42 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ معمر قذافي ڪٿي آهي؟

لبيا ۾ باغين پاران ڪرنل معمر قذافي جي هيڊڪوارٽر باب العزيزيا تي قبضي کانپوءِ باغي پنهنجي فتح جو جشن ملهائي رهيا آهن ۽ ڪرنل قذافي خبر ناهي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي، سندس بيان ته ميڊيا تي سامهون اچي رهيا آهن جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هو آخري ساهه تائين ويڙهه وڙهندو ۽ فتح حاصل ڪندو پر اهو سوال اهم آهي ته ڪرنل قذافي هينئر ڪٿي آهي؟ باغين جي آمريڪا سوڌو نيٽو جا ٻيا ملڪ مدد ڪري رهيا آهن ۽ انهن ملڪن جي جاسوسي ايتري ته تيز آهي جو عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته آمريڪا کان ڪابه شيءِ ڳجهي ناهي پر جيئن عراق تي آمريڪا جي قبضي کانپوءِ صدام حسين لڪي ويو هو تيئن وري هاڻي قذافي به گم ٿي ويو آهي، پنهنجي 42 سالن جي اقتدار کانپوءِ قذافي ڪهڙو رستو وٺندو ان بابت اڃا ڪابه حتمي ڳالهه سامهون نه آئي آهي، قذافي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو محفوظ هنڌ تي خير سان آهي، هن چيو ته مونکي اهو محسوس ٿو ٿئي ته تريپولي خطري ۾ ناهي، جيتوڻيڪ ڪرنل قذافي جي موجوده صورتحال ۾ دوست ملڪ به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ڪنهن عرب ملڪ کيس پناهه ڏيڻ جي آڇ به نه ڪئي آهي، جڏهن ته آفريڪي ملڪ نڪارا گوا قذافي کي سياسي پناهه ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته قذافي ”فتح يا شهادت“ جي نقطي تي باغين سان ويڙهه وڙهي رهيو آهي، ظاهر آهي ته قذافي موجوده صورتحال ۾ ڪنهن محفوظ هنڌ تي منتقل ٿي ويو هوندو، جتي جو علائقو سندس حامين جي ڪنٽرول ۾ هوندو يا وري هو ڪنهن ڳجهي هنڌ تي لڪل هوندو، اها ڳالهه به اهم آهي ته قذافي سان گڏ سندس 40 باڊي گارڊ عورتون به گم آهن، ظاهر آهي ته اهي اڄ به سندس حفاظت تي مقرر هونديون، قذافي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هو مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي وفا تي وڌيڪ يقين رکي ٿو، تنهنڪري هن پنهنجي حفاظت لاءِ عورت گارڊ رکيون آهن، ماضي ۾ قذافي انهن حسينائن جي پهري ۾ بيخوف گهمندو هو، پر اڄ هو لڪڻ تي مجبور آهي، قذافي تي ماضي ۾ به هڪ دفعو حملو ٿيو هو جنهن دوران سندس عورت گارڊ اڳيان اچي پاڻ گولي کائي قذافي کي بچائي ورتو، ڏسجي ته هاڻي اهي 40 حسينائون گارڊ سندس زندگي ڪيستائين بچائين ٿيون؟