بند ٽٽڻ بابت آبپاشي کاتي جا ڪهڙا عملدار ذميوار آهن؟

 

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل فلڊ انڪوائري ڪميشن طرفان ذميوار قرار ڏنل آبپاشي کاتي سنڌ جي عملدارن، جن کي سنڌ سرڪار طرفان نوڪريءَ تان برطرفي واري قانون هيٺ شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن، انهن ذميوارن ۾ گڊو بئراج جو تڏهوڪو چيف انجنيئر ۽ ڪئنالن جي لائيننگ واري رٿا جو موجوده پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ظفر الله مهر، ڪوٽڙي بئراج جو تڏهوڪو چيف انجنيئر ۽ آر بي او ڊي رٿا جو موجوده پي ڊي منظور احمد شيخ، بيگاري فيڊر سرڪل سکر جو تڏهوڪو سپرنٽينڊنگ انجنيئر ۽ سمال ڊيمز رٿا جو موجوده پي ڊي غلام فاروق چنڙ، ڪوٽڙي بئراج جي پڃاري سرڪل جو تڏهوڪو سپرنٽينڊنگ انجنيئر ۽ آبپاشي کاتي جو موجوده پاڻيءَ جي معاملن وارو صلاحڪار جنيد ميمڻ، بيگاري سرڪل حيدرآباد جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر سلمان ميمڻ، ڊائريڪٽر هائيڊرالاجي ۽ ريسرچ زاهد حسين جوڻيجو، سپرنٽينڊنگ انجنيئر پڃاري سرڪل عبدالقادر پليجو، ڪلري بگهاڙ ڊويزن ٺٽو جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد فهيم سومرو شامل آهن.  بند ٽٽن جي الزام هيٺ آيل 20 هين گريڊ جي 2 چيف انجنيئرن ۽ 19 هين گريڊ جي 5 سپرنٽينڊنگ انجنيئرن کي وڏي وزير ۽ هڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي چيف سيڪريٽريءَ پنهنجين صحيحن سان اهي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن. سڀ کان وڌيڪ الزام ٽوڙي بند جي ٽٽڻ جي مک ڪردار اڳوڻي چيف انجنيئر گڊو بئراج ظفر الله مهر ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر فاروق احمد چنڙ تي لڳايا ويا آهن. چيف انجنيئر ظفر الله مهر تي جاچ دوران اسلام آباد ۾ ٻوڏ واري ڪميشن کان اصل حقيقتون لڪائڻ ۽ ڪميشن سان غلط بياني ڪرڻ جا الزام پڻ لڳايا ويا آهن. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جي اڳوڻي چيف انجنيئر منظور احمد شيخ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر احمد جنيد ميمڻ ۽ انجنيئر سلمان ميمڻ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد فهيم سومرو کي ڏنل شوڪاز نوٽيسن ۾ چيو ويو آهي ته موسميات کاتي پاران وڏي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪرڻ باوجود اوهان پنهنجي علائقي جي بندن کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ نه ورتا. نتيجي ۾ ڪوٽڙي بئراج جا ايم ايس بند ۽ پناهه- بگهاڙ بند ٽٽي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ضلعي ۾ ٻوڏ  وڏي تباهي آندي. آبپاشي کاتي جي 2 سپرنٽينڊنٽ انجنيئرن زاهد حسين جوڻيجو ۽ عبدالقادر پليجو کي ٺٽي جي دوري دوران ٻوڏ واري ڪميشن سان پورو تعاون نه ڪرڻ ۽ جاچ دوران ڄاڻي واڻي گهڻيون حقيقتون ڪميشن کان لڪائڻ جي الزامن هيٺ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته  آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري شجاع احمد جوڻيجو خلاف ڪيس ڪارروائيءَ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي کي اماڻيو ويو آهي، سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي لکيل هڪ خط ۾ ڄاڻايو آهي ته آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري شجاع احمد جوڻيجو مٿان الزام آهي ته هو 2010ع واري ٻوڏ کان پهرين کاتي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ درياءَ جي بچاءَ بندن جي مناسب سار سنڀال ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ دوران ڪشمور ضلعي جو ٽوڙي ۽ ٺٽي ضلعي جا مولچند شاهبندر ۽ پناهه- بگهاڙ بند ٽٽي پيا. هن مٿان اهو الزام پڻ آهي ته بند ٽٽڻ جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي نقصانن کان بچائڻ لاءِ هن جوڳا اپاءَ نه ورتا. انهيءَ کانسواءِ جاچ دوران ٻوڏ واري ڪميشن سان غلط بياني ڪندي ڄاڻي واڻي حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ڪري هن رٽائر آفيسر خلاف اينٽي ڪرپشن قانون هيٺ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وڃي. ذريعن موجب ان خط ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته انجنيئر شجاع احمد جوڻيجو 16 سيپٽمبر 2008ع ۾ آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ۽  30 سيپٽمبر 2009ع تي رٽائر ٿيو پر پهرين آڪٽوبر 2009ع کان 30 سيپٽمبر 2010ع تائين کيس وڌيڪ هڪ سال تائين ڪانٽريڪٽ تي کاتي جو سيڪريٽري رکيو ويو.