|
جاتي شهر کانپوءِ چوهڙ جمالي ۽ شاهبندر تائين پهتل ٻوڏ جو پاڻي
عثمان ميمڻ
26 آگسٽ تائين اڃا جڏهن ٺٽي ضلعي جي ماڻهن جون ڪيفيتون خوشي ۽ خوف
جي ٽياس تي ٽنگيل هيون ۽ اهي انومان هئا ته وڏي عرصي کان مسلسل دعائون گهرڻ جي
نتيجي ۾ ڪوٽڙي جي مٿئين وهڪري ڏانهن ايندڙ پاڻي خلق خدا سان الائي ڪهڙو ورتاءُ ڪندو
ته اوچتو رات جي اونداهي ۾ ڪوٽ عالمون وٽان بند ٽٽي پيو، شروعاتي طور 20 فوٽن جو هي
گهارو، جنهن مان 15 کان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي جاري ٿيڻ شروع ٿيو هو سو ڪجهه ڏينهن ۾
1200 فوٽن کان به وڌي ويو ۽ گجگوڙ ڪندڙ پاڻي جيڪو هڪ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ آهي، اڄ به
دريائي وهڪرو ڇڏي آباد ڳوٺ برباد ڪندو وسنديون اجاڙيندڙ سجاول سب ڊويزن جي اٽڪل چئن
تعلقن سجاول، ميرپور بٺورو، جاتي ۽ تعلقي شاهبندر کي برباد ڪري چڪو آهي، هڪ محتاط
اندازي مطابق لوئر پڃاري جي ڪمانڊ ايريا ۾ اٽڪل 4 لک ايڪڙ زرعي زمين جنهن ۾ ڪيلو،
ڪمند، ڦٽي، ساريال ۽ ڀاڄين سميت ٻيا فصل پاڻي ٻوڙي چڪو آهي، سجاول سب ڊويزن جي مک
شهر سجاول کانسواءِ بٺورو، دڙو، چوهڙ جمالي، جاتي ۽ ان جي آسپاس هزارين ڳوٺن، واهن
۽ وسندين جا ماڻهو بي سرو ساماني جي عالم ۾ پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي مڪلي جي روڊن،
رستن، قبرستانن، راند جي ميدانن، مڪلي باءِ پاس ۽ کلي آسمان هيٺان وقت جي هن آزمائش
جو شڪار آهن، سرڪاري انگن اکرن موجب اٽڪل 8 کان 9 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن،
ماڻهن جي گذر سفر جا وسيلا خاص طور تي زراعت ته صرف ايندڙ ربيع تائين پر مستقبل جا
ٻه ٽي سال برباد ٿي چڪا آهن، غريبن جا جهوپڙا توڙي اميرن جون ماڙيون سڀ گوڏي جيڏي
پاڻي هيٺ آهن، اهي گهر ڊهندا وڃن، مالوندن جو مال جنهن ۾ ڍڳيون، مينهون، ٻڪريون ۽
ٻيو چوپايو مال شامل آهي، درياءَ جي نذر ٿي چڪو آهي يا بک اڃ وگهي مرڻ لڳو آهي.
غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو عذابن جو شڪار آهن، رڳو مڪلي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ 4 لک
ماڻهو ڪسمپرسي جي زندگي گذاري رهيا آهن، ان ٻرندڙ صورتحال ۾ پاڪستان جي دوست ملڪن
کانسواءِ اقوام متحده جا ادارا پڻ متحرڪ ٿي ويا آهن، مقامي اين جي اوز، بين
الاقوامي ادارا ۽ انفرادي طور پئسي جي حوالي سان سرندي وارا ماڻهو خدا ترس انسان
هاڻي وڏي ڪوششن ۾ رڌل آهن ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي هن قدرتي آفت جي نتيجي ۾ مصيبتن
کي گهٽائڻ خاطر جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، گهٽائي سگهجي. پاڻي جو هي وهڪرو جڏهن لهي
ويندو ته مڪلي ۽ ٻين هنڌن تي ويٺل متاثر پنهنجي وسندين ڏانهن موٽندا، هن صورتحال
مان نقصان ته ضرور وڏا ٿيا آهن پر هڪڙو سٺو ۽ مثبت پهلو هي به آهي ته ٺٽي ضلعي جي
ساحلي پٽي ۾ 15 سالن جي عرصي کانپوءِ زندگي وري ڪر موڙيا آهن، وڻجارن جا واپار وڌيا
آهن، مڇي ۽ جهينگي جي وڏي پئماني تي پالنا شروع آهي، تمر جا ٻيلا آباد ٿيا آهن ۽
مستقبل ۾ غريب ماهيگير جي جهوپڙين ۾ خوشحالي جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا آهن.
|