باغين جي گروپ جا اڳواڻ ڪير آهن؟

ڪنهن ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ ڏکيو ضرور آهي پر ان کان وڌيڪ ڏکيو مرحلو اهڙين ويڙهه وارين حالتن ۾ ملڪ جو انتظام سنڀالڻ آهي، هينئر جڏهن لبيا ۾ باغين ۽ قذافي جي فوج وچ ۾ سخت ويڙهه وڙهي پئي وڃي تڏهن ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته آخر قذافي کانپوءِ لبيا جو سربراهه ڪير ٿيندو؟ عالمي ميڊيا موجب ماهر اهو سمجهن ٿا ته باغين وچ ۾ نظرياتي، سياسي ۽ قبائلي اختلاف موجود آهن، باغين فيبروري کان وٺي آگسٽ تائين 6 مهينن دوران ملڪ جي جن حصن تي قبضو ڪيو آهي اتي هنن پنهنجي عبوري انتظاميا قائم ڪئي آهي، باغين جي عبوري قومي ڪائونسل به جوڙي وئي آهي، سندن ويب سائيٽ موجب اها قومي ڪائونسل 31 ميمبرن تي مشتمل آهي، باغين جا جيڪي اڳواڻ آهن انهن جو تعارف هتي پيش ڪجي ٿو.

مصطفيٰ محمد عبدالجليل: ڪائونسل جي ويب سائيٽ موجب نگران انتظاميا جو سربراهه يعني چيئرمين مصطفيٰ محمد عبدالجليل آهي، هو قذافي سرڪار ۾ انصاف جو وزير هو، ٰ هلندڙ سال لبيا ۾ عوامي احتجاج جي شروعات کانپوءِ فيبروري ۾ جڏهن قذافي سرڪار احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو ته مصطفيٰ محمد عبدالجليل پنهنجي وزارت تان احتجاج طور استعيفا ڏئي ڇڏي، مصطفيٰ اوڀر واري شهر بيدا ۾ 1952ع ۾ پيدا ٿيو، هن لبيا جي يونيورسٽي مان شريعت ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد هو جج بڻيو ۽ هو حڪومت مخالف فيصلا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو.

عبدالحفيظ گهوگا: عبدالحفيظ گهوگا بن غازي جو رهواسي ۽ سماجي توڙي انساني حقن جو ڪارڪن آهي، کيس فيبروري ۾ باغين جي احتجاج کانپوءِ فوري طور تي گرفتار ڪيو ويو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو، هو لبيا جي بار ايسوسيئيشن جو صدر به رهي چڪو آهي، هن جڏهن پاڻ کي عبوري ڪائونسل جو ترجمان ظاهر ڪيو ته کيس شهرت ملي، هو عبوري ڪائونسل جو وائيس چيئرمين آهي ۽ کيس هاڻي باقاعده ترجمان به مقرر ڪيو ويو آهي.

عمر الحريري: هي انهن فوجي آفيسرن مان هڪ آهي جيڪي 1969ع ۾ ڪرنل قذافي کي فوجي انقلاب ذريعي اقتدار ۾ آڻڻ واري بغاوت ۾ شامل هئا، جڏهن جنرل عمر الحريري قذافي سان اختلاف ظاهر ڪيا ته کيس گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو، حريري اولهه لبيا جي فرجان قبيلي سان تعلق رکي ٿو  ۽ کيس ڪرنل قذافي جي مضبوط ڳڙهه سريت جي ڀرپاسي حمايت حاصل آهي، هڪ انٽرويو ۾ عمرالحريري جو چوڻ هو ته هن ڪرنل قذافي کي جواني ۾ گاڏي هلائڻ سيکاري هئي، هن چيو ته افسوس آهي جو 1969ع جي بغاوت وقت باغين وٽ واضح منصوبو نه هو ۽ اسين هاڻي اهڙي غلطي ورجائڻ نٿا چاهيون، عمر الحريري کي باغين جي نئين انتظاميا ۾ دفاع وارن معاملن جو انچارج بڻايو ويو آهي، مبصرن جو خيال آهي ته حريري جي مقرري سان باغين وچ ۾ دفاعي رابطا بهتر ٿيندا.

محمود جبريل: بغاوت کان اڳ محمود جبريل ٻين دانشورن سان گڏ لبيا ويزن نالي منصوبي سان ڳنڍيل هو، ان منصوبي جو ٽارگيٽ ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ هو، محمود جبريل اڄڪلهه باغين جي نئين انتظاميا ۾ پرڏيهي معاملن جو انچارج آهي، محمود جبريل 1952ع ۾ پيدا ٿيو، هن پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ فيصلي سازي جي مضمون ۾ آمريڪي يونيورسٽي مان ڊاڪٽري جي ڊگري به حاصل ڪيائين. هو آمريڪا ۾ تدريسي شعبي سان ڳنڍيل رهيو ۽ هن ڪيترائي ڪتاب به لکيا آهن.

علي ايساوي : مسرار علي ايساوي 21 فيبروري تي ڀارت ۾ لبيا جي مقرر سفير  طور استعيفيٰ ڏني هئي، علي ايساوي رومانيا ۾ نجڪاري جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، هو 2006ع ۾ قذافي سرڪار جو خزاني ۽ نجڪاري جو وزير مقرر ٿيو ۽ 2009ع ۾ ڪابينا ۾ تبديلي کانپوءِ کيس ڪابه وزارت نه ملي، جنهن کانپوءِ کيس ڀارت ۾ لبيا جو سفير مقرر ڪيو ويو هو ۽ هو اڄڪلهه محمود جبريل سان گڏ پرڏيهي معاملا سنڀالي ٿو.

احمد الزبير احمد السنوسي: احمد الزبير لبيا جو سڀ کان ڊگهي عرصي تائين رهندڙ ضمير جو قيدي هو، ڪرنل قذافي خلاف 1970ع ۾ بغاوت جي سازش جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ هو 31 سالن تائين جيل ۾ رهيو، کيس اڪثر طور تنها رکيو ويو ۽ کيس آگسٽ 2001ع ۾ آزاد ڪيو ويو هو.

فتحي محمد باجا: آمريڪا مان تعليم حاصل ڪندڙ فتحي محمد باجا بن غازي يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر آهي، هو شهري ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو، مٿس ڳجهن ادارن حڪومت مخالف مضمون لکڻ جو الزام هنيو هو، 58 سالن جي فتحي انقلاب لاءِ منشور به لکيو آهي.

فتحي تربل صلوا: فتحي تربل صلوا عوامي احتجاج جي شروعات ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هي هڪ نوجوان وڪيل آهي، جنهن بن غازي ۾ پرامن احتجاج جو بندوبست ڪيو هو جنهن تي هو گرفتار به ٿيو هو، جڏهن مظاهرو ڪندڙ سندس آزادي لاءِ ٿاڻي تي پهتا ته پوليس مٿن گوليون هلايون، جنهن کانپوءِ بن غازي کان اهو احتجاج طرابلس تائين پهچي ويو.

صلوا الدغيلي: بن غازي سان تعلق رکندڙ وڪيل صلوا الدغيلي اوڀر لبيا جي هڪ مشهور خاندان سان تعلق رکي ٿو، سندس چاچي کي حڪومت مخالف سرگرميون ڪرڻ تي قيد رکيو ويو، صلوا باغين جي شروع واري احتجاج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عبوري ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ۾ قانون جو پروفيسر عبدالله موسي الميحوب، بن غازي جو واپاري احمد عبد ربوح الابر، عثمان سليمان ۽ اشور حامد براشد شامل آهن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com