بند جي ڪمن مان صدر طرفان جوڙيل وزارتي ڪاميٽي به مطمئن ناهي!

 

سنڌ ۾ بندن جي هلندڙ ڪم جي نگراني ڪرڻ لاءِ صدر طرفان سنڌ جي وزيرن تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن جي سربراهي ايم پي اي سيد احمد علي شاهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪاميٽي ۾ مير نادر مگسي ۽ ٻيا وزير شامل آهن، بندن جي ڪمن واري نگران ڪاميٽي جي سربراهه سيد احمد علي شاهه ڪجهه وقت اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ بندن جي ڪم تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ۽ اهو به چيو ويو هو ته بندن جو ڪم معياري نه ٿي رهيو آهي ۽ اهو مقرر وقت تي نه ٿي سگهندو، جڏهن ته وزارتي ڪاميٽي جو ميمبر صوبائي وزير مير نادر مگسي آبپاشي سيڪريٽري کي هڪ خط لکي سنڌ ۾بندن جي هلندڙ ڪم کي ناقص قرار ڏئي چڪو آهي، انهيءَ خط ۾ نادر مگسي عملدارن تي ڪيترائي الزام هنيا آهن، نادر مگسيءَ پاران 18  اپريل 2011ع تي آبپاشي کاتي  جي سيڪريٽري کي لکيل هڪ خط ۾ بندن جي اڏاوتي ڪمن کي ناقص قرار ڏيندي فوري طور تي ڪم بند ڪرڻ ۽ ٺيڪيدارن جون ادائيگيون روڪڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. هن اهو پڻ چيو آهي ته بندن جا اڏاوتي ڪم ڪمن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ پاران زميني سروي ۽ فزيڪل ويريفڪيشن ڪرڻ بنا ڪيا پيا وڃن. ڪرپشن جو رستو کولڻ لاءِ ڪمن جي لاڳت جا ڪاٿا تمام گهڻا وڌائي لڳايا ويا آهن. بندن جا اهي علائقا پڻ اڏاوتي رٿائن ۾ شامل ڪيا ويا اهن، جيڪي ٻوڏ سبب متاثر ئي ناهن ٿيا. نادر مگسيءَ چيو آهي ته اڏاوتي ڪمن جو سروي ڪرڻ دوران هن ڏٺو آهي ته ڪم ٺيڪ نه پيا ٿين، ان ڪري ڪنسلٽنٽ جي فزيڪل ويريفيڪشن بنا شروع ڪيل سمورا اڏاوتي ڪم  بنا دير جي بند ڪرائي ٺيڪيدارن جون ادائيگيون روڪيون وڃن ۽ اهڙن ناقص ڪمن جون جيڪڏهن ٺيڪيدارن کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن ته اهي واپس وٺي ڪيس وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي اماڻيا وڃن. جڏهن ته سومر واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ٿيل اجلاس ۾ پڻ  صوبائي وزير نادر مگسي چيو آهي ته آبپاشي کاتو تباهه ٿي رهيو آهي، سکر بئراج جي رائيٽ ۽ ليفٽ بئنڪ جا چيف انجنيئر پاڻ ۾ وڙهندا رهندا ته انهن جي سزا اسان جي ماڻهن کي ملندي؟، ان ڪري چوان ٿو ته شڪارپور وارا جاڳو، لاڙڪاڻي وارا جاڳو، قمبر-شهدادڪوٽ وارا جاڳو، بندن جي تعمير جو ڪم سست آهي، درياءَ جي ساڄي ڪپ جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، ٻن ٽن ڏينهن ۾ ماڻهو ٻڌندا ته ڇا ٿيڻ وارو آهي؟هن چيو ته آبپاشي کاتو ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيو آهي. هوڏانهن نادر مگسي جي خط جي جواب ۾  سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ سبب درياهه جي بندن وارن ڪمن جي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ ڪمپني سي ايس ايف پي ورڪس پروجيڪٽ جي پروجيڪٽ مئنيجر ۽ ٽيم ليڊر انجنيئر محمد ادريس راجپوت نادر مگسيءَ پاران بندن جي ناقص اڏاوتي ڪمن جي حوالي لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته بندن جا اڏاوتي ڪم سٺي معيار جا  ۽ تيز رفتار  سان ٿي رهيا آهن.