پاڪ-آمريڪا
سفارتي لاڳاپا لاهور ۾ سي آءِ اي جي ڪانٽريڪٽر ريمنڊ ڊيوس جي 27 جنوري 2011ع تي
گرفتاري بعد انتهائي پيچيده ٿي ويا آهن، ريمنڊ ڊيوس جي گرفتاري بعد اڳوڻي پرڏيهي
وزير شاهه محمود قريشي کيس سفارتڪار قرار ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي آمريڪا جي
مخالفت ۽ حڪومت سان اختلافن سبب شاهه محمود قريشي کي ٻيهر پرڏيهي وزير نه بڻايو ويو،
پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت ۾ تقريبن 6 مهينا خالي پيل رهي، ان دوران آمريڪا سان سفارتي
لاڳاپا سرد مهري ۾ هليا ويا، اهو ان مان به واضح ٿئي ٿو ته پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ
ڳالهين لاءِ به تاريخ مقرر نه ٿي آهي، پاڪ آمريڪا سفارتي ڳالهيون هلندڙ سال جي
پهرين ڇهن مهينن ۾ ٿيڻيون هيون پر پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه
ٿي آهي، پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين جو نه ٿيڻ هڪ وڏو سبب پاڪستان ۾ سفارتڪارن تي
پابنديون به آهن، پابندين تحت سفارتڪارن کي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ وڃڻ کان اڳ
باضابطه طور آگاهه ڪرڻو پوي ٿو، پاڪ آمريڪا سفارتي لاڳاپا ان وقت ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا
هئا جڏهن سفارتڪارن تي پابندين سبب آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر کي اسلام آباد ايئرپورٽ
تي روڪيو ويو، ڪيمرون منٽر کي ايئرپورٽ عملدارن ٻڌايو ته هن پرڏيهي وزارت کي اڳواٽ
چرپر کان آگاهه ناهي ڪيو، ان ڪري کيس روڪيو ويو آهي، آمريڪي سفير ڪيمرون اهو
معاملو
صدر آصف علي زرداري سان به اٿاريو هو، ان بعد پاڪستان جي پرڏيهي وزارت سفارتڪارن تي
پابندين تي آمريڪي مخالفت سبب هڪ نئون فارمولا تيار ڪيو، جنهن تحت آمريڪا سميت ٻنهي
ملڪن جي سفارتڪارن کي پاڪستان جي پابندي مڙهيل علائقن ۾ وڃڻ کان 15 ڏينهن اڳ اجازت
وٺڻي پوندي، جڏهن ته عام علائقن ۾ وڃڻ کان اڳ سفارتڪارن کي 5 ڏينهن اڳ ضرور آگاهه
ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو ان بابت موقف آهي ته سفارتڪارن
جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آگاهي ضروري قرار ڏني وئي آهي پر آمريڪا ان کي
پابندي قرار ڏيندي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتڪارن تي پابندي جي ڌمڪي به ڏئي چڪو آهي،
سفارتڪارن تي پابندين واري معاملي جو هڪ پسمنظر اهو به آهي ته ڪجهه آمريڪي قانوني
طور پشاور جو دورو ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري رهيا آهن، تازو 4 آمريڪي پشاور پهتا ته
ايئرپورٽ عملدارن کين پشاور جي وزٽ ويزا ڏيکارڻ لاءِ زور ڀريو، وزٽ ويزا نه هئڻ تي
آمريڪين کي واپس اسلام آباد موڪليو ويو، ان جي ڪجهه ڏينهن بعد آمريڪي موٽر وي ذريعي
اسلام آباد کان پشاور پهتا هئا ته هڪ ڏينهن بعد کين اسلام آباد واپس وڃڻو پيو هو،
سفارتڪارن تي پابندين بابت پرڏيهي وزير حنا رباني کر چئي چڪي آهي ته آمريڪا سان
معاملي تي ڳالهيون جاري آهن ۽ سفارتڪارن جي سيڪيورٽي وارو معاملو جلد حل ٿي ويندو،
ان دوران پرڏيهي وزير حنا رباني کر ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن ۾ ٽيليفون تي
به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر معاملو ڪٿي اٽڪيل آهي ان جو اظهار نه پاڪستان ڪري ٿو ۽ نه
وري آمريڪا ان بابت ڪا ڳالهه منظر عام تي آڻي ٿو، موجوده صورتحال کي ڏسي اهو چئي
سگهجي ٿو ته پاڪ آمريڪا سفارتي لاڳاپا ايترا بهتر ناهن جيترا ٻنهي ملڪن پاران
ٻڌايا وڃن ٿا.
The Kawish Group of
Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh
Pakistan.
Phone:+92
(22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772,
2781167 Email:
kawish12@yahoo.com
----
thekawish_hyd@yahoo.com