2010ع ۾ آيل ٻوڏ جي ڪهاڻي:2011ع ۾ ڪيل اڻپورا انتظام!

سترام مهيشوري

 سپريم ڪورٽ 15 ڊسمبر 2010ع تي انساني حقن بابت داخل مختلف پٽيشنن  جي شنوائي ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين، ڪارڻن توڙي ذميوارن جي تعين لاءِ بئريسٽر اعظم خان جي سربراهي ۾ فتح علي کجڪ، اي ڊبليو قاضي، خواجه ظهير احمد، (اڳوڻا چيف سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري) تي ٻڌل چار رڪني ڪميشن جوڙي کين 13 اسمن تي ٻڌل ٽي او آر ڏني وئي.  انهيءَ ڪميشن جي 200 صفحن تي ٻڌل  جاچ رپورٽ کي ساراهيندي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي انهيءَ رپورٽ تي ”من و عن“ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.”ڪاوش“ جي مان وارن پڙهندڙن لاءِ انهيءَ رپورٽ جا اهم حصا پيش ڪجن ٿا.

سنڌ سميت پاڪستان جي هزارين ميلن ۾ پکڙيل دريائي بندن جي ٻوڏ کان اڳ ۽ پوءِ حالت خراب رهي آهي، جن مان حساس قرار ڏنل بندن تي نگراني ڪرڻ سان گڏ انهن جي ضروري مرمت لاءِ هر دور ۾ ڪانٽيجنسي پلان پڻ ٺهندا رهيا آهن، ٻوڏ کان اڳ ۾ سول ۽ ملٽري جون ٽيمون پڻ انهن بندن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺي لاڳاپيل ضلعن کي ڪنهن به امڪاني صورتحال جي حوالي سان پلان جوڙڻ جون صلاحون ڏينديون رهيون آهن. ٻوڏ ڪميشن جي تازي جاچ دوران اهڙو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي ته انهن ٽيمن پاران ڪيل سفارشن تي ڪنهن حد تائين عمل ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پي ايم ڊي پاران موسم جي حوالي سان ڪيل اڳڪٿي ڪي قدر دير سان ضرور ٿي هئي پر پوءِ به سنڌ ۽ پنجاب کي ڪنهن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳپل وقت ضرور مليل هو پر ٻوڏ جي حوالي سان انهن پاران ڪا خاص تياري ڪيل نظر نه آئي، پنجاب ۾ جناح بئراج تي پيل گهارن جا ذميوار اتان جو چيف انجنيئر ۽ ايس  اِي آهن، جن فلڊ پروٽيڪشن پلان تي ڪوبه عمل نه ڪيو. اهڙي ريت سنڌ ۾ وري ٽوڙي، ايم ايس (ڪوٽ عالمو) ۽ پي بي بند (فقير جو ڳوٺ ضلعو ٺٽو) ۾ پيل گهارن جا ذميوار تڏهوڪو آبپاشي سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر ڪوٽڙي ۽ سکر بئراج آهن جيڪي دريائي بندن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا، جن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي هڪ ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پيا، نه رڳو اهو پر سنڌ جي تڏهوڪي آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊو بئراج جي چيف انجنيئر اسلام آباد ۽ ڪوٽڙي بئراج جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر ٺٽي ۾ فلڊ ڪميشن جي ٽيم آڏو غلط بياني ڪئي.

قصو ٽوڙي بند ٽٽڻ جو

فلڊ ڪميشن جي ٽيم جي مشاهدي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ٽوڙي بند تي سالن کان مرمت جو ڪو خاص ڪم نه ڪرايو ويو هو، جنهن ڪري ٻوڏ کان اڳ ۾ ئي انهيءَ بند جي سطح (بلندي) خطرناڪ حد تائين گهٽجي وئي هئي.اهڙي صورتحال کان تڏهوڪو آبپاشي سيڪريٽري توڙي گڊو بئراج جو چيف انجنيئر ڀلي ڀت واقف هئا، هنن وٽ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهربل وقت توڙي وسيلا پڻ موجود هئا، انهيءَ باوجود انهن لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي ڪي به اپاءُ نه ورتا.  6 ۽ 7 آگسٽ جو سنڌو ۾ آيل سپر فلڊ دوران انهيءَ بند ۾ روڻيون پوڻ شروع ٿي ويون هيون، جن کي ڀرڻ لاءِ پٿر توڙي اضافي مٽي ڀرڻ بدران دريائي بند جي پاڙ مان مٽي کڻي وڌي وئي. گهاري پوڻ وقت گڊو بئراج جو چيف انجنيئر ۽ سندس ٽيم ٽوڙي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئا، جن خاص طور تي انچارج ايڪسين هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي خاص اپاءُ نه ورتا، سندن چوڻ هو ته گهاري وقت تيز برسات پئجي رهي هئي، جنهن ڪري گاڏين وسيلي بندن جو سفر ڪرڻ ناممڪن هو، جڏهن ته حقيقت وري ان جي ابتڙ نظر آئي، ڪميشن جي رپورٽ موجب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آيل تباهي جا چيف انجنيئر گڊو بئراج، ايس اِي، ايڪسيئن ۽ سندس ٽيم ميمبر سڌي ريت ذميوار آهن.

