هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو ادارو صوبن حوالي ٿيندو؟؟

18هين ترميم جي نتيجي ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) کي صوبن حوالي ٿيڻو هو پر ڪجهه ماڻهن جي رڪاوٽن سبب اهو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق وٽ ئي رهجي ويو آهي، هونئن ته جڏهن 18هين ترميم پاس ٿي رهي هئي ته ان وقت به انهن ساڳين ماڻهن انهيءَ ترميم ذريعي وسيلا ۽ ادارا صوبن حوالي ٿيڻ جي مخالفت ڪئي هئي پر پوءِ به جيئن تيئن ڪري ميان رضا رباني 18هين ترميم تي اتفاق ڪرائي اها پارليامينٽ مان به پاس ڪرائي ويو ۽ پر هن وقت معاملو اهو وڃي بيٺو آهي ته وزارتن ۽ ڪجهه کاتن کي صوبن حوالي ڪرڻ تي وڏي واويلا مچائي پئي وڃي، پوءِ اها تعليم جي وزارت هجي يا وري هائر ايجوڪيشن ڪميشن، انهن ادارن کي صوبن حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪندڙ ته تمام گهڻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، تعليم جي تباهي جو ذڪر به ڪري رهيا آهن پر پارليامينٽ جا ميمبر ۽ انهيءَ آئيني سڌارن واري ڪاميٽي توڙي 18هين ترميم تي عمل لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه رضا رباني انهن جي واويلا کي رد ڪندي واضح ڪيو ته انهن جا جيڪي خدشا آهن، اهي بلڪل ئي بي بنياد آهن ۽ هيڪ توڙي تعليم واري وزارت صوبن حوالي سان تعليم تي ڪوبه اثر نه پوندو ۽ نه ئي وري شاگردن جي اسڪالرشپ متاثر ٿيندي، هن ته هيڪ کي ختم ڪري نئون ادارو ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو، پر پوءِ ڪجهه طاقتور ڌرين اهڙو ته ڪردار ادا ڪيو جو وزيراعظم کي اهو چوڻو پئجي ويوته هن معاملي کي في الحال التويٰ ۾ رکون ٿا ۽ نئين اين ايف سي ايوارڊ تائين هيڪ وفاق جي ڪنٽرول ۾ رهندو، ان ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر اهي قوتون ڪامياب ٿي ويون آهن جيڪي اختيار صوبن کي ڏيڻ جي حق ۾ ناهن، انهن قوتن جي ته خود نواز ليگ به 18هين ترميم عملدرآمد ڪاميٽي تان استعيفا ڏئي حمايت ڪئي آهي، هيڪ جو سربراهه ڊاڪٽر جاويد لغاري جڏهن اهو معاملو هلي رهيو هو ته اهو موقف پيش ڪري رهيو هو ته صوبا جيڪي سرڪاري اسڪول ئي نٿا هلائي سگهن ته اهي يونيورسٽيون ڪيئن هلائيندا، ان ڪري هيڪ کي صوبن حوالي ڪرڻ سان تعليم تباهه ٿي ويندي، ان ڏس ۾ هن مختلف دليل به ڏنا پر پارليامينٽ جي ميمبرن بشمول رضا رباني انهن دليلن کي رد ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته هيڪ کي صوبن حوالي ئي ٿيڻو آهي پر پوءِ ڇا ٿيو جو ڪجهه ڌريون وزيراعظم تائين پهچي ويون ۽ معاملي کي انا جو مسئلو بڻايو ويو ، جنهن ڪري ئي اهو ادارو هن وقت وفاق جي ڪنٽرول ۾ ئي هلي رهيو آهي، هيڪ کي صوبن حوالي ڪرڻ جي سڀ کان گهڻي مخالفت مشرف دور ۾ هيڪ چيئرمين رهندڙ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ڪئي، جنهن مختلف انٽرويوز ۾ اهو چيو ته ايڇ  اِي سي کي صوبن حوالي ڪرڻ جو منصوبو  احمقاڻو قدم آهي, ڇو ته ايئن ڪرڻ سان ملڪ جي هر صوبي جي يونيورسٽيز جو ڌار تعليمي معيار ۽ نظام هوندو. هن اهو دليل ڏنو ته جڏهن ته صوبائي حڪومتون اسڪولن جو نظام صحيح ريت هلائڻ جون اهل نه هجن ته  يونيورسٽيون ڪيئن هلائي سگهنديون،  ڊاڪٽر عطاءُالرحمان جي چوڻ مطابق ايڇ  اِي سي کي صوبن حوالي ڪرڻ سان يونيورسٽين  ۾ سياسي مداخلت وڌي ويندي ۽ ان جو نتيجو ڪرپشن جي صورت ۾ سامهون ايندو، هن دعويٰ ڪئي ته ايڇ  اِي سي جي ڪنهن عملدار تي گذريل 10 سالن ۾ اڄ تائين ڪرپشن ۽ ميرٽ خلاف ڪم ڪرڻ جو ڪو الزام ناهي لڳو ۽ ان جي بقول اداري جي معاملن جي اها ئي شفافيت سياستدانن کان برداشت نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سياستدان ايڇ  اِي سي تي ان لاءِ ڪاوڙ ڪڍي رهيا آهن ڇوته هن اداري انهن جون ڊگريون جعلي قرار ڏنيون ۽ ان ڏس ۾ هر قسم جو دٻاءُ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اهو ته عطاءُ الرحمان جو موقف هو پر ان جي جواب ۾ سياستدانن جا اهي بيان سامهون آيا ته مشرف دور ۾ اداري جي ڀينگ ڪندڙ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته صوبن وٽ به اهل ماڻهو آهن، جيڪي اهو ڪم ڪري سگهن ٿا صرف هو اهل ناهي، هنن اهو به واضح ڪيو ته عطاءُ الرحمان پنهنجي ايجنڊا بدران ڪنهن ٻئي ماڻهو جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، ان ڪري هو هيڪ کي صوبن حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيو آهي، هنن دعويٰ ڪئي ته صوبا يونيورسٽين کي بهتر نموني هلائي سگهن ٿا، ان ڪري عطاءُ الرحمان ۽ جاويد لغاري جهڙن ماڻهن کي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي.