|
بدين ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا جو اعليٰ مثال
مصطفيٰ جمالي
بدين ضلعي کي ٻوڏ اڃا تائين نه ٻوڙيو آهي پر ڀر واري ضلعي ۾ سنڌو درياءَ جي ايس ايم
بند کي لڳل گهاري سبب ضلعي ٺٽي جي سجاول، جاتي تعلقن جي ٻڏڻ ڪري ضلعي بدين ۾ ايندڙ
هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي جتي بدين جي ماڻهن دل کولي جايون ڏنيون آهن، اتي سرڪاري
ادارن فقط ڳڻپ جوڳا قدم کنيا آهن، بدين ضلعي ۾ هڪ سئو ڪئمپون قائم ته ٿيون آهن پر
انهن ڪئمپن ۾ بدين جي انتظاميا شناختي ڪارڊ ذريعي رجسٽريشن ڪري ماڻهن ۾ سامان ڏيڻ
جي صرف ڪوششن ۾ رڌل ضرور آهن، ٽنڊوباگو ۾ ڪئمپن اندر ۽ ڪئمپن کان ٻاهر رهندڙ 8 هزار
ماڻهن مان 3 هزار ماڻهن کي ٽنڊوباگو جا شهري دلبر خواجه جي سربراهي ۾ ٽن ويلن جو
کاڌو ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ته باقي پنج هزار ماڻهن مان انتظاميا ٻن هزار ماڻهن کي
راشن ڏئي رهي آهي ۽ 3 هزار وڌيڪ ٻوڏ متاثرن کي ڀان برادري، زنئور برادري، ميمڻ،
ڀرڳڙي، نظاماڻي، سيد، عمراڻي، خواجا توڙي ٻين ذاتين جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ترسائي
کاڌو کارائي مهمان نوازي جو عظيم مثال قائم ڪيو آهي، ڪڍڻ جا چانڊيا هجن يا اسماعيل
خان جمالي جا جمالي يا سيراڻي جي سپيا برادري هجي پنهنجي ڀر واري ضلعي جي ٻوڏ
متاثرن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ بدين واسين مهمان نوازي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي اربين رپيا
بجيٽ رکندڙ ضلعي انتظاميا لاءِ هڪ تعجب وارو سوال ڇڏيو آهي، سماجي تنظيمن به پنهنجو
ڪردار تمام سٺو نڀايو آهي، يو اين ڊي پي پاران هڪ هزار خيما، 108 پاڻي جا جريڪن يا
10 هزار خاندانن کي ”ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ“ پاران ٽن ويلن جو کاڌو ڪئمپن تي پهچائڻ
جو ڪم ٿيو آهي پر ضلعي انتظاميا کي شايد ڏسڻ ۾ نه اچي، ڇو ته هڪ لک ٻوڏ متاثرن مان
22 هزار ٻوڏ متاثرن کي انتظاميا گذريل پنجن ڏينهن کان ڪئمپن ۾ ترسائي سنڀالي رهي
آهي، باقي آسمان جي ڇت هيٺان معصوم ٻچن ۽ مال متاع سان رهندڙ ٻوڏ متاثرن جي مدد
ٻهراڙي جا ماڻهو ۽ الله تعاليٰ ڪري رهيو آهي، هڪ طرف سنڌ جي اڌ آبادي سنڌوءَ جي
وهڪرن سبب ٻوڏ واري صورتحال ۾ گذري رهي آهي ته ٻئي طرف آبپاشي ڪامورن گوني، ڦليلي ۽
اڪرم واهه ڊويزن ۾ زرعي آبادي لاءِ ايندڙ پاڻي گذريل ٻن هفتن کان بند ڪري ڇڏيو آهي،
ملڪاڻي، کوسڪي، شادي لارج، ڪڍڻ، احمد راڄو، سيراڻي ۽ گولاڙچي ڀرسان وهندڙ سڀني واهن
۽ شاخن جي ٽيل ۾ پاڻي نه پيا ڇڏين، جنهن ڪري آبادگارن جون دانهون ۽ ڪوڪون آهن ۽
هزارين ايڪڙن تي مشتمل ٽماٽي ۽ ڪپهه جو فصل سڙي ويو آهي، ٽيل ۾ پاڻي کوٽ سان گڏوگڏ
بٺوري تعلقي، گولاڙچي تعلقي، بدين ۽ ٽنڊوباگو تعلقي ۾ 8-8 ڪلاڪ روزانو بجلي بنا
اعلان جي بند آهي، گرمي سبب ماڻهو پريشان آهن، بٺوري جي رهواسين موجب بٺوري شهر جي
بجلي 26 آگسٽ کان جيئن بند ٿي ته 2 سيپٽمبر 2010ع تائين نه آئي آهي ۽ بٺوري جي 80
سيڪڙو آبادي بدين طرف لڏي آئي آهي پر 20 سيڪڙو انڌيري ۾ اوجاڳا ڪري ان پريشاني ۾
آهي ته متان اسان ڏانهن سنڌوءَ جو بي رحم پاڻي اچي نه وڃي.
|