|
ثقافتي پروگرامن ۾ مناسب سيڪيورٽي به فراهم نٿي ڪئي وڃي
اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ناهي ته ڪو به پروگرام پوءِ ڀلي اهو ڪير به ڪرائي هن ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ان اداري يا گروپ جي ذميواري هجي ٿي پر جيڪڏهن ڪو پروگرام عوامي ميلو بڻجي وڃي ٿو ته هن کي ڪو به ادارو يا گروپ سيڪيورٽي فراهم نه ٿو ڪري سگهي، اتي وري اسٽيٽ جو رول اچي وڃي ٿو ۽ اها اسٽيٽ جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري، حيدرآباد توڙي ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ توهان ڪو به سياسي جلسو ڪريو يا وري تفريحي پروگرام ان جي اجازت توهان کي لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کان وٺڻي پوي ٿي ۽ ضلعي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به پارٽي يا گروپ لاءِ ڪو به جلسو يا پروگرام ڪرائڻ ناممڪن آهي ۽ پوءِ لازمي آهي ته ضلعي انتظاميا جي اين او سي ملڻ کانپوءِ ئي اهو ممڪن ٿي سگهندو آهي، جڏهن حيدرآباد ۾ سيليبريٽنگ لائيف ميلو هنيو ويو هو ته هن جي ضلعي انتظاميا توڙي پوليس کي به ڄاڻ هئي پر سيڪيورٽي وري به اها نه هئي، جيڪا هئڻ گهرجي ها، حيدرآباد ضلعي انتظاميا هڪ ته پاڻ ماڻهن کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مٿان وري ڪو پروگرام ٿئي ٿو ته اتي به سيڪيورٽي انتظام نٿا ڪيا وڃن، تازو حيدرآباد جي هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ 20 لک رپيا فلاور شو لاءِ رکيا ويا هئا پر ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد 2 ڀيرا گڏجاڻيون ڪري فلاور شو جي تاريخ ملتوي ڪئي آهي، مٿان وري جيڪڏهن ڪو ادارو ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو ايونٽ ڪرائي ٿو ته اتي به رڳو 8 پوليس وارن کي هٿن ۾ لٺيون ڏئي هزارين ماڻهن کي روڪڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو، ڇا هزارين ماڻهن جن ۾ اوباش ماڻهو به شامل هجن ٿا، انهن کي نظم ضبط ۾ رکڻ لاءِ 8 پوليس اهلڪار ڪافي آهن، اهڙي طرح پوليس نفري گهٽ هئڻ جو عذر ڄاڻائي ٿي ته پوءِ خدانخواسته هزارين ماڻهن جي ميلي ۾ ڪا زندگي ختم ٿي وڃي ته هن جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿيندي. اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ناهي ته ڪو به پروگرام پوءِ ڀلي اهو ڪير به ڪرائي هن ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ان اداري يا گروپ جي ذميواري هجي ٿي پر جيڪڏهن ڪو پروگرام عوامي ميلو بڻجي وڃي ٿو ته هن کي ڪو به ادارو يا گروپ سيڪيورٽي فراهم نه ٿو ڪري سگهي، اتي وري اسٽيٽ جو رول اچي وڃي ٿو ۽ اها اسٽيٽ جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري، حيدرآباد توڙي ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ توهان ڪو به سياسي جلسو ڪريو يا وري تفريحي پروگرام ان جي اجازت توهان کي لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کان وٺڻي پوي ٿي ۽ ضلعي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به پارٽي يا گروپ لاءِ ڪو به جلسو يا پروگرام ڪرائڻ ناممڪن آهي ۽ پوءِ لازمي آهي ته ضلعي انتظاميا جي اين او سي ملڻ کانپوءِ ئي اهو ممڪن ٿي سگهندو آهي، جڏهن حيدرآباد ۾ سيليبريٽنگ لائيف ميلو هنيو ويو هو ته هن جي ضلعي انتظاميا توڙي پوليس کي به ڄاڻ هئي پر سيڪيورٽي وري به اها نه هئي، جيڪا هئڻ گهرجي ها، حيدرآباد ضلعي انتظاميا هڪ ته پاڻ ماڻهن کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مٿان وري ڪو پروگرام ٿئي ٿو ته اتي به سيڪيورٽي انتظام نٿا ڪيا وڃن، تازو حيدرآباد جي هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ 20 لک رپيا فلاور شو لاءِ رکيا ويا هئا پر ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد 2 ڀيرا گڏجاڻيون ڪري فلاور شو جي تاريخ ملتوي ڪئي آهي، مٿان وري جيڪڏهن ڪو ادارو ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو ايونٽ ڪرائي ٿو ته اتي به رڳو 8 پوليس وارن کي هٿن ۾ لٺيون ڏئي هزارين ماڻهن کي روڪڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو، ڇا هزارين ماڻهن جن ۾ اوباش ماڻهو به شامل هجن ٿا، انهن کي نظم ضبط ۾ رکڻ لاءِ 8 پوليس اهلڪار ڪافي آهن، اهڙي طرح پوليس نفري گهٽ هئڻ جو عذر ڄاڻائي ٿي ته پوءِ خدانخواسته هزارين ماڻهن جي ميلي ۾ ڪا زندگي ختم ٿي وڃي ته هن جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿيندي. |
|
The Kawish Group of
Publication |