علي واهڻ ڇو نه ٽٽو؟

جيتوڻيڪ 2010ع ۾ آيل ٻوڏ کي مها ٻوڏ جو نالو ڏنو ويو آهي، آبپاشي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته انهيءَ سال گڊو وٽان 11 لک 64 هزار ڪيوسڪ  کان وڌيڪ پاڻي جو گذر ٿيو پر حقيقت اها آهي ته 1976ع ۾ آيل ٻوڏ وارو وهڪرو تازي آيل ٻوڏ کان وڌيڪ توڙي خطرناڪ هو، جنهن کي تڏهوڪن آفيسرن آساني سان گذاري سمنڊ تائين پهچايو هو،  ٽوڙي بند جي ڀيٽ ۾ علي واهڻ بند کي گهارو/ ڪٽ هڻڻ وارو معاملو ڪي قدر مختلف هو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سياسي قيادت توڙي سياسي اڳواڻ، سول ۽ ملٽري عملدار ٻن ڏينهن جي ڊگهين ميٽنگن دوران انهيءَ خيال جا هئا ته علي واهڻ کي ڪنهن به صورت ۾ گهارو نه پوڻ گهرجي.

ٻوڏ ڇا ڇا لوڙهي وئي؟

سال 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ دوران هڪ ڪاٿي موجب 855 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري شعبي جو نقصان رڳو 35 ۽ عام شهرين جو نقصان 65 سيڪڙو رهيو. بلوچستان جي جعفر آباد ضلعي ۾ چانورن جو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، معاشي ماهرن جي ٻولي ۾ اهو نقصان جي ڊي پي جو 5.8 سيڪڙو جي برابر هو. انهيءَ ٻوڏ ۾ 1600 انساني جانيون ضايع ٿيون، (جن کي سرڪار پاران اڃا تائين 5 لک رپين جي ادائگي نه ڪئي وئي آهي)، جڏهن ته 70 لک ٻارن جو تعليمي سال پڻ ٻوڏ جي ور چڙهي ويو. انهيءَ ٻوڏ 45 لک ماڻهن خاص طور تي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين کان سندن وات جو گرهه کسي ڇڏيو، ٻوڏ جي تباهڪارين سبب 2 ڪروڙ ماڻهن کي غذائيت جي کوٽ کان وٺي بيمارين جو منهن ڏسڻو پيو.

ٻوڏ کانپوءِ جا منظر

27 جولاءِ کان 12 آگسٽ تائين ٻوڏ دوران سرڪار خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومتن ۽ اين جي اوز سميت مختلف ڌرين اثرائتا اپاءُ ورتا، ان وقت انساني همدردي جو هڪ وڏو جذبو نظر آيو، سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد واري ايئربيس تي پرڏيهين جي موجودگي سبب اتي امدادي ڪمن ۾ شروعاتي طور تي ڪي قدر رڪاوٽون ضرور پيون، فلڊ ڪميشن جي رپورٽ موجب ايئربيس تي موجود پرڏيهي ڊسمبر 2010ع ۾ ملندڙ ايف-16 جهازن جي نئين کيپ لاءِ پاڪستان ايئرفورس جي اسٽاف کي سکيا ڏئي رهيا هئا، جنهن ڪري اهو سمجهيو پئي ويو ته انهيءَ ايئربيس تان امدادي سامان جي ورڇ توڙي پهچ ممڪن ناهي پر انگ اکر ٻڌائين ٿا ته انهيءَ ايئربيس تي 200 کان وڌيڪ رليف اڏامن لينڊنگ ڪئي، جنهن سبب اپر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رليف جي ڪمن کي وڏي هٿي ملي.

