اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

گهوڙا گهٽ جو بي وقتائتو بند ٻڌڻ سان ڪروڙين رپين جي ضايع ٿيڻ جو ذميوار ڪير؟

مسعود سومرو

 

7 آگسٽ تي سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ ٽوڙي بند وارو گهارو بند ڪرڻ وارو ڪم اڃا تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي پر سنڌ حڪومت پاران گهارو بند ڪرڻ وارو ڪم اين ڊبليو او حوالي ڪرڻ کانپوءِ ٽوڙي بند وارو گهارو بند ڪرڻ کان اڳ ۾ گهوڙا گهٽ بند تي بند ٻڌو پيو وڃي، تعجب جي ڳالهه اها آهي جو هڪ بند کي ٻڌڻ لاءِ ٻيو بند ٽوڙي اتان مٿي کنئي پئي وڃي، جنهن تي حد جي ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي اعراض واريندي چيو آهي ته هڪ طرف هڪ بند کي ٽوڙي ٻيو بند ٻڌڻ وارو ڪم افسوسناڪ آهي، سندس چوڻ آهي ته گذريل 5 ڏينهن ۾ رڳو 2 سئو فوٽ بند ٻڌو ويو آهي ۽ 1800 فوٽ بند ٻڌڻ ۾ اٽڪل هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو، جڏهن ته هڪ مهيني کان پوءِ گهوڙا گهٽ بند ٻڌجي ويندو، ان وقت پاڻي جي سطح تمام گهٽجي ويندي ۽ ٽوڙي بند واري گهاري کي ٻڌڻ لاءِ ٻيا رستا کلي ويندا ۽ ان وقت گهوڙا گهٽ بند کي بند ٻڌڻ لاءِ حڪومت جا خرچ ڪيل ڪروڙين رپيا ضايع ٿي ويندا، جيتوڻيڪ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي اهڙي مشوري باوجود گهوڙا گهٽ تي بند ٻڌڻ وارو ڪم جاري آهي، ان سلسلي ۾ ايف ڊبليو او جي برگيڊيئر امانت علي ۽ ڊي سي او ڪشمور جو چوڻ آهي ته گهوڙا گهٽ وٽ بند ٻڌڻ لاءِ مٽي جي فراهمي نه هئڻ ڪري پراڻي ٽوڙي بند تان 2 کان اڍائي فوٽن تائين مٽي کنئي پئي وڃي ۽ گهوڙا گهٽ بند ٻڌڻ بعد پراڻي ٽوڙي بند تان کنيل مٽي ٻئي هنڌان کڻي ساڳئي پراڻي ٽوڙي بند تي وجهرائي ويندي، جڏهن ته علائقي واسين پڻ گهوڙا گهٽ وٽ بند ٺاهڻ واري ڪم کي بي وقتائتو ۽ بي معنيٰ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڄاڻايل بند ٻڌڻ سان ڪوبه فائدو نه ٿيندو پر حڪومت جا ڪروڙين رپيا ضايع ٿيندا، جڏهن ته اهڙي صورتحال سامهون اچڻ جي باوجود ايف ڊبليو او کي مٽيريل ۽ مٽي جي فراهمي ڪندڙ مقامي ٺيڪيدار انتظاميا کي اثر رسوخ استعمال ڪري هڪ بند کي ٽوڙي ٻيو بند ٻڌڻ لاءِ پراڻي ٽوڙي بند تان مٽي کڻائڻ وارو ڪم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هوڏانهن سنڌ جي جيلن واري وزير حاجي مظفر علي شجراع، ڊي سي او ڪشمور سيد عابد علي شاهه، اي ڊي او روينيو منور علي مهيسر ۽ ڊي او روينيو سڪندر چانڊيو سان گڏ ٽوڙي بند ويجهو گهوڙا گهٽ بند وٽ پهچي بند ٻڌڻ وارو ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ايس ڊي او آبپاشي امجد جتوئي صوبائي وزير کي ٻڌايو ته گذريل 5 ڏينهن ۾ اڍائي سئو فوٽ بند ٻڌو ويو آهي ۽ جتي بند ٻڌو پيو وڃي، اتي پاڻي جي گهرائي 25 کان 30 فوٽ آهي، ان سلسلي ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هن وقت جڏهن پاڻي جي سطح مسلسل گهٽجي رهي آهي ۽ ان ڪري پاڻي جي ليول مڪمل طور گهٽجڻ بعد ٽوڙي بند کي لڳل گهارو بند ڪرائڻ وارو ڪم شروع ڪرايو وڃي ۽ گهوڙا گهٽ کي بند ٻڌڻ وارو ڪم نه ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ جو هاڻي ان بند ٻڌڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com