|
قمبر ضلعي جي متاثرن کي رليف ۽ مالڪي جو احساس گهرجي
نور احمد کوسو
ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ جتي سنڌ جا ڪيترائي ضلعا سخت متاثر ٿيا ۽ سوين ماڻهو بي رحم
ڇولين جي ور چڙهي لڙهي ويا اتي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ تي واقع قمبر –
شهدادڪوٽ ضلعي ۾ به ايريگيشن عملدارن توڙي ضلعي انتظاميه جي بي ڌياني ، لاپرواهي ۽
نااهلي ڪري ايف پي بچاءَ بند ، آر بي او ڊي توڙي مختلف شاخن جا ڪپر مضبوط نه ڪرڻ
ڪري ٻوڏ جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ سرڪار جي غلط رٿا بندي سبب گاجي کهاوڙ شهر
پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ ڪري اهو پاڻي وارهه ۽ نصيرآباد شهرن لاءِ به خطري جي گهنٽي بڻجي ويو
آهي جتان ماڻهو سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه جي بي ڌياني ۽ نااهلي ڏسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي
مجبور بڻيل آهن پر سرڪار ۽ قمبر جي ضلعي انتظاميه پاڻي جو دٻاءَ گهٽائڻ لاءِ قمبر ۽
دادو ضلعن جي سرحدي دنگ تي واقع سپريو بند کان پاڻي جو ڇوڙ ڌامراهه واهه ۾ ڪرائي نه
سگهي، جنهن ڪري دادو ۽ قمبر جي چونڊيل نمائندن ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي ايتري
تائين جو قمبر ضلعي مان چونڊيل نمائندن تي پاڻي جي ڇوڙ ڪرڻ جي معاملي تان پٿراءُ به
ڪيو ويو پر تنهن هوندي به سنڌ سرڪار توڙي آب پاشي عملدارن جي بي ڌياني، نااهلي ۽
سستي ڪري اهو معاملو به هن وقت تائين نبرجي نه سگهيو آهي جڏهن ته ان معاملي لاءِ
ٻڌايو پيو وڃي ته اها ڳالهه قمبر مان چونڊيل نمائيندن صدر پاڪستان تائين به پهچائي
هئي ۽ اهو موقف ڏيکاريو پئي ويو ته هي پاڻي قمبر ضلعي جو نه پر درياءَ جي بند ٽٽڻ
کانپوءِ ٻوڏ جو پاڻي آهي، جنهن جيڪب آباد ، ڪنڌڪوٽ ، ڪشمور ، شڪارپور ضلعن ۾ تباهي
ڪندو قمبر ضلعي ۾ به تباهي مچائي ڇڏي هئي ۽ ان جي وڃڻ جو رستو به دادو ضلعي جي
ڌامراهه واهه کان هيو پر دادو جي چونڊيل نمائندن اهو عذر ڏيکاريو ته اسان ميهڙ ۽
خيرپور ناٿن شاهه جي قرباني نه ڏينداسين جنهن دوران دادو ۽ قمبر ضلعن جي عوام ۾ به
سرڪار جي نااهلي ، غلط رٿا بندي ۽ مناسب فيصلا نه ٿيڻ ڪري سخت غصي جي لهر ڇائنجي
وئي هر شهر جو ماڻهو پنهنجي شهر کي بچائڻ جي ڳالهه ڪرڻ لڳو جنهن سان قمبر ۽ دادو
ضلعن ۾ بيٺل پاڻي ٻنهي ضلعن لاءِ تباهي جو باعث بڻجي ويو پر سرڪار سڳوري ان معاملي
تي سنجيدگي سان ڪو به فيصلو ڪري نه سگهي آهي جڏهن ته ٻوڏ جي پاڻي قمبر ضلعي جا سوين
ڳوٺ ٻوڙيندي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪندي انهن کي متاثر ڪئمپن سميت روڊن ، رستن ۽
بندن تي ويهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جتي هو سرڪار جي بي حسي سبب واهر نه ٿيڻ ڪري
عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن پر سرڪار ۽ هتان جي ضلعي انتظاميه طرفان
بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي واهر ، کاڌ خوراڪ ، صحت ، تعليم توڙي پيئڻ جي صاف پاڻي جو
ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪرڻ تي ٻوڏ متاثرن سخت پريشان حال آهن ۽ سهارو نه هجڻ ڪري
بي يارومددگار بڻجي ويٺل آهن جڏهن ته لکين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل توڙي چوپايو