هاڻي ڇا ٿيڻ کپي؟

2010ع ۾ آيل ٻوڏ آبپاشي جي پراڻي توڙي نئين نظام کي لوڏي ڇڏيو، سرڪاري توڙي خانگي شعبي جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، ڪيتريون ئي جايون، آفيسون، روڊ، پليون ۽ ٻيون عمارتون تباهه يا متاثر ٿيون. نقصان ايترو ته گهڻو هو جو ڪا به حڪومت اڪيلي سر ان جو پورائو نه پئي ڪري سگهي، سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي جي حوالي سان تڏهوڪي آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو توڙي گڊو بئراج جي تڏهوڪي چيف انجنيئر ظفرالله مهر کان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نگراني هيٺ اها جاچ ٿيڻ گهرجي ته انهن فيبروري 2010ع ۾ بندن جي حفاظت لاءِ اپاءُ وٺڻ جي فيصلي تي عمل ڇو نه ڪرايو ؟ جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ اچڻ وقت ٽوڙي بند ٽٽي پيو، جنهن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان کي وڏي تباهي جو منهن ڏسڻو پيو. ساڳئي وقت ڪوٽڙي بئراج جي تڏهوڪي چيف انجنيئر ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر کان به اها وضاحت ورتي وڃي ته ٻوڏ جي وارننگ ملڻ باوجود هنن چئن هفتن جي مهلت دوران پي بي ۽ ايم ايس بندن جي مرمت ڇو نه ڪرائي؟ جنهن جي ڪري ٻوڏ وقت ڪوٽ عالمو وٽ سنڌو کي گهارو لڳو، تنهن ٺٽي جي سجاول ۽ جاتي تعلقن سميت اڌ ضلعي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. فلڊ ڪميشن اها به سفارش ڪئي آهي ته سنڌ آبپاشي کاتي جي ذميوار ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏو گڏ 10 سالن دوران کاتي پاران ڪيل خرچن جي اسپيشل آڊٽ پڻ ڪرائي وڃي ته جيئن اها ڳالهه ظاهر ٿئي ته اهي رقمون  ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ڪيون ويون هيون. مستقبل جي حوالي سان فيڊرل فلڊ ڪميشن کي سگهارو ڪري اين ڊي ايم اي جي نگراني جي نظام کي وڌيڪ سگهارو ڪيو وڃي. ساڳئي وقت آبادگار تنظيمن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو وڃي ته اهي پنهنجن ميمبرن کي زرعي ترقياتي بينڪ جي ونڊو هيٺ انشورنس ڪرائڻ تي راضي ڪن. جڏهن ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل عملدارن کي زرعي بينڪ معرفت وڏي مدي وارا بانڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي ٻوڏ جي تباهڪارين واري صورتحال مان ٻاهر نڪري سگهن.  پاڪستان جي 64 سالن جي تاريخ ۾ مختلف حڪومتن پاران مختلف ڪميشن ۽ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪميشنن /ڪاميٽين جون رپورٽون منظرعام تي نظر اچي سگهيون آهن، انهن ڪميشنن پنهنجن رپورٽن ۾ تمام سٺيون سفارشون پڻ ڪيون هونديون پر عوام کي انهن تي 100 سيڪڙو عمل ٿيندي نظر نه آيو، ملڪ جي ويجهڙائي واري تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ طرفان ڪنهن عوامي نوعيت جي اهم مسئلي جو نه رڳو نوٽيس ورتو ويو پر ماهر عملدارن ۽ قانوندانن جي نگراني ۾ هڪ بااختيار جاچ ڪميشن جوڙي ان کان ٻوڏ جي صورتحال، ڪارڻن ۽ ذميوارين جي تعين بابت مڪمل جاچ ڪرائي وقت جي حڪومت کي اهو حڪم ڏنو ويو ته انهيءَ تي ”من و عن“ عمل ڪيو وڃي. جنهن جي هڪ حصي تي عمل ڪندي سنڌ حڪومت سنڌ جي اڳوڻي آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي تڏهوڪن چيف انجنيئرن، 5 سپرنٽينڊنگ انجنيئرن، هڪ ايڪسيئن ۽ 5 ايس ڊي اوز کي برطرفي جا نوٽيس ڏيڻ سان گڏو گڏ اينٽي ڪرپشن ذريعي ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. نه رڳو اهو پر آبپاشي کاتي جي گذريل 10 سالن دوران خرچن جي آڊٽ پڻ ڪرائي پئي وڃي، جڏهن ته 25 سالن دوران پهريون ڀيرو سنڌ ۾ بندن جي ڪي قدر مرمت پڻ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ ناليواري پاڻي ماهر ادريس راجپوت جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن پر سنڌ جا 5 ڪروڙ رهواسي خاص طور تي بندن جي ڀرسان رهندڙ نانگ جا ڏنگيل نوڙي کان به ڊڄي رهيا آهن، لاڙڪاڻي کان وٺي ڪشمور تائين رائيس بيلٽ جي ڪيترن آبادگارن ايندڙ ٻوڏ جي ڊپ وچان هيل ساريالو فصل به نه پوکيو آهي.جڏهن ته  سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کان وٺي آبپاشي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو  وري عوام جا ڀرجهلا ٿي کين ڪو ڏڍ ڏيڻ بجاءِ ڌڻي تعاليٰ کان دعائون گهرڻ جون صلاحون ڏئي رهيا آهن.