِ تڪڙا
اپاءُ وٺڻ گهرجن نه ته لاپرواهي هڪ نئين الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي.
|