مال پاڻي جي ور چڙهي وڃڻ ڪري ٻوڏ متاثرن کان آخري سهارو به کسجي ويو آهي جنهن ڪري
انهن کان عيد جي خوشين سيمت خريداري به موڪلائي وئي آهي ۽ منهن تي مرڪن بجاءِ
مايوسي جا ڪڪر هر وقت ڇانيل ئي رهن ٿا جڏهن ته سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه طرفان ٻوڏ
متاثرن کي کاڌ خوراڪ توڙي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپين جا بل ته ڪاغذي
ڪارروائي ۾ ضرور ڏيکاريا ويا هوندا پر ان جي ابتڙ هن وقت به هزارين ٻوڏ متاثرن
تائين سرڪار جي کاڌ خوراڪ پهچي نه سگهي آهي جنهن ڪري ٻوڏ متاثرن بک ۽ اڃ کان بيزار
ٿي هاڻ روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ سرڪاري مشينري ۽ پوليس سان به مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ
تيار ٿي ويا آهن اهڙي ماحول ۾ هڪ اهڙو ئي دل ڏکائيندڙ واقعو قمبر ۾ ان وقت پيش
آيو، جڏهن قمبر جي مختلف يوسيز غيبي ديرو، دوست علي، ڪلر، بوهڙ ۽ ميروخان جي يوسي
کبڙ جا سوين ٻوڏ بکايل خاندانن پنهنجي عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ سرڪار طرفان کاڌ خوراڪ
نه ملڻ ڪري ڊي سي او آفيس قمبر اڳيان ڌرڻو هڻي کاڌ خوراڪ ڏيڻ جي گهر ڪئي ته اها
ڳالهه شايد سرڪار کي پسند نه آئي ۽ متاثرن جي آواز کي دٻائڻ ضلعي انتظاميه ٻوڏ
متاثرن مٿان پوليس ڪڙڪائي ڇڏي جنهن دوران پوليس اهلڪارن ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ روڊ کولرائڻ
جي معاملي تان منهن ماري ۽ چڪريون ٿيون ۽ پوليس ٻوڏ متاثرن کي منتشر ڪرڻ لاءِ هوائي
فائرنگ سان گڏ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلائيندي پيٽ بکايل خاندان مٿان لاٺي چارج
ڪري ڏني جنهن سبب عورتن ۽ مردن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو
اهڙي ڪارروائي دوران 8 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا ۽ انهن جون هڪ ڳورهاري عورت
سميت 4 عورتون بي هوش ٿي ڪري پيون، جنهن کان پوءِ قمبر جي اڳوڻي تعلقي ناظم نواب
سردار خان چانڊيو متاثرن وٽ اچي انهن کي آٿت ڏئي احتجاج ختم ڪرايو پوليس جي اهڙي
ڪاروائي تي سڄاڻ ڌرين ۾ غصي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ هر حساس دل رکندڙ ماڻهو ان عمل جي
نندا ڪندو رهيو پر قمبر جو ڊي سي او توڙي ضلعي انتظاميه جو ذميوار عملدار ٻوڏ
متاثرن وٽ لنگهي به نه ويو ۽ نه ئي انهن جي ڦٽن تي ڪا مرهم رکي اهڙي ماحول ۾ پيٽ
بکايل ٻوڏ متاثرن ماني جي ڳڀي لاءِ پوليس جي لاٺي چارج کان ويندي فائرنگ ۽ گيس جي
شيلنگ برداشت ڪئي، جنهن کانپوءِ مصيبت جا ماريل ماڻهو پنهنجي قسمت تي ماتم ڪندي
کليل آسمان هيٺيان نٽهڻ اس ۾ مايوس ٿي ويهي رهيا آهن پر انهن جي درد جو ڪو مسيحا نه
بڻجي سگهيو ۽ اهي ماني ڳڀي جي ڳولا ڪندا رهيا . ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته
سنڌ سرڪار کي فوري طور ٻوڏ متاثرن جا انگ اکر گڏ ڪندي انهن جي کاڌ خوراڪ سميت صحت ،
تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪري ڏيڻ گهرجي ته جيئن مصيبت ۾ ورتل ماڻهن
جي چهرن تي ڪا مرڪ اچي ۽ انهن ۾ مالڪي جو ڪو احساس پيدا ٿئي ۽ هن جيءُ جهوريندڙ
ٻوڏ ۾ ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن .
|